ناصر عباس لسڪاڻي
رول نمبر2K15/MC/67
ڪلاس بي ايس سال ٽيون
معاشري ۾ تعليمي سڌارن لاءِ جاکوريندڙ سلطان
لغاري
جيئن هر
شهر پنهنجي شين ۽ ماڻهن جي ڪري مشهور هوندو آهي ايئن ئي ملڪاڻي شريف به ٻين شين
سان گڏوگڏ هڪ اهڙي شخصيت جي ڪري مشهور آهي جنهن پنهنجي ايندڙ نسلن جي تعليم جي
بهتري لاءِ اڻٿڪ محنت ڪري کين تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ بهتر ماحول پيدا ڪري ڏنو، هن
نه رڳو پنهنجي ڳوٺ ۾ ٻارن لاءِ اسڪول کوليو پر ان سان گڏوگڏ کين ٽيوشن به فراهم ڪري
ڏني، جنهن ڪم اڳتي هلي شاگردن جي تعليمي واڌاري ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو، اهو شخص
سلطان لغاري جينالي سان مشهور آهي.
سلطان لغاري بدين ضلعي جي ڳوٺ ملڪاڻي شريف ۾ 1987ع تي محمد
خان لغاري جي گهر پيدا ٿيو، مئٽرڪ تائين جي تعليم اباڻي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي، جنهن
بعد ٽنڊي جان محمد مان انٽر ڪري سنڌ يونيورسٽي جي شعبي انگريزي مان ايم اي ڪئي،
تعليم سان گهڻي چاهه رکندڙ هن شخص 2011ع ۾ مهراڻ پبلڪ اسڪول نالي هڪ اسڪول کوليو،
جتي نرسري کان اٺين ڪلاس تائين جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي تعليم ڏني وڃي ٿي، جنهن ڪم جي
سربراهي به هي پاڻ ڪري رهيو آهي، انهي سان گڏوگڏ هتي شاگردن کي شام جي وقت ٽيوشن پڻ
ڏني ويندي آهي، اسان وٽ عام طور تي شاگرد تعليمي سرگرمين ڏانهن هوندا آهن پر سلطان
لغاري تعليم سان گڏوگڏ ٻين به گهڻين سرگرمين ۾ رڌل رهيو، يونيورسٽي ۾ تعليم پائڻڪرڻ
دوران هن ڪيترائي ميڊل انعام پڻ حاصل ڪيا.
هن مختلف اسڪولن ۾ پڙهائڻ دوران تجربو حاصل ڪري بعد ۾
پنهنجو اسڪول کوليو، سندس ذهانت، رحمدلي ۽ سچائي جي ڪري گهرڀاتين سميت پاڙيسري
سندس تمام گهڻي ساراهه ڪندا آهن.
سلطان لغاري معاشري ۾ تعليم جي بهتري لاءِ تمام گهڻي جدوجهد
ڪئي ۽اڃان تائين اهو ڪم جاري رکيو پيو اچي، هن ملڪاڻي شريف جي تعليم جي معيار کي
بهتر بڻائڻ ۽ ايندڙ نسلن کي کين گهربل حق ڏيڻ لاءِ
No comments:
Post a Comment