پروفائيل
2k15/MC/82
فقير ناز محمد جلالاڻي
دنيا ۾ اهڙيون سوين شخصيتون آهن، جن پنهنجي قابليت ۽ تخليق جي ذريعي نئين
ميدانن کي جنم ڏنو، ته ٻي پاسي انهن ئي ميدانن هزارين شضصيتن کي جنم ڏنو ۽ اڄ اهي
ئي شخص انهن ميدانن جي ڪري ئي سڃاتا وڃن ٿا. اهڙن شخصيتن مان فقير ناز محمد جلالاڻي
به هڪ آهي، جيڪو ريڊيي جي ميدان جي ڪري سڄي سنڌ ۾ سڃاتو وڃي ٿو. فقير ناز محمد
جلالاڻي 1966ع ۾ ڳوٺ غلام حسين جلالاڻي ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو، پرائمري تعليم
پنهنجي ڳوٺ واري اسڪول ۽ مئٽرڪ جي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول سانگهڙ مان حاصل ڪيائين
۽ اڳتي تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. فقير ناز محمد ٽئين درجي کان وٺي ريڊيي جي
پروگرامن لاءِ لکندو اچي ۽ 1992 کان سنڌي ۽ اردو ۾ شاعري به ڪندو اچي، جيڪا تقريبن
سنڌ جي هر اخبار ۽ مئگزين ۾ شايع ٿي چڪي آهي ۽ 15 کان 20 ائٽم مختلف پرائيويٽ ريڊيو
اسٽيشن سميت ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي هلن ٿا.
ناز محمد جلالاڻي جو پهرين
خط ريديو پاڪستان حيدرآباد تي 1978ع ۾ شامل ٿيو، ان وقت کان وٺي اهو سلسلو اڄ
تائين جاري آهي. هن پاڪستان جي هر ايف ايم اسٽيشن تي خط لکيا آهن، جن ۾ 100.6
حيدرآباد، 91 ٽنڊو آدم، 101 حيدرآباد، 103 ڪراچي، 105 حيدرآباد، 104 ڪشمور، 88
سکر، 94 لاڙ، 105.2 سانگهڙ، 98 ميرپورخاص، 100 پاڪستان ڪراچي ريڊيو اسٽيشن شامل
آهن. ناز محمد هنن ريڊيو اسٽيشن جي هر پروگرام ۾ شامل ٿيو آهي. ٻه سال ڪجهه ايف ايم اسٽيشن تي آر جي به رهيو
آهي، سندن جي خواهش رهندي آهي ته جتي به پروگرام هلي رهيو آهي، ان جو حصو ٿيان ته
جيئن ان علائقي جي دوستن وٽ منهنجو پيغام پهچي سگهي. ڏينهن ۾ 10 کان 12 ڪلاڪ ريڊيو
کي ٻڌندڙ ناز محمد پاڪستان ريڊيي اسٽيشن سميت بين الااقوامي ريڊيو اسٽيشن ۾ به
لکندو رهيو آهي، جن ۾ وائيس آف آمريڪا، ماسڪو روس، قابل افغانستان، زاهدان ايران ۽
سبيا به شامل آهن. پاڻ بين الااقوامي ريڊيو اسٽيشن لاءِ خط اردو ۾ لکندا آهن ۽
انهن کي ترجمو ڪري اتي جي ٻولي ۾ پروگرام جو حصو بڻايو ويندو آهي، اهڙي ريت پاڻ ڪيترن
ئي ٻولين جي لفظن ۽ جملن سميت بين الاقوامي ٻولين جا ڪجهه ڄاڻون به آهن.
فقير نازمحمد جلالاڻي جي ايف ايم اسٽيشن لاءِ لکيل خطن جو تعداد هزارن ۾ آهي ۽
پاڻ پاڪستان جي ڪيترن ئي ريڊيو اسٽيشن کان ايوارڊ به حاصل ڪري چڪو آهي، جن ۾ بيسٽ
لسنر ايوارڊ، بيسٽ معلوماتي ايوارڊ، بيسٽ رائيٽر ايوارڊ شامل آهن. نه صرف ايترو پر
بين الاقوامي ريڊيو اسٽيشن کان به انعام ۽ سرٽيفڪيٽ به حاصل ڪري چڪا آهن. ان کان
علاوه مختلف پروگرامن طرفان ناز محمد کي گفٽن ۾ ڊي وي ڊي، وي سي آر سي ڊي جون ڪيسٽون
۽ ٻيون انيڪ شيون به ملنديون رهن ٿيون. هن وقت مليل ايوارڊن ۽ گفٽن جو تعداد به
سئون کان مٿي آهي.
ريڊيي جي دنيا ۾ فقير ناز محمد جلالاڻي سان عجيب و غريب واقعا ٿيندا رهن ٿا، هڪڙي
ڀيري جڏهن هڪ اسڪول جي ڪلارڪ غلام حسين گهامرا کان ڪنهن مئگزين لاءِ انٽرويو وٺڻ
ويو ته ان کان اڳ ڪنهن ڪم سان هڪ دڪان تي وڃڻ ٿيو، پنهنجي تعارف ڪرائڻ بعد دڪاندار
هن جي تمام گهڻي عزت ڪئي، ڇو ته ان دڪاندار فقير ناز محمد جلالاڻي جو نالو ڪيترن
ئي پروگرامن ۾ ٻڌو هو، مطلب ته ناز محمد جي نالي کان ريڊيو ٻڌندڙ عام ماڻهو به
واقف آهي، اهڙي ريت هن شخصيت جي سڃاڻپ ريڊيو آهي .ناز محمد ريڊيو ٻڌڻ جو سبب ڄاڻائي
ٿو ته ريڊيو کي ٻڌندي آئون پنهنجو ڪم جاري رکي سگهان ٿو، جڏهن ته ٽي وي ڏسڻ دوران
ماڻهو ڪو به ڪم نه ٿو ڪري سگهي. ريڊيو کي ٻڌندي شاگرد لکڻ پڙهڻ، هاري مزوري ڪرڻ ۽
دڪاندار پنهنجو ڪم به جاري رکي سگهي ٿو. ان کان علاوه ريڊيو کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻڌو
وڃي ٿو ۽ اڄ به سنڌ جا ڪيٿرائي علائقا بجلي جي سهولت کان محروم آهن پر اتي جا ماڻهو
اڄ به ريڊيو کي دلچسپي سان ٻڌندا آهن، جڏهن ته ٻئي طرف فقير ناز محمد جلالاڻي
پنهنجي شاعري ۾ عام ماڻهو جي مشڪلاتن کي پيش ڪيو آهي جن کان ريديو ٻڌندڙ عام ماڻهو
به متاثر ٿئي ٿو، هن جي شاعري کي سنڌ جا ڪيترائي فنڪار ڳائي چڪا آهن، جن جا گيت
مختلف ريڊيو اسٽيشن تي نشر ٿيا آهن.
No comments:
Post a Comment