Wednesday, 22 March 2017

پروفائيل، استاد ميول سولنگي - ياسر سو Yasir Sodhar

Yasir    Sodhar

Roll No.93
سچائي سان ڪم ڪيو ۽ اميد جو دامن نه ڇڏيو
استاد ميول سولنگي
استاد ميول سولنگي 15 جنوري 1980ع تي ڳوٺ گل سولنگي لڳ ڪوٽڙي ڪبير تعلقو ڪنڊيارو هاڻوڪو تعلقو مهرابپور ضلعو نوشهروفيروز ۾ محبوب علي سولنگي جي گهر ۾ اک کولي، شروعاتي تعليم مسجد اسڪول گل سولنگي ان دؤر ۾ پرائمري اسڪول نه هيو ۽ درسي تعليم مدرسن ۾ پڙهائي ويندي هئي . مئٽرڪ هاءِ اسڪول ڄامشورو ڪالوني مان پاس ڪيائين. هو جڏهن پرائمري ۾ پڙهندو هو ته سندس والد سان گڏ هارپي جو ڪم پڻ ڪيو. 1989 ۾ سندن امڙ جي وفات کانپوءِ سندس والد هارپو ڇڏيو ۽ اتفاق سان استاد وزير سولنگي جي دڪان تي حجامڪي جو ڪم سکيو ۽ ان سان پنهنجي ڀائرن جو گذر سفر ڪندو رهيو. شروعاتي ڏينهن ۾ هو پنهنجي استاد جي دڪان تي ڪم ڪندو رهيو پر ڪجهه مجبورن جي ڪري ڪوٽڙي ڪبير ۾ هن هڪ الڳ دڪان کوليو. ڪجهه عرصي کان پوءِ سندس والد جي هڪ دوست وسيلي ڄامشوري پهتو جتي شروعاتي ڏينهن ۾ ڄامشوري جي هڪ هوٽل جي ديوار تي شيشو لڳائي حجامڪو ڪم شروع ڪيو.1992ع ڌاري ڄامشوري ٿرمل هائوس جي رهائش ڪالوني جي مين مارڪيٽ ۾ هڪ دوست جي معارفت تي دڪان مليو جتي هن اهو ئي ڌنڌو ڪيو جنهن جو کيس هنر هو ۽ اهو دڪان اڄ  ڏينهن تائين هلندو پيو اچي استاد جو هنر بلڪل تعريف جوڳو آهي جو آئون به ان کان وار ڪٽرائيندو آهيان پاڻ خوش اخلاق ۽ دلپسند شخصيت آهي ۽ پنهنجي ڪم سان هميشه سچو رهيو آهي. هو ننڍپڻ کان ئي ادب سان چاهه رکندو آهي۽ ادب سان لاڳاپو اڄ ڏينهن تائين جاري ۽ ساري آهي هن کي ادب جو شوق ۽ لاڳاپو سندس استاد ميان غوث بخش مهر جي رهنمائي ۾ حاصل ٿيو ۽ هن ادب جي حوالي سان سندس سينيئر رهنما احمد خان مدهوش ، ميهر فقير،راشد مولائي، ڊرٻائي مهر، افضل سولنگي،فقير ڄائي جمال سان ملاقاتون ڪيون. سندس وٽ 200 جي قريب هڪ اڻ ڇپي ڪتاب جيتري شاعري موجود آهي ان حوالي سان استاد جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته جي زندگي رهي ته آئون پنهنجو ڪتاب ڇپرائيندس.ادب جي حوالي سان ساگر علي انور ڪانڌڙ ، تاج جويو، نثير مرزا، ريڊيو پاڪستان جو پروديوسر شاهه قريشي پڻ هن جي رهنمائي ڪئي. هن پنهنجي شاعري ۾ گيت، غزل ، دهڙا ۽ چار سٽا لکيا آهن. ننڍي قد وارو بت ۾ ڀريل استاد ميول سولنگي سان منهنجو واسطو ايترو پراڻو نه آهي پر هن جي خوش اخلاقي ۽ مٺين ڳالهين سان هن جو پرستار ٿي پيو آهيان جو هر روز شام جو سندس دڪان تي ويهي چانهه جو ڪوپ مان چسڪيون هڻندي هن کان سندس شاعري پيو ٻڌنڌو آهيان ۽ سندس دڪان ۾ ٽيپ جي گهٽيا آواز ۾ مانجهي فقير جا ڪلام به هلندا آهن جن سان مونکي دلي سڪون پڻ ملندو آهي. استاد اڪثر ڪري استاد بخاري جا به شعر ٻڌائيندو آهي. استاد کي صوفيزم سان تمام گهڻو چاهه آهي. هو اڪثر صوفي درگاهن تي حاضري پڻ ڏيندو آهي . جنهن ۾ صوفي شاهه عنايت جهوڪ شريف، بري امام عبدالطيف سرڪار اسلام آباد،بيدل بيڪس روهڙي، غوث بهاوالدين ذڪريه ملتان،هندن جي پير راما پير ۽ پير گاجي شاهه اچي وڃن ٿا. هو اڪثر ڪري صوفي ڪلام ٻڌنڌو رهندو آهي.
