سهيل منظور ميمڻ
2k15/MC/85-:رول نمبر
ھالا هينڊي ڪرافٽ ۾ ڪآشی جو ڪم
ڪلاس׃־بي ايس پارٽ ٽيو.
سنڌ پنهنجي مختليف هينڊي ڪرافٽ ۽ آرٽ جي دنيا جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو. سنڌي
هينڊي ڪرافٽ جو ڪم آمريڪا بخداد المنصره سمرقند جي قديم مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيو وڃي ٿو.
سنڌ جي ثقافت، لائف اسٽائل، روايتون سان گڏوگڏ جاگرافيائي حالتون سنڌي فن جي اثر هيٺ آهن. هالا هٿ جي هنر
جي ڪري تمام مشهور آهي.هالا شهر خوبصورت ۽ قديم هجڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي ثقافت جي
علامت ۽ دستڪاري جو مرڪز پڻ آهي. هالا کي سنڌ جي ثقافت جو شهر پڻ سڏيو وڃي ٿو. هن
کي ثقافت جو شهر ان ڪري سڏيو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته هتي سنڌ جي ثقافت جي شيئن کي هٿ سان
تيار ڪيون ويندو آهي. جينهن کي هينڊي ڪرافٽ چيو ويندو آهي. هيء سمورو ڪم خالص هٿ
سان ڪيو وڃي ٿو.هالا جي هينڊي ڪرافٽ ۾ هٿ سان ڪيتريون شيون تيار ڪيون وينديون آهن،
جينهن ۾ اجرڪ، سنڌي ٽوپي، رلي، پينگھا، کٽ، وينجڻي، دلا، مختليف قسمن جا ڪپڙا،
عرتون جا پرس ۽ جوتي، گج،انهن مانڪاشي جو ڪم به هڪ آهي.
ھالا جي هينڊي ڪرافٽ ۾ ڪاشي جو ڪم تمام مشهور هجڻ سان گڏو گڏ تمام خوبصورت آهي.
جيڪو پوري سنڌ م مشهور آهي ڪاشي جا ٿانوءَ مختليف شڪلون ۽ مختليف سائزون ۾ ٺاهيا
ويندا آهن انهن جا مختليف رنگ پڻ ٿين ٿا جنهن ۾ نيرو، اڇو، ڦڪو، وڱڙائي، گاڙ ۽
سائي رنگ ۾ موجد آهن. ڪاشي جي شيئن ۾ ڪاشي جا ڊينرسيٽ، ڪاشي جا رانديڪا، گل دان،
مانيءَ جو هاٽپاٽ، ماٽي. ۽ ڪاشي سان تيار ڪيل ڪيتريون شيون موجد آهن.
ڪاشي لفظ جي معني ”ٽائلز“ آهي، جيڪو فارسي جو لفظ آهي. ڪاشي جو ڪم بريصغر ۾
تمام پراڻو آهي. هن ڪم جي شرعات 5000 سال سڀ کان پهري موئن جي دڙي ۾ ٿي. موئن جي
دڙي مان مٽيءِ جا رانديڪا مٽيءِ جا ٿانوَ ۽ مٽيءِ جا مجسما لڌا ويا آهن. پوءِ 13 صديءَ ۾ هي ڪم فارسي اسٽائل ۾
واپس شريع ٿيو، پوءِ ايراق مصر ۽ شام ۾ ڪيو ويو. ان کان پوءِ مغلن جي دور ۾ هن ڪم
کي وڌيڪ ترقي ملي، هنن ڪاشي سان خوبصورت مسجدون، قيلا ۽ جائيون ٺاهيون. ۽ هن ڪم کي
مسلم آرٽ سان ملائي ڇڏيو. اڄڪلھ اسان سنڌ ۾ ڪيترين جائن تي ڪاشي ڪم ٿيل ڏسون ٿا.
جيِءَ ته ڀٽ شاھ ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار، خيرپور ۾ سچل سر مست جي مزار ۽
ٺهٺي ۾ شارجهان مسجد ۽ ٻيون ڪيتريون جائنوغيره ۾ ڪاشي جو تمام گھڻو ڪم ويو آهي.
هالا ۾ ڪاشي جون چار اهم صنعتون موجد آهن. اهي صنعتون تمام پراڻون آهن جن ۾ هالا
جا انتهائي باصلاحيت ماڻهن ڪم ڪري رهيا آهن. جيڪي مٽيءَ کي هڪ خوبصورت شڪل ڏئي هڪ
چمڪدار شيءَ ۾ تيار ڪن ٿا. جڏهن آئون هالا ۾ ڪاشي جي صنعت ۾ گھمڻ ويس ته اتي ڏيٺم
ته سڀ کان پهري هڪ شخص ڪجھ مٽيءَ کي کڻي ان کي مختليف شڪلون ۾ تبديل ڪري ٿو. ان
کان پوءِ 900 ڊگري جي گرمائش ۾ 12 کان 14 ڪلاڪ رکي ٿو، پوءِ هو ان کي سج جي سامون
رکي سوڪائي ٿو ۽ پوءِ ان کي هو هڪ خاص مٽيءِ سان پوليش ڪري ٿو. اها خاص مٽيءِ سنڌ جي شهر سيهوڻ جي پهاڙن مان نڪري ٿي، جيڪا
خاص هنن شيئن کي پوليش ڪرڻ لاءِ استمال ڪئي ويندي آهي. پوءِ رنگ ڪرڻ وارو انهن کي
رنگ ڪري خوبصورت بڻائي ٿو،پوءِ انهن شيئن کي چمڪدار ڪرڻ لاءِ پچايو ويندو آهي.
آخرڪار ڪاشي تيار ٿي وڃي ٿو، ڪاشي جي شيءَ کي تيار ٿيڻ جا تڪريبن 20 حصا آهن.
هالا جا هينڊي ڪرافٽ
پوري سنڌ ۾ مشهور آهن. هالا جي هينڊي ڪرافٽ جي سامان جو ڪاروبار پوري سنڌ ۾ جوش و
خروش سان هلي رهيو آهي. ڪراچي ۽ حيدراباد ۾ هينڊي ڪرافت جا ڪيترائي دڪان موجد آهن.
جيتي مختليف قسم جا هينڊي ڪرافٽ ميلن ٿا. جنھن ۾ڪاشي سان تيار ڪيل ڪيتريون شئيون
ميلن ٿيون.هالا ۾ هينڊي ڪرافٽ جا 50 کان وڌيڪ دڪان موجود آهن جيتي ڪاشي سان تيار
ٿيل سامان پڻ ملي ٿو. ان کان علاوههالا ۾ ڪاشي جون مختليف صنعتون موجود آهن جيتي
ڪيترائي ماڻهن ڪم ڪن ٿا، جين ۾ عورتون پڻ شامل آهن. جيڪي ڪيترين مشڪلاتون جي
باوجود پنهنجي ڪم کي پورو ڪن ٿا ۽ سنڌ جي ثقافت کي اُجاگر ڪن ٿا.
ڪاشتڪاري کي وڌائڻ لاءِ
حڪومت طرفان ڪيترائي قدم کيا پيا وڃن جنهن ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف فيشن اينڊ ڊزائن
جي نالي سان هڪ ڪاليج قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو چار سالن جي بيچلر جي ڊيگري تي مشتمل
آهي، جنهن جي فيس به تمام گهٽ آهي. جنهن سان هن ڪم ۾ تمام ترقي ٿيندي.
No comments:
Post a Comment