ناليواري صحافي ۽ روزاني جيجل
جي ايڊيٽر سهيل پيرزادو جو انٽرويو
انٽرويو وٺندڙ عزمان
ايم اي پريويس2K17 (رول نمبر 57)
سوال: ٻلهڙيجي کي ” لٽل
ماسڪو“ بڻائڻ ۾ اوهان جي خاندان جو اهم ڪردار رهيو آهي، توهان جو ڪميونزم ڏانهن
لاڙو ڪيترو آهي؟
جواب: ها بلڪل ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اسان جي ڳوٺ ٻلهڙيجي
کي لٽل ماسڪو جو خطاب ڏيارڻ ۾ اسان جي پيرزادا ڪٽنب جو اهم ڪردار آهي،ان جو ڪارڻ
اهو آهي ته انور پيرزادي جهڙو عظيم ڪردار اسان کي مليو،هن نه رڳو اسان جي خاندان
پر سڄي ڳوٺ کي ڪميونزم جي ان فلسفي جو اسير بڻائي ڇڏيو،جيڪو هن ڌرتي جي گولي تي
رهندڙ هر انسان لاءِ برابري جي ڳالهه ڪري ٿو،ڪميونزم جو فلسفو صفا سادو ۽ سولو
آهي، ان جي وضاحت رڳو ان جملي ۾ ئي ڪري سگهجي ته اسان جي معاشري ۾ بنيادي طور تي
ٻه طبقا رهن ٿا، هڪ پورهيت ۽ ٻيو سرمائيدار طبقو آهي، پورهيت طبقو اهو آهي، جيڪو
سرمائيدار کي سندس سرمايو وڌائي ڏيڻ ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، مارڪس ۽
اينجلس کي جيڪڏهن پڙهيو ۽ سمجهيو وڃي ته انهن جي ان فلسفي ۾ سڄي معاشري جي ڳالهه
ٿيل آهي، جنهن ۾ رڳو هر ماڻهو لاءِ هڪ جيترن وسيلن جي ڳالهه ڪئي وئي آهي،هي اها
بنيادي ويڙهه آهي، جيڪا اڃا تائين هلي رهي آهي، جيتوڻيڪ اهو چيو وڃي ٿو ته سوويت
يونين ٽٽڻ کانپوءِ ڪميونز به ختم ٿي ويو پر ائين بلڪل به ناهي، مون سميت ڪميونزم
۾پختو يقين رکندڙ هر ماڻهو جو اهو ئي جواب آهي ته نظريو ڪڏهن به ختم ناهي ٿيندو ۽
هي ته اهڙو نظريو آهي، جنهن ۾ انسانيت جي ڀلي ۽ برابري جي ڳالهه ٿيل آهي، جيڪڏهن
هن سماج ۾ اڪثريت رکندڙ پورهيت طبقو نه هجي ته سرمائيدار جو گاڏو ڪيئن هلندو؟ ان
ڪري منهنجي خيال ۾ ڪميونزم ختم ناهي ٿيو پر ان جي ضرورت اڄ اڳ کان به وڌيڪ محسوس
ٿي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته سرمائيدار طبقي هٿان استحصال جو شڪار ٿيندڙ معاشري جي گهڻائي
وارو طبقو ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي ۽ اقليت رکندڙ سرمائيدار طبقو اڃا مضبوط
ٿيندو پيو وڃي ۽ اسان کي هاڻ به اڳ جيان ئي پختو يقين آهي ته انهن ٻنهي طبقن ۾
جيڪا ويڙهه ورهين کان هلي رهي آهي، ان جي نتيجي ۾ انقلاب ضرور ايندو ۽ ان انقلاب
جي نتيجي ۾ دنيا جي گولي تي پورهيت طبقي جو راڄ ٿيندو،
سوال: موجوده دور ۾ پرنٽ
ميڊيا جو ڪردار ڪئين ٿا ڏسو؟
جواب: جيتوڻيڪ هن جديد ٽيڪنالاجي ۽ سائنسي دور ۾ پرنٽ
ميڊيا جي حوالي سان مختلف ڳالهيون، تاثر ۽ رايا آهن پر منهنجو ذاتي خيال اهو آهي
ته پرنٽ ميڊيا جي اهميت اڄ به ايتري ئي آهي، جيتري پهرين هئي، ان ڪري جيڪڏهن اهو
سمجهيو وڃي ته سوشل ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ڪري پرنٽ ميڊيا آهستي آهستي دم ٽوڙي
