
آهي: روشن برهماڻي
اديب، ليکڪ ۽ استاد سان
خاص ڳالهه ٻولهه
انٽرويو: سليم اختر
لاکو
(M.A-Prev- Mass. Communication- Roll#2K17-MMC-46)
Sindh University
Jamshoro
اديب، سماج سڌارڪ، ليکڪ ۽ استاد روشن برهماڻي
دادو ضلعي جي جوهي تعلقي جي واهي پانڌي ڀرسان ڳوٺ دودو برهماڻي ۾ 25 جولاءِ 1966ع ڌاري هاري جنم ورتو، هن
پرائمري تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ جي اسڪول ۾ حاصل ڪئي، جڏهن ته مئٽرڪ هاءِ اسڪول حاجي
خان مان ورتي ۽ ٻارهين جماعت، گريجوڪيشن، ايم اي پوليٽيڪل سائنس ڊگري ڪاليج دادو ۾
حاصل ڪئي، ان کانسواءِ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج مٺياڻي ضلعي نوشهروفيروز مان پي. ٽي. سي
جو ڪورس پڙهيو، سي ٽي ۽ بي ايڊ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان پرائي، ايم. ايڊ جي
ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪري ورتي، جڏهن ته 1987ع ڌاري تعليم کاتي ۾
پرائمري ٽيچرس طور نوڪري حاصل ڪري پنهنجي ئي ڳوٺ جي اسڪول ۾ استاد پڻ مقرر ٿيو ۽
ٻارن کي پڙهائڻ شروع ڪيو،
وڌيڪ ٽريننگ حاصل ڪرڻ بعد 1995ع ۾ جي ايس
ٽي حاجي خان ۾ مقرر ٿيو، بي ايڊ کانسواءِ 1997ع ڌاري ايڇ ايس ٽي هاءِ اسڪول ٽيچر
طور ٺٽي ضلعي جي ڪيٽي بندر واري علائقي ۾ مقرر ٿيو، هاءِ اسڪول ٿاڻو احمد خان
1997ع ۽ هاءِ اسڪول ڄامشورو 1998ع ۾ تعليمي خدمتون ڏنيون. لکڻين ۾ مضمون، ڪهاڻيون
۽ ڪجهه شاعري پڻ شامل آهي. پهريون مضمون کير ٿر جبل هڪ ڏينهن ڪاوش اخبار ۾ ڇپيو،
پهرين ڪهاڻي هزار داستان ۾ شايع ٿيو، سجاڳي مئگزين جو چيف ايڊيٽر ۽ پبلشر رهيو. ان
جا 20 پرچا شايع ڪيا، تحريڪ اخبار ۾ ايڊيٽر طور ڪم ڪيو، ڄامشورو وائيس اخبار جو
باني ميمبر توڙي مئجمينٽ واري شعبي ۾ ذميواريون سنڀاليون. جڏهن ته ڪاڇي ۾ تعليمي
ترقي لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ بند پيل اسڪول پڻ کولرائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي. ڳوٺن ۾ تعليم
لاءِ آگاهي بابت ڪم ڪيو. مختلف سماجي ادارن سهارا يوٿ لائيزر ايسوسيئيشن، الف
اعلان ۽ ٻين سماجي تنظيمن سان تعليمي مهم ۾ حصو ورتو. موجوده ڏينهن دوران ڄامشورو
ايڪشن ڪاميٽي جي جنرل سيڪريٽري طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
سوال: توهان جو ادب سان
واسطو آهي ۽ ساڳئي هنڌ اديب به آهيو، ادب جي دنيا سان ڪڏهن کان سلهاڙيل آهيو؟
جواب: منهنجو ادب سان
تعلق ننڍپڻ کان ئي آهي، ننڍي هوندي منهنجي زندگي ڳوٺاڻي ماحول ۽ سماج سان سلهاڙيل
رهي آهي، جتي زمين ۾ ڪڻڪ، سارين، سبزين سميت ٻين فصلن جي آبادي، چئني طرفين
وڻڪاري، ساوڪ ۽ ڀرپاسي پاڻي جي واهن ۽ شاخن
جي ڪري هڪ بلڪل فطري ماحول مليو، جنهن ڪري منهنجي من اندر تخليقي صلاحيتن
وارو اهو انسان پيو لڇندو ۽ پڇندو رهندو، جنهن مون کي آخرڪار ننڍپڻ ۾ ئي منهنجي
چيچ کان وٺي ادب جي دنيا جي دروازي تي اچي بيهاريو ۽ ائين ڪندي مون پنهنجي جيون کي
ادب سان ڳنڍي ڇڏيو، ان دوران ادب، شاعري ۽ ڪتابن پڙهڻ واري ڪرت ۽ پورهئي سان
لاڳاپيل ڪجهه دوستن جو به ساٿ مليو، جن جي صحبت ۽ سنگت ۾ اچي مون کي ابتدائي طور
ٻاراڻي ادب پڙهڻ جو موقعو مليو، انهن دوستن وٽان ان وقت ۾ ئي مختلف ناولن، ڪهاڻين،
شاعري ۽ ادب متعلق ڪتاب ملندا رهيا ۽ ائين تربيت ٿيندي رهي.
