Wednesday, 22 March 2017

پروفائل فقيرو ميگهواڙ - آنند ڪمار Anand Kumar

پروفائل

آنند ڪمار
رول نمبر 2K15/MC/19
ڪلاس بي ايس سال ٽيون

مجسماسازي ۾ جدت آڻيندڙ فقيرو ميگهواڙ
هونئن ته دنيا ۾ فن جا گهڻائي قسم آهن پر جيڪو سڀ کان گهڻو مشهور آهي تنهن کي فائن آرٽ چئبو آهي، جنهن جا مکيا ٽي قسم ڊرائنگ، پينٽنگ ۽ مجسماسازي آهن.
فن جي انهن ٽنهي قسمن سان چاهه رکندڙ هڪ آرٽسٽ فقيرو ميگهواڙ به آهي جنهن پنهنجي تخليق سان ڊرائنگ ۽ مجسما ٺاهي ڏسندڙن کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون آهن.
فقيرو فقيرا 7 آگسٽ 1979ع تي کيمچند جي گهر ٽنڊو الهيار (تڏهوڪي حيدرآباد ضلعي) ۾ جنم ورتو، پرائمري کان وٺي هاءِ اسڪول تائين جي تعليم پاڪ سنگهار اسڪول مان حاصل ڪئي، ايس ايم ڪاليج ٽنڊوالهيار مان انٽر ڪرڻ بعد اين سي اي ڪاليج لاهور مان آرٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ جي خواهش رکندڙ فقيرو غربت سبب لاهور نه وڃي سگهيو.
والد ۽ ڏاڏو رازا هئڻ سان گڏوگڏ سيمينٽ مان مجسما پڻ ٺاهيندا هئا، جنهن سبب ننڍپڻ کان ئي مجسماسازي جي ويجهو رهڻ سبب ان ڪم ڏانهن سندس چاهه چوٽ چڙهيو، تنهنڪري يارنهن سالن جي عمر ۾ ئي والد جو هٿ ونڊائڻ ۾ لڳي ويا، مائيڪل اينجيلو ۽ برنني کي پنهنجا روحاني استاد سمجهندڙ فقيرو انهن جي ڪم مان تمام گهڻو متاثر ٿيو جيڪا شئي سندس پاران ٺاهيل مجسمن مان ظاهر ٿئي ٿي.
فقيري سان ٿيل ملاقات ۾ هن ٻڌايو ته اسان وٽ پهريان انڊيا جي طرز جو ڪم ٿيندو هو جنهن ۾ سڌا مجسما ٺاهيا ويندا هئا پر مون يورپ ۽ انڊيا جي ڪم ٻنهي کي ملائي نئين شئي تخليق ڪئي، جيڪو ڪم ماڻهن کي تمام گهڻو پسند آيو، يورپ سميت انڊيا جي ماڻهن ڪم جي ساراهه ڪندي سندن ملڪن ۾ اچي ڪم ڪرڻ جو چيو.
راما پير جي مندر لاءِ 1990ع ۾ مورتي ٺاهڻ سان شروعات ڪندڙ فقيرو ايستائين316 مجسما ٺاهي چڪو آهي، جنهن ۾ هڪ فٽ کان وٺي 20 فٽن تائين جا مجسما ٺاهيا جن ۾سيمينٽ، پلاسٽوپيرسي، فائبر گلاس، ڪاٺ ۽ پٿر جا مجسما شامل آهن.
پنهنجي حساب سان 60 سيڪڙو ڪم کي پڳو آهيان، اڃان 40 سيڪڙو ڪم رهيل آهي ۽ اهو ڪم هن ڪم جي ڀيٽ ۾ تمام ڏکيو آهي، تعليمي ادارن ۾ آرٽ تي سٺو ڪم ٿئي پيو پر اهي ٽن ڏينهن واري ڳالهه شاگردن کي ٽن مهينن ۾ سيکاريندا آهن، جنهن سان ٽائيم جو تمام گهڻو زيان ٿيندو آهي، مجسمو ٺاهڻ بعد هڪ هفتي اندر اهو ناپسنديده ٿي ويندو آهي، ڇو جو آئون سمجهان ٿو ته ماڻهو جي پنهنجي ڪم مان متاثر ٿيڻ بعد ترقي رڪجي ويندي آهي (فقيرو).
شروعات ۾ مجسما ٺاهڻ تي ٽوڪون ڪندڙ ماڻهو اڄ فقيري جون مثالون ڏيندا آهن، بنا ڪنهن يونيورسٽي ۾ پڙهڻ جي فقيري پنهنجي ڪم ۾ جدت آڻي پاڻ کي يونيورسٽين ۾ آرٽ تي ليڪچر ڏيڻ جي قابل بڻايو.
فقيري هونئن ته تمام گهڻين گئلريز ۾ پنهنجو ڪم نمائش لاءِ پيش ڪيو آهي، ڳنهن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿيون
ڪينويس گئلري ڪراچي، سنڌ ميوزيم حيدرآباد، وي ايم آرٽ گئلري ڪراچي، ڪوئيل گئلري،حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ترڪي ۽ نيپال ۾ به پنهنجي ڪم جي نمائش ڪري پاڪستان جو آرٽ سان پيار ڪرڻ وارو چهرو ماڻهن جي سامهون آندو آهي.
ڪهڙي به شعبي ۾ هجو، نتيجن کي نه ڏسو، تعليم ۽ پنهنجو ڪم جاري رکو، ڪاميابي ضرور اوهان کي ڀليڪار ڪندي.




No comments:

Post a Comment