ماس ڪميونيڪيشن سان تعلق
هجڻ، ڄڻ انسانيت سان ڳانڍاپو يا رابطو قائم ڪرڻ آهي: سيد شير شاهه بخاري
سنڌيءَ ٻوليءَ جو ڄاڻون،
استاد، اديب، لغت ساز، نصاب ساز ۽ تعليمي ماهر سيد شير شاهه بخاري کان انٽرويو
ڳالهه ٻولهه: اڪرم رانجهاڻي
ايم. اي پرويويس. ماس
ڪميونيڪيشن. رول نمبر: ٽو ڪي 17، ايم ايم سي. 09)
تعارف:
سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد جي آفيس جي پهرين فلور تي هڪ
ڪنڊ ۾ قائم ڪمري اندر هڪ شخص ويٺل آهي، لئنگويج اٿارٽي جي ان ڪمري جي ٻاهران لڳل
تختي تي ڊڪشنري بورڊ لکيل آهي ۽ انهيءَ ساڳئي ڪمري ۾ ويٺل اهو ماڻهو ان ڊڪشنري
بورڊ آفيس جو انچارج سيد شير شاهه بخاري آهي. سيد شير شاهه بخاري هونئن ته هاڻوڪن
ڏينهن دوران سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد
جي ڊڪشنري بورڊ واري سيڪشن ۾ مفصل سنڌي لغت بابت پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو
آهي، پر سندس حياتي ۽ سندس جيون جي تاريخ هڪ تحرڪ، تعليمي جدوجهد ۽ سنڌي ٻوليءَ جي
خدمت ۾ ئي گذري آهي. پڙهڻ، پڙهائڻ ۽ استادن کي تربيت ڏيڻ توڙي سندن شعوري پالنا
ڪرڻ سندس جو بنيادي شيوو رهيو آهي. سيد شير شاهه بخاري کي هڪ ئي هنڌ سنڌيءَ ٻوليءَ
جي ڄاڻون، استاد، اديب، لغت ساز، نصاب ساز ۽ تعليمي ماهر طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو ۽
اها ئي سندس سڃاڻپ آهي. سيد شير شاهه بخاري 14 جنوري 1940ع ڌاري مٽياري ضلعي هالا
تعلقي جي ڳوٺ امين لاکي ۾ سيد پير شاهه بخاري جي گهر ۾ جنم ورتو، هن ابتدائي تعليم
گورنمينٽ پرائمري اسڪول امين لاکي ۾ 4 درجا پاس ڪري لوڪل بورڊ اي پي اسڪول ڏيپر (هاڻوڪو
منصوره) هالا مان 3 درجا انگريزي جي تعليم حاصل ڪئي، جڏهن ته سيد شير شاهه بخاري
1959ع دوران گورنمينٽ غلام حيدر صديقي مدرسا هاءِ اسڪول هالا مان مئٽرڪ پاس ڪئي،
ان کانسواءِ 1962ع ۾ هن انٽر آرٽس پاس ڪيو ۽ 1964ع ڌاري سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد
مان گريجوئيشن ڪري تعليم کاتي ۾ نوڪري حاصل ڪري انسٽيڪٽر جي حيثيت سان ٽيچرس اسڪول
مٺياڻي ضلعي نوشهروفيروز ۾ درس و تدريس جو عمل شروع ڪيو. مهينو کن مٺياڻي اسڪول ۾
رهڻ بعد اتان بدلي ڪرائي ٽيچرس ٽريننگ اسڪول سڪرنڊ ضلعو نوابشاهه ۾ اچي استادن جي
تربيت لاءِ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون، 1967ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ بي ايڊ ڪرڻ
لاءِ داخل وٺي هڪ سال جو بي. ايڊ جو ڪورس ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر ساڳئي ايڇ ايس ٽي واري
نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي. سيد شير شاهه ساڳئي وقت سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۾ ايم. اي
به ڪري ورتي هئي، جڏهن ته 1969ع ڌاري سڪرنڊ ٽيچرس ٽريننگ اسڪول مان بدلي ڪرائي
حيدرآباد جي تاريخي ٽريننگ ڪاليج فار مين ۾ استادن کي ٽريننگ ڏيندو رهيو. ان سان
گڏوگڏ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشوري ۾ پڻ نصاب سازي جي حوالي سان پنهنجون خدمتون
سرانجام ڏنيون، ان کانسواءِ 1974ع ڌاري ايم. ايڊ جي به ڊگري حاصل ڪئي ۽ 1972ع جي تعليمي
