Friday, 17 March 2017

Interview of Wahid Kandhro by Naseer Channa


نوجوانن کي وڌ ۾ وڌ ادب پڙهڻ گهرجي: واحد ڪانڌڙو

انٽريو: نصير احمد چنا

 2k17-MMC-33 M.A (Previous) 

واحد بخش ڪانڌڙي جو جنم لاڙڪاڻي ضلعي جي تاريخي ماڳ موهن جو دڙو ڀرسان باڊهه شهر ۾ 3 جنوري 1976ع ۾ ٿيو، سندس والد جو نالو حاجي محمد خان ڪانڌڙو آهي، جيڪو هاري هو، هن بنيادي تعليم درگاهه پاڙي ۾ هندو زميندار جي تعمير ڪرايل ريوا چندر پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي جڏهن ته مئٽرڪ باڊهه۽ انٽر حيدر بخش جتوئي ميموريل ڪاليج ڏوڪري مان 1993ع ۾حاصل ڪئي، جڏهن ته ايم ايس سي 1995ع ۾ نصيرآباد ڪاليج مان ڪئي ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ 2010ع ۾ شاهه لطيف يونيورسٽي مان ڪئي، واحد بخش ڪانڌڙي سنڌ جي ادب جي خدمت طور 10 ڪتاب پڻ کليا آهن، جڏهن هو مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ پڻ وصول ڪري چڪو آهي.

س: ادب جي دنيا ۾ توهان ڪڏهن ۽ ڪيئن آيا؟

ج: منهنجو ادب سان چاهه پرائمري کان ئي هيو، ان وقت اسان جو استاد ۽ مشهور شاعر سائين غلام نبي ڪولاچي پڙهائيندو هو، سندس ريڊيو توڙي ٽي وي جي ڪچهري پروگرامن ۾ اڪثر شرڪت هوندي هئي ۽ اسان جي اسڪول ۾ ٻارڙن جو رسالو”گل ڦل“ گهرائيندو هو، جيڪو اسين ٻارڙا گڏجي پڙهندا هئاسين ۽ سائين غلام نبي ڪولاچي سان گڏ شاهن باڊاهي، راز سروري ۽ ٻيا شاعر ڪچهريون ڪندا هئا، جن جو مون تي تمام گهڻو اثر پيو، مون شاعري جي شروعات 1995ع ۾ ڪئي،

ڳوڙهن ۾ ڀڳل منهنجا ٻئي ڳل

توبن منهنجي سانوري

اها منهنجي پهرين وائي هئي ۽ پوءِ مان 1996ع ۾ سنڌي ادبي سنگ شاخ باڊهه ۾ پير پاتو ۽ مان سنگت ۾ سرگرم رهيس ۽ منهنجي ان دوران سينيئر شاعرن اصغر سنڌي، عادل عباسي، اقبال کوکر ۽ ٻين رهنمائي ڪئي.

س: توهان ڪهڙي قسم جي شاعري ڪرڻ پسند ڪندا آهيو؟

ج: شاعري شاعرن جي خيالن جي چوڌاري ڦري ٿي، مثال طور شاعر کي جهڙو ماحول ملندو آهي هو اهڙو ئي لکندو آهي،  پيار، محبت، فطرت جا حسين رنگ توڙي سماجي قدر منهنجي شاعري عڪس آهن.

س: ڳوٺاڻي ماحول سان واسطو هئڻ سبب فطرت جي رنگن کي ڪيئن ٿا ڏسو؟

ج: توهان ڳوٺ جي ڳالهه ڪئي، حقيقت ۾ ڳوٺ جي خاموشي، شهر جي چور کان هزار دفعا بهتر آهي، ڳوٺ ٻوليءِ جي نرسري آهن، جڏهن ته شهر ٻوليءَ جو بگاڙ آهن، شهر هڪ شعر جون سٽون آهن ته:

شهر ۾ چور چورئي آهي

ڳوٺ پنهنجي سانت سان هلندو


س: توهان کي شاعري جو شوق ڪيئن ٿيو؟

ج:   شاعري جو شوق حقيقت ۾ دل ونڊرائڻ جو هڪ بهانو آهي، جيڪو اڳتي هلي عبادت ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو، اهو شاعر تي ڇڏيل آهي ته هو شاعريءَ کي ڪيترو وقت ڏئي ٿو، سنجيده ماڻهو جي طبيعت سان سنجيدهه جنم وٺي ٿي.