ويندي ته گهٽ ۾ گهٽ ويجهي مستبقل ۾ مونکي اهڙو ڪو امڪان نظر نه ٿو اچي، ان جو هڪ
ڪارڻ اهو به آهي ته جتي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ترقي ڪئي آهي، اتي هر ماڻهو جي اٿڻي
ويهڻي ۽ زندگي جا معيار به مٽجي چڪا آهن، هڻ وٺ واري هن دور ۾ جتي انسان پنهنجي
جياپي لاءِ وڏي جدوجهد ڪري رهيو آهي، اتي ماڻهن کي ايترو وقت ڪٿي ٿو ملي ته هو گهر
۾ ويهي ٽي وي ڏسن يا وري موبائل جي اسڪرين تي مٿو کپائين، مان ائين نه ٿو چوان ته
سوشل ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي خاص اهميت ناهي پر مان صرف پنهنجي ملڪ ۽ سنڌ جي ڳالهه
ڪندس ته هتي پرنٽ ميڊيا جي اهميت ان ڪري به اڃا تائين برقرار آهي ته توهان کي هر
هنڌ انٽرنيٽ ۽ بجلي جي سهولت نه ٿي ملي، اوهان سفر ۾ آهيو يا وري ڪنهن ٻهراڙي،
جابلو يا ٿري علائقي ۾ آهيو ته اتي اوهان کي دنيا جي خبر ڇار رکڻ لاءِ اخبار جي
ضرورت پوي ٿي، ان کانسواءِ ٽي وي يا سوشل ميڊيا تي توهان کي رڳو شروعاتي ڄاڻ ملي ٿي
پر اخبار ۾ خبر سان گڏ ان تي تجزيا، رايا ۽ ايستائين جو مسئلن جي حل جون تجويزون
به ملن ٿيون، ان ڪري پرنٽ ميڊيا جي اهميت ختم ناهي ٿيڻي.
سوال: سنڌ جي ڳوٺ ۾ پرنٽ
۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي ڪهڙي نظر ۾ ڏٺو وڃي ٿو ۽ مضبوط ڪهڙو ذريعو آهي؟
جواب: سنڌ جي ٻهراڙين جي ڳالهه ڪجي ته اتي اليڪٽرانڪ ۽
پرنٽ ميڊيا کي جتي هاڪاري نظر سان ڏٺو ٿو وڃي،اتي ان جا ناڪاري اثر به ظاهر ٿين
ٿا، ڏسو اسان جو سنڌي معاشرو مختلف ريتن، رسمن ۽ رواجن تي ٻڌل آهي، ٻهراڙين ۾
پهرين عورت جي تعليم کي ڏوهه سمجهيو ويندو هو پر اهو تاثرهاڻ گهڻي حد تائين ختم ٿي
ويو آهي ۽ ٻهراڙين جون نياڻيون توهان کي اسڪولن ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ پڙهندي نظر
اينديون، ايترو ئي نه پر ٻهراڙي جون اهي نياڻيون هاڻ مختلف ادارن ۾ نوڪريون به ڪن
ٿيون،اها تبديلي آڻڻ ۾ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جو وڏو هٿ آهي، ان سان گڏ ميڊيا
ٻهراڙين جي مسئلن،سماجي براين ۽ ٻين معاملن کي به وائکو ڪري اقتداري ايوانن تائين
پهچائين ٿيون، پهرين ٻهرارني ۾ ڪاروڪاري، جرڳائي سسٽم ۽ ڀوتارڪو راڄ عام هو پر هاڻ
ان ۾ وڏي حد تائين گهٽتائي آئي آهي، ڇو ته هاڻ عام ماڻهو ۾ پنهنجي اهميت ۽ پنهنجي
حقن بابت شعور پيدا ٿيو آهي، ان ۾ به وڏو ڪردار ميڊيا جو آهي، تنهن ڪري منهنجي
خيال ۾ ميڊيا کي ٻهراڙين ۾ هاڪاري نظر سان ڏٺو ٿو وڃي، رهي ڳالهه مضبوط چينل جي ته
مان ان ۾ ڪا راءِ نه ڏيندس، سڀ چينل اسان جا پنهنجا آهن، جيڪو به چينل سنڌ ۽ سنڌ
جي مسئلن جي ڳالهه ڪري ٿو، اهو مضبوط آهي، باقي مان اهو ضرور چوندس ته هن وقت سنڌ
جو ڪيس وڙهي ئي ميڊيا خاص طور تي سنڌي چينل رهيا آهن، سياست ته ذاتي ۽ شخصي مفادن
جي ور چڙهي وئي آهي....