پاليسي تحت استادن جا تربيتي ادارا اپ گريڊ ڪري تربيتي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ اڪثر
استادن کي به اپ گريڊ ڪري ليڪچرار جو درجو ڏنو ويو، جتي 1995ع ڌاري هن پرنسپل جي
عهدي تي پروموشن حاصل پڻ ڪيو. ائين ئي 14 جنوري 2000ع ۾ پنهنجي ملازمت جو مدو پورو
ڪندي ريٽائرمينٽ ورتي. جڏهن ته سيد شير شاهه بخاري سرڪاري نوڪري تان رٽائرڊ ٿيڻ
کانپوءِ به خاموش ٿي ڪا ڪنڊ وسائي خاموش ٿي ويهي نه رهيا، پر هر ڪهرائڻ، زمين
کيڙائڻ ۽ اپت حاصل ڪرڻ واري ڪرت يعني آبادگاري جي معاملي سان لاڳاپجي ويا، ائين
شير شاهه بخاري پنهنجي ئي اباڻي زمين کيڙائڻ شروع ڪئي، جنهن جي مد ۾ هن پنهنجن
وڏڙن جي ورثي منجهان ڇڏيل زمين تي ٽيوب ويل لڳرائي، اتي زمين تي مينهون، ڍڳيون ۽
ٻيو مال متاع رکرايو، انبن، ليمن ۽ ڪجهه ٻين فروٽن جي به جديد طرز عمل سان
آبادڪاري ڪرائي، جنهن مان پيداواري حاصل ڪري پنهنجو ۽ حيدرآباد جهڙي شهر ۾ پڙهندڙ
پنهنجن ٻچڙن جو پڻ حياتي جو گاڏو هلائيندو رهيو، ائين ڪندي ٿوري عرصي کانپوءِ هن
زمين تي آبادگاري واريون اهي سموريون ذميواريون پنهنجي هڪ پٽ حوالي ڪري حيدرآباد ۾
رهائش اختيار ڪئي. سيد شير شاهه بخاري پنهنجي نوڪري دوران سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ
ڄامشوري جي سنڌي مادري زبان جي ڪتاب لکندڙن جي پينل سان گڏ رهندو هيو، جنهن دوران
کيس نصاب سازي، ڪتابن جي نظرثاني وارو ڪم توڙي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ جهڙيون ذميواريون
سونپيون وينديون هيون، ان ڪري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ وارن سان مسلسل رابطو هئڻ ڪري
ريٽائرمينٽ کان بعد به کيس ٻيهر ساڳئي ڪم جون ذميوارين سندس حوالي ڪيون ويون. ان
کانسواءِ اڄ کان 4 سال اڳ سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي اڳوڻي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده
حسين سنڌي لغت مفصل سنڌي لغات جي نالي سان هڪ رٿا سنڌ حڪومت کان منظور ڪرائي ۽ ان
منصوبي تي ڪم ڪرڻ لاءِ پڻ سيد شير شاهه بخاري کي آڇ ڪئي وئي، جيڪا هن قبول ڪئي ۽
موجوده ڏينهن دوران پڻ ڪانٽريڪٽ تي سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد ۾ لغت ساز ۽
ڊڪشنري بورڊ جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. ساڳئي وقت لغت ساز
سان گڏوگڏ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڪتابن جي ايڊيٽنگ، نظرثاني ۽ لکڻ جو ڪم اڃا تائين
جاري آهي.
سوال: تعليمي ماهر جي حيثيت ۾ ٻڌايو ته موجوده ڏينهن
دوران تعليمي ادارن ۾ پڙهايو ويندڙ نصاب ڪيتري قدر بهتر آهي؟
سيد شير شاهه: استاد ۽ شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ جي ڏس ۾
سنجيده آهن ته پوءِ نصاب ۾ هروڀرو ڪابه کوٽ ناهي، جديد معلومات ۽ ٽيڪنالوجي جي
ايڊوانسمينٽ متعلق گهڻيون ئي ڳالهيون نصاب ۾ شامل آهن، پر اهي ڳالهيون ٻطرفي بي
ڌياني جو شڪار آهن. هڪ ڏس ۾ ميرٽ جي لتاڙ تعليم حاصل ڪندڙن ۾ گهٽ دلچسپي جو پڻ وڏو
سبب آهي. ان کانسواءِ جديد گهرجن کي مدنظر رکندي ملڪي، اقتصادي ۽ سماجي قدرن مطابق
نصاب تيار ڪري پڙهندڙن ۽ پڙهائيندڙن تائين پهچايو وڃي.