س: سنڌي ادبي سنگت ۾ ڪڏهن کان رڪنيت آهي ۽ ڪڏهن ڪو عهدو مليو؟

ج: سنڌي ادبي سنگت جو ذڪر ڪري چڪو آهيان، آئون باڊهه ۾ سيڪريٽري رهي چڪو آهيان، ان دوران مون ڪيترائي ليڪچر پروگرام توڙي مشاعرا ڪرايا، هن وقت آئون سنڌي ادبي سنگت شاخ حيدرآباد جي ڪاروباري ڪاميٽي جو ميمبر آهيان.

س: ادب پڙهڻ ڇو ضروري آهي؟

ج: ادب يا تاريخ پڙهڻ سان ماڻهو جي ذهن جا پردا کلن ٿا ۽ ماڻهو سماج ۾ پيدا ٿيندڙ اٿل پٿل کان واقف رهي ٿو، ماڻهو ۾ صحيح يا غلط فيصلو ڪرڻ جي صلاحييت پيدا ٿئي ٿي، ادب پڙهڻ کان سواٰ انسان کوکلو آهي.

س: سنڌ جي ڪهڙن ڪهڙن اديبن سان توهان جون رهاڻيون ٿيون آهن؟

ج: صحافت ۾ هجڻ ڪري منهنجون کوڙ سارن اديبن ۽ شاعرن سان ڪچهريون ٿيون آهن، جيڪو سلسلو اڃا به جاري آهي، عبدالواحد آريسر، جھميد سنڌي، خاڪي جويو، احمد خان مدهوش، آسي زميني، عطا محمد ڀنڀرو، وسيم سومرو، اعجاز منگي، سعيد ميمڻ، آزاد انور ڪانڌڙو، ادل سومرو، يوسف شاهين، امداد حسيني، احمد سولنهي، حاجي ساند ۽ ٻيا ڪيترائي آهن، جن جا نالا في الحال ذهن تي نٿا اچن، انهن کان معذرت.

س:ادب ۽ شاعري سان سنڌ جي نوجوانن جو ڪيترو چاهه آهي؟ ان بابت ٻڌايو؟

ج: شاعري ۽ ادب اسان جي نوجوان جي رڳ ۾ سمايل آهي، سنڌ ۾ هن وقت 50 هزار کان به وڌيڪ شاعري ۽ ادب جا ڪتاب ڇپجن ٿا، جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت ايشيا جي واحد ادبي سنگت آهي جنهن جي نه رڳو هر هفتي ويهڪ ٿيندي آهي پر گڏوگڏ ادب ۽ شاعري جا پروگرام به ڪرايا ويندا آهن ۽ ڪتاب پڻ شايع ڪرايا ويندا آهن.

س: صحافت ۽ ادب جو تعلق هڪ ٻئي سان ڪيترو ويجهو آهي؟ ان کي توهان ڪيئن ٿا ڏسو؟

ج: صحافت ۽ ادب هڪ ٻئي جي قريب آهن، ائين کڻي چئجي ته ٻنهي ۾ ڪوبه فرق نه آهي، البته ائين چئي سگهجي ٿو ته صحافت تڪڙو ادب آهي، جڏهن ته ادب ۾ ڪهاڻي، شاعري يا ناول لکبو ته اهو گهڻي غور ويچار کانپوءِ سرجندو آهي.

س: توهان ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب لکيا آهن؟

ج: منهنجي ڇپيل ڪتابن ۾ پکي ٿي اڏامي وڃان، سيد اياز ۽ مجيب، عظيم ماڻهن جو عظيم موت، عظيم اڳواڻ شهيد بشير قريشي، سوشلسٽ طالبانائيزيشن ۽ مظلوم قومون، ٿر جو ماڻهو، سنڌ جو آريسر، شان صحافي شان ڏهر تي، اندر روح رقيام، تاريخ جو پڙاڏو  شامل آهن.

س: ادب ۽ شاعري جي حوالي سان توهان سنڌ جي نوجوانن کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيندا؟

ج: شاعري جيڪڏهن ڪو شاعر لکي ٿو ته معياري لکي، ڀل اها ٿوري ئي هجي پر اثر ڇڏيندڙ هجي، نوجوانن کي وڌ ۾ وڌ ادب پڙهڻ گهرجي، ان سان ئي ٻولي جو واڌارو ٿيندو ۽ ڪنهن قوم جي سڃاڻپ به ٻولي ئي هوندي آهي  ۽ زندگي گذارڻ جي لاءِ توهان پنهنجو رستو چونڊ ڪريو .

Naseer channa

2k17MMC33

DATE: 1-3-2017


No comments:

Post a Comment