Profile should be reporting based, it is how to describe a personality, Find some uniqueness
Photo of personality
Roomana Mahessar B.S Part-III 2K15-MC-104
Photo of personality
Roomana Mahessar B.S Part-III 2K15-MC-104
ليڪچرار حفيظه مهيسر
تعليم انسان جو هڪ زيور آهي تعليم هجڻ يا نه هجڻ جو اسان جي معاشراتي زندگي تي
اثر انداز ٿئي ٿو. اسان جي اڄڪلهه جي دور جي تعليم تي گهڻو زور ڏنو وڃي ٿو. اهڙي
طرح هڪ ليڪچرار حفيظه به گهڻن مشڪلاتن کي منهن ڏيئي پنهنجي اعليٰ تعليم حاصل ڪئي.
ليڪچرار حفيظه مهيسر جنهن ڳوٺ ۾ جنم ورتو
اهو علائقو تعلقه ڪنڊيارو ضلعو نوشهروفيروز
جي پٺتي پيل علائقن ۾ شمار ٿئي ٿو. حفيظه مهيسر هڪ سلچڻي ۽ عزت واري گهراڻي
جي ڇوڪري آهي. حفيظه مهيسر جي گهر ۾ غربت به جام هوندي هئي، حفيظه مهيسر کي پنج ڀائر
۽ ٻئي ڀينرون اٿس، حفيظه مهيسر ٻڌايو ته منهنجو پيءُ ننڍ پڻ ۾ وفات ڪري ويو هو، جڏهن
مان 5 ڪلاس ۾ پڙهندي هئس.
ليڪچرار حفيظه مهيسر جو والد محترم
انتهائي سجاڳ ۽ پڙهيل لکيل ماڻهو هجڻ جي ڪري پنهنجي ڳوٺ ۾ مڊل اسڪول جو بنياد
وجهرايو جٽان ليڪچرار حفيظه مهيسر ۽ آس پاس جي ڪيترين ئي نياڻين تعليم پرائي.
اڳتي هلي حفيظه مهيسر گورنمينٽ هاءِ اسڪول
ڪنڊيارو مان ميٽرڪ ۽ هائير سيڪنڊري اسڪول ڪنڊيارو مان تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ سنڌ
يونيورسٽي ڄامشورو مان M.Sc ڪئي. ليڪچرار
حفيظه مهيسر حيدرآباد جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ به پڙهايو. ان کانپوءِ ڪميشن ۾ ليڪچرار
جو امتحان پاس ڪيائين، امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ ان کي نذرت ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرار
لاءِ مقرر ڪيو.
جڏهن مان هن کان پڇيو ته توهان جي زندگي جي خوشيءَ جو لمحو ڪهڙو هو،
ته هن ٻڌايو ته مونکي الله تعاليٰ عمري جي سعادت نصيب ڪئي اها به پنهنجي امڙ
سان گڏ ۽ اها پهرين نظر جيڪا ڪعبت الله شريف تي پئي ته اهو لمحو هن جي زندگي جو
انمول لمحو هيو، جيڪو مان ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهان ۽ ٻيو جڏهن مونکي خبر پئي ته
مان ڪميشن ليڪچرشپ ۾ پاس ڪئي آهي ته اها خوشي مان پنهنجي لفظن ۾ بيان ڪري نه ٿي
سگهان.
No comments:
Post a Comment