Thursday, 23 March 2017

فيچر، قاسم آباد جي روشنين جو مرڪز نسيم نگر - شائستہ سومرو Shaista Soomro

فيچر- قاسم آباد جي روشنين جو مرڪز نسيم نگر"

 شائستہ سومرو
2k15/MC/110
نسيم نگر قاسم آباد جو پُر امن ۽ مصروف ڪاروبار جو مرڪز وارو ايريا آهي، جيئن ته حيدرآباد ۾ قاسم آباد جي علائقي کي وڏي اهميت حاصل آهي، اهڙي طرح سان قاسم آباد جو مکيه ايريا نسيم نگر آهي.
نسيم نگر جي ويران زمين 1980 ۾ الله بخش مگسي خريد ڪئي  پوءِ جڏهن 1980 ۾ سنڌي مهاجر جهڳڙا شروع ٿيا ته لطيف آباد ۾ رهندڙ سنڌين کي بي رحمي سان قتل ڪيو ويو ۽ سندن گهرن  تي مهاجر قبضو ڪري ويهي رهيا، وڏي تعداد ۾ سنڌين کي شهيد ڪري حيدرآباد جا رستا سنڌين جي خون سان رنگيا ويا ۽ سنڌين جي مال ۽ جائيداد تي وارث کين پنهنجي ئي ديش ۾ لاوارث ڪيو ويو.  هزارن جي تعداد ۾ هيرآباد ۽ لطيف آباد جا سنڌي اچي قاسم آباد ۾ پناهه ورتي ۽ وڏي تعداد ۾ سنڌي اچي نسيم نگر ۾ آباد ٿيا ۽ اهڙي طرح سان نسيم نگر ويران ۽ ٻنين واري زمين مان ڪاروباري روشنين جو مرڪز بڻجي  ويو، نسيم نگر جي ڪچي آبادي ۾ وڏي تعداد ۾ سومرا ۽ ڏومرا برادري شروع کان وٺي آباد آهن. 

نسيم نگر جو باقاعده سان ٺاهڻ 1988 ۾ شروع ٿيو ۽ “فيز ون” “فيز ٽو” ۽ “فيز ٿري” ۾ ورهايو ويو، وقت سان گڏو گڏ هن ايريا جي آبادي ۾ تيزي سان اضافو ٿيندو پيو وڃي، هتي ته ڳوٺن کان به ماڻهو اچي پنهنجو روزگار جي تلاش هن ايريا ۾ شروع ڪن ٿا، نسيم نگر ۾ حڪومت جي اعلان مطابق روڊن کي بهتر بڻائڻ جو ڪم ته شروع ڪيو ويو پر ايريا ۾ سيورج نظام کي بهتر بڻائڻ جي حڪومتي واعدن کي پورو ٿيڻ ۾ اڃا وقت لڳندو، برساتن جي مُند ۾ نسيم نگر تلاءُ جو منظر پيش ڪري ٿو. خاص ڪري فيز 3 ۾ سيوريج جي خراب صورتحال جي ڪري مهيني تائين برساتن جي پاڻي جو نيڪال ناهي ٿيندو ان سان گڏو گڏ هتي جي رهواسين بجلي ۽ پاڻي جي فراهمي چار چار، پنج پنج ڏينهن تائن محروم رهن ٿا.

نسيم نگر جي مصروف ترين ۽ خوبصورت جڳهه نسيم نگر جو چوڪ آهي، حڪومت اعلان ڪيو آھي ته روڊن تان ڪچي آبادي کي پاسي تي ڪري چوڪ وٽان فلائي اوور ٺاهيو ويندو.چوڪ کي تازو ئي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت 760 ملين روپيا خرچ ڪري مرهمت ڪرائي آهي، ان جي روڊن کي صاف سٿرو ۽ ٽرئفڪ لاءِ ويڪرو ٺاهيو ويو آهي، نه ته پهرين اتان جي خراب روڊن جي ڪري هتي بد ترين ٽرئفڪ جام ٿيندي هئي پر هي صورتحال پهرين کان صحيح آهي، رات جي وقت ۾ اهو چوڪ تمام سهڻو لڳندو آهي،

سَوَن جي تعداد ۾ دڪانن ۽ روشنيون ۽ روڊ تي اڻ کٽندڙ گاڏين جي قطار ان کي وڌيڪ پرڪشش بڻائي ٿي، ان ئي چوڪ تي صبح جي وقت شاگردن جي رش هوندي جنهن ۾ گهڻي تعداد ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جي هوندي آهي، روز صبح جو ورسٽي جا ڪيترا ئي شاگرد پنهنجي خوابن کي پورو ڪرڻ جو سفر اتان شروع ڪندا آهن اميد آهي ته مستقبل جا اهي معمار اڳيان هلي جڏهن ڪنهن منزل تي پُهچندا آهن ته پنهنجي هن ايريا جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا



No comments:

Post a Comment