سوال: ادب مان سماج ۾
رهندڙ فردن کي ڪهڙو فائدو ملي ٿو؟
جواب: ادب پڙهڻ سان
ماڻهو جي سوچ، خيال، ذهن ۽ خيال وڌن ٿا، معاملن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ۽ مسئلن جي سمجهڻ جي
سگهه ملي ٿي، ادب زندگي آهي، هونئن به اسان جي ٻهراڙي ۾ ڪو ماڻهو فضليت ڀريو هوندو
آهي ته ان بابت چيو ويندو آهي ته “ادا، هي ماڻهو ادب وارو آهي، يعني ادب کان واقف
آهي، ادب سان انسان جا احساسن وارا خيال جڙن ٿا، حياتي جي بهتر رخن طرف پيشرفت ٿئي
ٿي.
سوال: قومون ۽ ادب
هڪٻئي لاءِ ڪيترو لازم ۽ ملزوم آهن؟
جواب: حقيقت ۾ ڏٺو وڃي
ته قومن جو جياپو ادب تي آهي، جن قومن وٽ پنهنجي ٻولي، ثقافت، ريتون رسمون، رهڻيون
ڪهڻيون، لباس، ڌرتي، ڍنڍون، درياهه، سرحدي حدون ۽ ادب ناهي، اهي قومون قومن جي
دائري اندر نه ٿيون اچن ۽ نه ئي وري دنيا جون ٻيون قومن انهن کي قومون ڪري ئي
تسليم ڪنديون، جڏهن ته ادب ۾ تاريخ ۽ ثقافت به اچي وڃي ٿي، دانشور، عالم، سڄاڻ،
اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ صحافي سميت سموريون ڌريون ادب ۾ شامل ٿي وڃن ٿيون، ان
کانسواءِ ادب مان اهو به پتو پوي ٿو ته سموري تاريخ ۾ انسان ڪيئن رهيو، جاگرافيائي
حالتن جو ڏس به ادب مان ملي ٿو، قومن جي هڙني معاملن جي سڌ پڌ ادب مان ئي پوي ٿي،
ادب ۾ انساني زندگيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، ادب کانسواءِ ماڻهو خالي کوکي جي
مثل آهي.
سوال: اديب يا شاعر جو
پئسي واري معاملي ۾ امير هئڻ لازمي آهي يا ڄاڻ ۽ علم ۾ ڀڙ هئڻ ضروري آهي؟
جواب: اسان وٽ اها چوڻي
عام آهي ته “ڏک سکن جي سونهن هوندا آهن.” حالانڪه اديب يا شاعر ٿيڻ لاءِ ڪروڙ پتي
۽ ارب پتي ٿيڻ لازمي آهي ۽ نه ئي وري امير هئڻ ئي ضروري آهي، ان کانسواءِ گهڻي
تعداد ۾ پئسي يا رقم هئڻ به سڀ ڪجهه ناهي، ڇاڪاڻ ته ڏات، ڄاڻ، علم ۽ پرک جو هئڻ ئي
دنيا جي وڏي ۾ وڏي ملڪيت آهي، جيڪي ماڻهو ڏات، علم، ڄاڻ، پرک ۽ ادب کان عاري آهن، انهن ماڻهن جو من يا اندر
جي دنيا هڙني انساني احساسن کان خالي پڻ آهي، دنيا جي عظم شاعر شيڪسپيئر ۽ مئڪسم
گورڪي جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته اهي ڪي دنيا جا ناليوارا جاگيردار، سرمائيدار،
ڪروڙ پتي، ارب پتي يا کرب پتي ماڻهو نه هئا، پر هو ڏات ڌڻي هيا، قلم ڌڻي هيا ۽
ڄاڻ، علم توڙي پرک جا وٽن خزانا هئا، ڏٺو وڃي ته مئڪسم گورڪي دنيا جو ناليوارو ۽
عظيم ليکڪ هيو، پر هو معاشي طور تي هڪ غريب گهراڻي سان واسطو رکندو هيو ۽ غريب پڻ
هيو، پر جڏهن ته هو قلم کڻي لکي ٿو ته ان
جي لکڻي ماڻهو کي هڪ عجب دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي، هونئن به ادبي حوالي سان مطالعو وسيع
هوندو ته لکڻي به تمام بهتر تيار ٿي ويندي، ان لاءِ اديب ۽ شاعر ٿيڻ لاءِ لکيل
پڙهيل هئڻ لازمي آهي ۽ ڳوڙهي مطالعي کانسواءِ اديب ۽ شاعر ٿيڻ ناممڪن آهي.