سوال: اسان جي سماج ۾ لٽريسي ريٽ جي ڪيتري قدر واڌ ٿي
آهي ۽ ماڻهن ۾ تعليمي قابليت کي ڪهڙي نظر سان ڏسي رهيا آهيو؟
سيد شير شاهه: اسان جي سماج جي لکيل پڙهيل ماڻهن مان لٽريسي ريٽ سڌريل قومن
جي ڀيٽ ۾ گهٽيو آهي، جڏهن ته 22 سيڪڙو عورتون ۽ 40 کان 45 سيڪڙو مرد ئي تعليم
يافته آهن، والدين ۽ معاشري جا فرد جن ۾ تعليمي ادارا پڻ اچي وڃن ٿا، پنهنجا فرض
پوري طرح ادا نه ٿا ڪن، ان کانسواءِ بظاهر جيترا تعليمي ادارا وڌيا آهن، ان حساب
سان لٽريسي ريٽ به وڌڻ گهرجي.
جڏهن ته هاڻوڪن ڏينهن ۾ نياڻين جي تعليم طرف وڌڻ جي
ڪوشش ورتي پئي وڃي ۽ نياڻين کي پڙهائڻ جون سهولتون پڻ ميسر ڪري ڏنيون پيون وڃن،
جنهن ۾ سرڪار به سنجيده نظر اچي رهي آهي، ان مان بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته
اسان تعليمي ميدان ۾ اڳتي وڌي رهيا آهيون. رياست ۽ پرڳڻي طرفان خاص طور تي صوبائي
خودمختياري ملڻ کانپوءِ اڳتي وڌي رهيا آهيون ۽ سٺن نتيجن ملڻ لاءِ پڻ پراميد
آهيون.
سوال: عورت جو لکيل پڙهيل هئڻ ضروري آهي؟
سيد شير شاهه: هڪ چوڻي آهي ته عورت پڙهي ته گهر
پڙهيو، گهر پڙهيو ته جڳ پڙهيو، هونئن به تعليم حاصل ڪرڻ مرد توڙي عورت لاءِ لازمي
آهي.
سوال: اوهان تعليمي خدمتن کي زندگي جو ڪيترو حصو
ارپيو آهي؟
سيد شير شاهه: سڄي حياتي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي پيشي سان
لاڳاپيل رهي آهي ۽ مون پنهنجي سموري زندگي درس ۽ تدريس جي پيشي کي ارپي اٿم، هن
وقت به مون پنهنجو تعلق پنهنجي درس ۽ تدريس واري پيشي ۽ قلم کان ڌار نه ڪيو آهي.
سوال: اوهان تعليمي ماهر جي حيثيت سان استادن جي
تربيت ڪئي آهي، اهي ڪهڙا تربيتي ادارا آهن، جن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن؟
شير شاهه: نوشهروفيروز ضلعي جي مٺياڻي ٽيچرس ٽريننگ
اسڪول کان پنهنجي ملازمت جي شروعات ڪئي، پوءِ ٽريننگ اسڪول سڪرنڊ ۾ پنهنجون خدمتون
سرانجام ڏنيون، جيڪي ٻئي ادارا نوابشاهه ۾ اچي وڃن ٿا، ان بعد حيدرآباد جي قديم
ترين ٽريننگ ڪاليج فار مين ۾ هاڻوڪي ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن مين حيدرآباد ۾
پنهنجي ملازمت جو مدو پورو ڪيو، جڏهن ته جزوي طور ٻين لاڳاپيل استادن جي تربيتي
ادارن ۾ پنهنجين خدمتن کي صرف ڪندو رهيس، جن ۾ ايجوڪيشن ٽيڪنالوجيز سينٽر ڊويزن
حيدرآباد، ان سروس ٽريننگ سينٽر حيدرآباد، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) طرفان سگا
جي اسڪولن جي ڪم ڪندڙ استادن کي ضرورت وقت مادري زبان پڙهائڻ جا فرض پڻ نڀايا آهن.
