Thursday, 23 March 2017

خوبصورتي جو هڪ ٻيو منظر ڪاڇيلو فارم - فرقان علي Furqan ALi

فيچر
فرقان علي
خوبصورتي جو هڪ ٻيو منظر ڪاڇيلو فارم
رنگ قدرت جي مسڪراهٽ آهي، هڪ اها جڳهه جنهن جا انب صرف سنڌ نه پوري پاڪستان ۾ به نه بلڪه ٻاهر جن ملڪن ۾ موڪليو ويندا آهن ۽ اي جا ماڻهو ان کي شوق سان کائيندا آهن، جي ها، ان کي ڪاڇيلو فارم سڏيو ويندو آهي ۽ ان کي king of mangoes پڻ سڏيو ويندو آهي. ساوڪ سان سينگاريل ڳوٺ پري کان نظر ايندڙ کجين مان وڏا وڻ جيڪي ڳوٺ جي چيڪ پوسٽ وانگي نظر ايندا آهن، هر قوم جو ماڻهو ۽ هر الڳ مذهب سوچ ويچار جو ماڻهو ان خوبصورتي ۾ دل کي خوبصور بڻايو ڏي. ائين چوڻ به غلط ناهي ته اڄ ڪلهه جي ماڊرن دور ۾ سڌريل ڳوٺن مان هڪ آهي، هر سال ميرپور خاص شهر انبن جو فيسٽيول لڳايو ويندو آهي، جنهن ۾ مختلف قسمن جي انبن جي نمائش ڪئي ويندي آهي، ڪاڇيلي فارم جا انب پڻ ان نمائش ۾ رکيا ويندا آهن ۽ تمام گهني پذيرائي ملندي آهي، صرف اهو نه ڪاڇيلي جا انب پوري سنڌ ۾ مشهور آهن. 

ڪاڇيو فارم ڪوٽ غلام محمد ۾ آهي، ڊسٽرڪٽ ميرپورخاص، ڪاڇيلي جي بنگلي جي ڀرسان ئي اهو باغ آهي، جيڪو پڻ زن تي خوبصورتي جي ڪري تمام مشهور آهي ۽ جي ڪاڇيلي جي ماڻهن جي ڳالهه ڪئي وڃي ته انوشڪا ڪاڇيلو اها عورت آهي، جنهن پاڪستان جي ننڍي عمر 24 سالن جي عمر ۾ ۽ پهرين پاڪستاني جنهن North Pole جي آخري ڊگري تائين وئي، اها ڪاڇيلي ۾ مالڪ رفيع ڪاڇيلي جي ڇوڪري آهي، جيڪا هاڻ لنڊن ۾ وڪالت ڪري رهي آهي. زندگي جي هن مشڪل دور ۾ جڏهن ماڻهو ڪم تان ٿڪي هارجي اهو منظر ڏسندو آهي ته اندر ۾ موجود هر ٿڪاوٽ دور ٿي ويندي آهي، جيئن پراڻي دور ۾ چوندا آهن ته اگر ڪنهن کي ڪو مرض هوندو هو ته ان کي چوسيندا هئا ته سمنڊ تي ڪجهه دير ويهي اچ، انهن جو مڃڻ هو ته سمنڊ هر بيماري پاڻ ڏانهن چڪي فارم جي خوبصورتي به هڪ اهڙو هتي ڪردار ادا ڪري ٿي، جو ايندڙ هر ماڻهو ان تي رنگ ۾ رڱجيو وڃي، 

هتي تقريبن هر قسم جو انب ٿيندو آهي، جيڪو شايد ئي ڪنهن بي باغ مان ملي 1500 ايڪڙن تي مشتمل باغ جنهن ۾ مختلف قسمن جا پکي پکڻ پڻ پنهنجي زندگي گذاري رهيا آهن ۽ هڪ خوبصورت دنيا ٺاهي ويٺا آهن. انبن جي وڻن کان علاوه ڳالهه ڪجي ته چڪن جا وڻ پڻ هڪ وڏي تعداد ۾ آهن، جيئن جي خوبصورتي پڻ هڪ تمام وڏو ڪردار رکي ٿي، جنهن خوبصورتي تي لکڻ ويهان ته لفظ ئي کٽي پون. من موهيندڙ نظارا جيڪي هميشه نيا ۽ هڪ نئين دنيا جو رخ پيش ڪندا آهن ۽ جن کي وسارڻ ڏاڍو مشڪل آهي.

قدرت جا اهي رنگين نظارا ڏسي دل کي سڪون ۽ روح کي راحت مليو وڃي، پکين جي چهچاٽ وڻڪاري ۾ ۽ پوٽن سان سينگاريل رستا ڪنهن دنياوي جنت کان گهٽ ناهن. خوبصورتي جو ڪو به دنگ ناهي، دنيا ۾ هر جڳهه خوصبورت  لهر آهي، جنهن کي انسان ڏسي هڪ بهترين خواب سمجهندو آهي ۽ ان خواب جي تعبير کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ چاهيندو آهي،  انسان جي زندگي ۾ اهي خوبصورت   جڳهيون ۽ خوبصورت نظارا تمام وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا، جيڪي انسان کي هڪ خوشگوار زندگي رهڻ جو بهترين مثال ڏين ٿا ته زندگي خوبصورت آهي، بس توهان کي ان خوبصورتي کي محسوس ڪرڻو اهي، جنهن کي ڏسي توهان جا زندگي  جي ڏک ۽ درد دور ٿي وڃن.


ڪاڇيلو فارم قديم ڳوٺن مان هڪ آهي، جيڪو شروعات کان ئي هڪ بهترين جاگرافيائي جي ڪري خوبصورت ۽ دل کي وڻندڙ آهي، جڏهن ان خوبصورتي کي وڻن ۽ ٻوٽن جي ساوڪ سان سينگارجي ته ان خوصبورتي کي چار چنڊ لڳيو وڃن. اهي خوبصورت جڳهيون اگر ائين ئي قائم رهن ته شايد اسان هن مشڪل زندگي جي دور ۾ خوش رهڻ ۽ قدرت جي نظارا مان مزو وٺڻ نه وسارينداسين، جيئن  هڪ چمن ۾ گلن جو ڪردار هوندو هي، بلڪل اهڙي طرح انهن خوبصورتين جو به اسان جي زندگين تي اهم ڪردار آهي.

No comments:

Post a Comment