سوال: ناليواري اديب،
ليکڪ ۽ ناول نگار علي بابا جي شخصيت کي اوهان ڪيئن ڏسو ٿا؟
جواب: علي بابا سنڌ جو
اهو ڏات ڌڻي ۽ قلم ڌڻي آهي، جنهن کي زندگي جي آخري گهڙيءَ تائين وساري نه ٿو
سگهجي، علي بابا اڄ اسان وٽ موجود ناهي، پر سندس يادون، سندس تخليق، سندس ڏات ۽
سندس قلمي پورهيو اسان کان هرگز وسري نه ٿو سگهي، سنڌ جي ماڻهن کي علي بابا سندس
حياتي دوران به ياد هيو ته اڄ به ياد آهي، اهوئي سبب آهي جو علي بابا جي مرتئي بعد
سندس ياد ۾ حيدرآباد، ڄامشوري ۽ ڪراچي سميت سنڌ جي ننڍن، وڏن شهرن، ڳوٺن، واهڻن،
وسندين ۽ ڪنڊڪڙڇ ۾ پڻ ميڙاڪا ڪيا ويا، تعزيتي ريفرنس ڪوٺايا ويا ۽ کيس خراج عقيدت
پيش ڪئي وئي. علي بابا نه ڪالهه وسريو هيو ۽ نه ئي وري اڄ ئي وسري سگهي ٿو، هو
يادن، سندس جي لکڻين ۽ ڏات توڙي قلمي پورهيي وسيلي اسان سان هر وقت گڏوگڏ آهي.
سوال: اديبن، شاعرن،
ڏات ڌڻين، قلم ڌڻين يا صحافين جي زندگي تي ڪجهه نظر وجهو؟
جواب: اديبن، شاعرن،
قلم ڌڻين، ڏات ڌڻين ۽ صحافين جي ذاتي زندگي جي سفر تي نظر وجهنداسين ته اهي سمورا
دوست تقريبن تقريبن غريب گهراڻن، پورهيتن، هارين ۽ مسڪيني حال ۾ گذاريندڙ گهراڻن
سان واسطو رکن ٿا، سندن جون حياتيون ڪن پيڙائن، ڀوڳنائن، تڪليفن، دردن، سورن ۽ ڏکن
توڙي ڏوجهرن کان آجيون ناهن، کڻي ائين چئجي ته انهن ماڻهن لاءِ ڏک ئي ڏاج هوندا
آهن. اهو ئي بنيادي سبب آهي جو انهن پيڙائن، ڀوڳنائن، تڪليفن ۽ دردن جي دنيا ۾
پلجندڙ تخليق، ڏات ۽ قلمي پورهيو اهڙو ته سرجي اٿي بيهي ٿو، جنهن جو ڪو مٽ ثاني نه
ٿو ٿئي، ٿلهي ليکي کڻي ائين چئجي ته اديب، شاعر، ڏات ڌڻي، قلم ڌڻي يا صحافي بنيادي
طور غريبي حال ۾ گذارين ٿا، انهن وٽ ڪا وڏي رقم يا پئسو ته ڪونه ٿو ٿئي، پر سندن
وٽ ملڪيت، رقم يا پئسو سندن ئي اها ئي تخليق ۽ ڏات ئي آهي.
سوال: نوجوانن لاءِ ادب
پڙهڻ ضروري آهي؟
جواب: تعليمي درسگاهه ۾
پير رکندڙ هر ٻار توڙي نوجوان شاگرد لاءِ ادب پڙهڻ تمام ضروري آهي، جڏهن ته
اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين وارو نصاب ڪورس پڙهڻ ته لازمي ۽ ملزوم آهي، پر ان سان
گڏوگڏ اسڪولي ٻارن توڙي نوجوان شاگردن کي ادب به سان تعلق رکڻ گهرجي.