سوال: سنڌي لئنگويج اٿارٽي سنڌي لغت تي ڪهڙو ڪم رهي
آهي ۽ اڳڀرائي ڪيتري قدر ٿي آهي؟
سيد شير شاهه: سنڌ لئنگويج اٿارٽي سنڌي ٻولي جو
بااختيار ادارو آهي، جنهن پاڻ وٽ سنڌي ٻولي جي حوالي سان ڊڪشنري بورڊ جهڙو سيڪشن
قائم ڪيو آهي، جنهن سيڪشن جو ڪم سنڌي ٻولي کي ترقي وٺرائڻ آهي، ان حوالي سان اسان
به مفصل سنڌي لغت تي وڏي محنت سان ڪم ڪري رهيا آهيون. ان سلسلي ۾ پهريون واليم ا
کان ٻه تائين، 1000 صفحن تي مشتمل ڇاپو مارڪيٽ ۾ آڻي چڪا آهيون، ڀ، ت، ٿ، ٽ وارو
400 صحفن تي ٻڌل واليم ڇپائي لاءِ پڻ موڪلي چڪا آهيون، ٽ، ث، پ ۽ ج تي مشتمل واليم
تياري هيٺ آهي، جيڪو جلدي ڇپائي لاءِ موڪليو
ويندو، اهڙي طرح سنڌي الفابيٽ جي “ي” تائين تقريبن 15 کن واليم آڻڻ جي رٿا
اسان جي اڳيان آهي. ان کانسواءِ جيترو وقت ۽ حالتن اجازت ڏني، پنهنجي قوم ۽ ماءُ
ٻولي لاءِ خدمت ڪئي آهي ۽ ڪندا پڻ رهنداسين.
سوال: ڊڪشنري ڇو لکي وڃي ٿي، ڇا تعليمي ميدان ۾ رهندڙ
ماڻهو ڊڪشنري مان ڪو فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا؟
سيد شير شاهه: اهي لفظ جيڪي معنيٰ طلب آهن، روزمره جي
ڪاروهنوار کان وٺي نظم توڙي نثر ۾ ڪتب اچن ٿا، پوءِ اهي قديم هجن يا جديد هجن،
پنهنجي ٻولي جا نج لفظ هجن يا ٻين ٻولين کان وٺي اسان جي عام استعمال ۾ ايندا هجن،
اهي هڙئي لفظ هڪ هنڌ گڏ ڪري، انهن کي معنائون ڏئي هڪ ڊڪشنري تيار ڪئي ويندي آهي،
ائين انگريزي سميت دنيا جي هر ٻولي پنهنجي پنهنجي زبان ۾ ڊڪشنري تيار ڪري ٿي. ان ۾
ڪوبه شڪ ناهي ته تعليمي ميدان ۾ رهندڙ ماڻهو يا تعليمي سلسلي سان لاڳاپيل نوجوان
شاگردن توڙي شاگردياڻين کي ڊڪشنري مان تمام گهڻو فائدو حاصل ٿئي ٿو ۽ علم توڙي ڄاڻ
ملي ٿي، مثال طور ڪوبه شاگرد يا شاگردياڻي انگريزي سکڻ لاءِ ڪنهن اسڪول يا تربيتي
سينٽر تي ويندو آهي ته ان کي انگريزي سکڻ دوران انگريزي ٻولي جي ڏکين لفظن جون
معنائون حاصل ڪرڻ لاءِ ڊڪشنري جو استعمال ڪرڻ تمام ضروري ٿئي ٿو، اهڙي ريت هو
انهيءَ ڊڪشنري مان انگريزي ٻولي جي لفظن جو ذخيرو حاصل ڪري ان ٻولي ۾ مهارت حاصل
ڪري وٺي ٿو، ساڳئي ريت سنڌي ٻولي جي ڊڪشنري به ائين ئي ڪم اچي ٿي، جنهن ۾ اصلوڪا
لفظ ۽ ڏکين لفظن جون معنائون اچي وڃن ٿيون. ان حوالي سان اسان جي ڪوشش آهي ته نه
فقط ادب، بلڪه ٻين سماجي ۽ سائنسي علمن توڙي ٽيڪنالوجي جا لفظ جيڪي ميڊيا جي دور ۾
عام استعمال هيٺ اچن ٿا، انهن کي وقت جي ضرورت سمجهي پڙهندڙن جي رهنمائي لاءِ لغت
۾ پڻ شامل ڪيا ويندا، مفصل سنڌي لغت ۾ ڪوشش ڪري لفظن جا ڌاتو، گرامر، مصدر، انهن جا
مٿيرا اصطلاح، پهاڪا ۽ عام چوڻيون پڻ ڏنيون وڃن ٿيون، اها ئي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته
هر مشڪل لفظ جي سمجهاڻي لاءِ ڪو بيت، ڪو پهاڪو يا عام چوڻي واري لفظ جي معنيٰ جي
هيٺيان ڏني وڃي. ان کانسواءِ اهو پڻ واضح
ڪيو وڃي ٿو ته ڏنل لفظ ڪهڙي ٻولي سان واسطو رکي ٿو. ان عمل مان عام ماڻهو توڙي
تعيلمي ادارن سان لاڳاپيل استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تمام گهڻو فائدو پهچي
ٿو.