سوال: اڄڪلهه نوجوان
طبقو ميڊيا طرف گهٽ ٿو اچي، ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟
جواب: نوجوان طبقي جو ميڊيا ۾ گهٽ اچڻ وارو تاثر بلڪل صحيح
آهي ۽ مان ان سان متفق به آهيان، ان جو هڪ ڪارڻ اهو آهي ته اسان جي نام نهاد قومي
ميڊيا ته اسان جي سنڌي نوجوانن کي ويجهو اچڻ ئي نه ٿي ڏئي، رهي ڳالهه سنڌي چينلن ۽
اخبارن جي ته انهن ۾ جيڪي نوجوان اچن ٿا، اهي پارٽ ٽائيم لاءِ اچن ٿا، ان جو ڪارڻ
اهو آهي ته اسان جا سنڌي چينل ۽ اخبارون اڃا تائين ورڪر دوست ناهن ٿي سگهيون، مان
پاڻ هڪ اداري جو ايڊيٽر آهيان پر مونکي انتهائي مايوسي، شرمساري ۽ افسوس سان ڇوڻو
ٿو پوي ته اسان جي سنڌي ادارن ۾ ائين سمجهو ته ٺيڪي تي ڪم ٿو هلي، هتي نه ڪا جاب
سيڪيورٽي آهي ۽ نه ئي وري ڪي اهڙيون سهولتون آهن، جيڪي نوجوانن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي
اچن، مونکي اهو چوندي ڪابه هٻڪ نه ٿي ٿئي ته اسان جا سنڌي ادارا ڪمائين ته جام ٿا
پر اڄ به هر اداري ۾ ورڪر کي ٻيون سهولتون ته پري جي ڳالهه ايتري پگهار به نه ٿيون
ڏين جو اهو پنهنجو ۽ پنهنجي گهر ڀاتين جو سولائي سان پيٽ پالي سگهي، جيڪڏهن مان
ائين ڇوان ته اسان جا سنڌي ميڊيائي ادارا ٻيون خرڪار ڪيمپون آهن ته منهنجي خيال ۾
ان ۾ ڪو وڌاءُ نه هوندو...
سوال: سنڌ جي صحافتي
ادارن ۾ عالمي قانون تي ڪيتري حد تائين عمل ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏهن نٿا ڪيا وڃن ته ان
جا سبب ڪهڙا آهن؟
جواب: ڪنهن هڪ قانون جي هڪ نقطي تي به عمل نه ٿو ٿئي،
عالمي قانونن کي ته ڇڏيو پر خود اهي ادارا پنهنجا جيڪي قانون جوڙين ٿا انهن تي ئي
عمل نه ٿو ڪيو وڃي، ان جو ڪارڻ رڳو اهو آهي ته سنڌي ادارا اهو سمجهن ٿا ته انهن
کان نه ڪو پڇاڻو ڪندو ۽ نه ئي وري ڪو انهن کي چيلينج ڪندو، هي سرمائيدار ۽ پورهيت
جي ويڙهه آهي پر هتي ادارن ۾ ويٺل پورهيت ٻين جي حقن جي ڳالهه ته ڪن ٿا پر پنهنجي
حقن لاءِ ٻڙڪ به نه ٿا ڪڇي سگهن، جيڪڏهن ڪو ائين ڪرڻ جو سوچي به ٿو ته ان کي ٻئي
ڏينهن تي ئي گهر ڀيڙو ڪيو وڃي ٿو، منهنجي خيال ۾ ميڊيائي(سنڌي) ورڪرن جي ڪا يونين
يا تنظيم نه هجڻ ڪري مالڪن جي هڪ هٽي قائم آهي، جيڪي ورڪرن کي مرضي سان پيڙهي
پنهنجي قانونن تي هلڻ تي مجبور ڪن ٿا.
No comments:
Post a Comment