سوال: هڪ استاد جي
حيثيت ۾ ٻڌايو ته ٻار ۾ تعليمي شعور ڪيئن بيدار ڪري سگهجي ٿو؟
جواب: حقيقت ۾ ڏٺو وڃي
۽ هڪ استاد جي حيثيت ۾ جيترو مون کي تجربو ٿيو آهي ته هڪ استاد اسڪولي ٻار جو
آئيڊيل هوندو آهي ۽ ٻار استاد کي ڏسي ئي هر عمل ۾ پنهنجو پاڻ کي آڻڻ جي ڪوشش ڪندو
آهي، جڏهن ته ٻار جي نفسيات مطابق ان کي پڙهائڻ گهرجي ۽ تدريسي عمل ۾ آڻڻ گهرجي،
ان کانسواءِ ٻار سان جيترو پيار ۽ قرب سان پيش اچي ان ۾ تعليمي شعور بيدار ڪرڻ جي
ڪوشش ڪبي، ٻار اوتري ئي بهتر رزلٽ ڏيندو، تدريسي عمل دوران ٻار سان کلي ملي ان کي
پڙهائڻ گهرجي ۽ ٻار کي نفسياتي طور طريقي سان جديد نموني پڙهائڻ گهرجي.
سوال: ماس ڪميونيڪيشن
جي اهميت ڪيتري آهي، ميڊيا ايجوڪيشن پڙهڻ گهرجي؟
جواب: ميڊيا رياست جو اهم ٿنڀ آهي، ميڊيا ڪنهن کي چاهي
هيرو ڪري سگهي ٿي ۽ جنهن کي چاهي زيرو بڻائي سگهي ٿي، سوشل ميڊيا، اليڪٽرانڪ ميڊيا
يا پرنٽ ميڊيا هجي، ميڊيا جا اهي هڙئي ٽولز پنهنجي طاقت ۾ رهن ٿا ۽ ميڊيا ذريعي
اسان عوام تائين رسائي ڪري پيڙهيل، پٺتي تي پيل، بيوس ۽ لاچار ماڻهن جي دردن جو
آواز اقتداري ايوانن تائين پهچائي سگهون ٿا. ان لاءِ ان چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو
ته ماس ڪميونيڪيشن جي پنهنجي جاءِ تي هڪ وڏي اهميت آهي ۽ نوجوان شاگردن کي ٻين
علمن سان گڏوگڏ ميڊيا ايجوڪيشن پڙهڻ گهرجي. ميڊيا جي دنيا ۾ ايندڙ نوجوانن لاءِ
ميڊيا ايجوڪيشن جو پڙهڻ ضروري آهي ۽ صحافت جي دنيا ۾ لکيل پڙهيل صحافين جو هئڻ
تمام ضروري آهي.
سوال: هڪ صحافي سماج
لاءِ ڪيتري حيثيت رکي ٿو ۽ صحافي سماج لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو؟
جواب: جرنلسٽ يا صحافي
توڙي ڪميونيڪيشن جي دنيا لاڳاپيل ڪميونيڪيٽر سماج جي چئني طرفين گهمندڙ ڦرندڙ،
سماج جي هڙني معاملن سان لاڳاپيل رهندڙ ۽ هر خبر چار، سڌ ٻڌ ۽ انفارميشن کي گڏ ڪرڻ
لاءِ رابطي ۾ رهي ٿو. هن موجوده ڏينهن دوران صحافي توڙي ڪميونيڪيٽر پنهنجي
انفارميشن ذريعي سڄي سماج کي هڪ هنڌ گڏ ڪري بيهاري ٿو. ان کانسواءِ سماج جي مسئلن
کي حل ڪرڻ، سماجي بيمارين کي سمجهڻ ۽ ان جي علاج ڪرڻ لاءِ هڪ لکليل پڙهيل صحافي جي
ضرورت آهي.
سوال: آخر ۾ اوهان جو
ڪو پيغام هجي؟
جواب: نوجوانن لاءِ
منهنجو پيغام آهي ته اڳتي وڌو، محنت ڪريو، هي دنيا توهان جي هٿن ۾ هوندي، دنيا جا
هڙئي اوهان لاءِ آهن، ان حوالي سان مان هتي هڪڙو بيت چوندس جيڪو درسي ڪتابن ۾
پڙهايو ويندو آهي ته “پهاڙ پرزا ٿي پوندي، ٻانهن جي آهي ٻل، قدم وڌائي اڳتي هل.
No comments:
Post a Comment