استاد ميول سولنگي هڪ نجي لائيف انشورنس ڪمپني جو پڻ نمائندو آهي. هن بابت استاد احوال ونڊيا ته اتفاق سان لائيف انشورنس لميٽڊ جي هڪ سينيئر مئنيجر انٽرويو لاءِ گهرايو ۽مونکي ڪمپني ۾ گهرايو ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي جيڪا مون قبول ڪئي پر منهنجي تعليم مئٽرڪ هئڻ جي ڪري ڪمپني مونکي قبول نه ڪيو ، پر هڪ شرط تي ڪم ڏنو ويو ته جيڪڏهن اوهان ڪنهن ڪسٽمر کي راضي ڪندا ته 50 سيڪڙو ڪميشن اوهان جي هوندي جيڪا مون قبول ڪئي . ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪمپني جي هڪ مئنيجر اسمه قاسم ڪمپني کي لکيو ته هن ماڻهو ۾ تعليم برابر نه آهي باقي اسان جي ڪمپني لاءِ ڪم ڪرڻ جي قابليت ضرور آهي، تنهن تي ڪمپني مونکي قبول ڪيو ۽ مونکي ڪمپني جي قانون مطابق منهنجي نالي سان ڪوڊ فراهم ڪيو ويو.جتي  مون سٺي طريقي سان محنت ڪئي ۽ 2015 ۾ مونکي سرٽيفڪيٽ مليو ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي ڪمپني طرفان سوني منڍي ۽ ايوارڊ ڏنو ويو.استاد پنهنجي زندگي جا ٻه اهم واقعا ٻڌايا. جڏهن هو ننڍو هيو ۽ سياري جي موسم هئي هو پنهنجي ڳوٺ ۾ باهه تي هٿ سيڪي رهيو هو ته اچانڪ هن جي ڪپڙن تي باهه لڳي وئي. جنهن ۾ هن جوهٿ گهڻو متاثر ٿيو.
هڪ ٻيو يادگار ۽ دلچسپ واقعو ٻڌايو ته “ جڏهن آئون ننڍو هيس ته ان دؤر ۾ سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو راڄ هوندو هو ماڻهو ڌاڙِيلن جي خوف کان فصلن جا ديرا ڇڏي گهر هليا ويندا هئا. متان ڌاڙيل اچي سندن جاني نقصان ڪن. هڪ ڏينهن آئون ۽ منهنجو پاڙيسري  دوست رات جو ٻاهران  هڪ سارين جو ڪٽو چوري ڪيوسين هي زندگي جي پهرين ۽ آخري چوري هئي جڏهن اهو ان دڪاندار کي پيسن تي ڏئي گهر ۾ سمهيس ته ڪمري جي ڇت جو ورو اوچتو ٽڙڪو ڏئي ڪريو ۽ آئون بچي ويس ۽ ڀڄي وڃي جان بچائي ۽  ڏاڏي امان وٽ پهتس ان مان مون سبق حاصل ڪيو ۽ انکانپوءِ  ڪنهن جو به ڪک نه کنيو آهي.
مون کيس ڄامشوري جي باري ۾ پڇيو ته ان هڪ شعر چيو جيڪو هن ريت آهي.
مونکي مليو هڪ دلدار ڄامشوري ۾
جنهن سان ٿيو اکين سندو اظهار ڄامشوري ۾
هن کنيان نيڻ خمار مان مون ڏي
هليو هوش ويو هڪوار ڄامشوري ۾
هن ڏٺو مونکي هن ڪٺو مونکي
ڪيائين نظرن سان سنسار ڄامشوري ۾
هزارين هسن وار هيا محبوب المنظر تي
هيو پڌرو ميول جو منٺار ڄامشوري ۾

No comments:

Post a Comment