سوال: سنڌ يونيورسٽي مان اوهان ايم. اي سنڌي ادب ۽
ايم ايڊ پڻ ڪئي آهي، ورسٽي جون ڪي يادون هجن؟
سيد شير شاهه: سنڌ ورسٽي ۾ گذريل حياتي جي ڏينهن جون
يادگيرين جو ذڪر نه ڪجي ته بهتر آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ به ڄامشوري جي هر پٿر
سان پيار آهي، وک وک تي يادون آهن، ڪهڙيون ساري ڪهڙيون سارجن.
سيد شير شاهه: ادب قومن جي تاريخ آهي ۽ ادب قومن جي
تهذيب، تمدن، رهڻي ڪهڻي، مزاج ۽ نفسيات جي ڄاڻ ئي ٿو، ان کانسواءِ تاريخ آئينو
آهي، اهڙي طرح ادب به آئينو آهي، انساني جذبات ۽ احساس واضح ٿيل ٿين ٿا، جنهن ۾ هر
قسم جي تفريح، معلومات ۽ اصلاح جي واٽ ڏسيل آهي. ادب ماڻهو کي خوشي به ڏئي ٿو ۽
راهه به ڏيکاري ٿو، ان کانسواءِ آئينده لاءِ پنهنجا مقصد مقرر ڪرڻ جي توفيق به
بخشي ٿو.
سيد شير شاهه: نثر نويسن ۾ علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر
نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر علامه دائودپوٽو، عثمان علي انصاري، محمد اسماعيل عرساڻي، مير
الهه بخش ٽالپر، قديم شعره ۾ لطيف جو ڪوبه مٽ ثاني ڪونهي، جديد شاعري ۾ وري شيخ
اياز، استاد بخاري، امداد حسيني، سرويچ سجاولي ۽ عاصم ناٿن شاهي آهن، جيڪي جديد
دور جا سٺا شاعر پڻ آهن.
سوال: سنڌي ٻولي جي گرامر ۽ انگريزي ٻولي جي گرامر ۾
ڪوبه فرق محسوس ڪريو ٿا؟
سيد شير شاهه: سنڌي ٻولي جو گرامر انگريزن جي بادشاهي واري دور ۾ ٺهيو آهي ۽
انگريزن ئي گرامر تيار ڪرايو آهي، ان ڪري سنڌي گرامر انگريزي گرامر جي اثر کان پري
ڪونهي، ٻولي جو پنهنجو پنهنجو مزاج آهي، ٻنهي ٻولين جي گرامر ۾ بنيادي فرق ضرور
آهي.
سوال: اسان جي سماج جي نوجوانن لاءِ ماس ڪميونيڪيشن
جو علم پڙهڻ ضروري آهي؟
سيد شير شاهه: هي دور ميڊيا جو دور آهي، ميڊيا ماڻهن
کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو هڪ وسيلو آهي، ماس ڪميونيڪيشن سان تعلق هجڻ، ڄڻ انسانيت سان
هر قسم جو ڳانڍاپو يا رابطو قائم ڪرڻ آهي.
سوال: آخر ۾
تعليمي ادارن جي شاگردن توڙي شاگردياڻين لاءِ ڪو پيغام هجي؟
سيد شير شاهه: سنڌ جي تعليمي ادارن جي نوجوانن لاءِ
اهو پيغام آهي ته فرض شناسي سکو، پنهنجن مقصدن سان پيار رکو ۽ حوالي ڪيل ڪم سان
سچا رهو.
No comments:
Post a Comment