وتايو فقير
عطاءُ الله ميمڻ
ايم اي (پريويس)
ايم اي 2 ڪي 17

وتائي فقير بابت ڪيتريون
ئي روايتون موجود آهن، ڪجهه روايتن م آهي ته وتايو فقير نصرپور ڀرسان واقع هڪ ڳوٺ
جو واھڻائي واڻيو ھو ۽ آخر تائين واڻيو ئي رهيو ته ڪجهه روايتن ۾ اهو به آهي ته
وتايو فقير ڄائي ڄم کان مسلمان هو، وري ڪجهه روايتن ۾ اهو به آهي ته وتايو فقير
هندو مذهب ڇڏي مسلمان بڻيو ۽ جنهن کانپوءِ سندس نالو ”وتايو فقير شيخ“ رکيو ويو پر
ڄاڻايل سڀني روايتن جي ڪا ٺوس ثابتي موجود نه آهي، بهرحال وتايو فقير بابت اهو
ضرور مشهور آهي ته هو ننڍپڻ کان پنھنجي سوچ سمجهه ۽ داناءُ عقل رکندڙ شخص هو، سندس
عقلمندي جا چرچا پري پري تائين مشهور هئا ۽ ڪيترن ئي علائقن مان ماڻهو مسئلن يا
ايئن کڻي چئجي ته خوابن جي تعبير پڇڻ لاءِ وتايو فقير وٽ ايندا هئا. وتايو فقير کي
پنھنجي وقت جو سياڻو ماڻھو سمجهيو ويندو ھو، بلڪه ڪي ته ايئن به چوندا آھن ته ”سياڻي سنڌ، سياڻو ماڻھو
ھڪ ئي پيدا ڪيو اھو ھو وتايو فقير. ڏاھا ڏيهه ۾ گھڻا پر سياڻو لکن ۾ ھڪڙو. ڏاھي جي
ڏاھپ جو دارومدار آھي ڏاھ تي، يعني ٻڌ سڌ يا خبرچار تي، پر سياڻو ماڻھو ان کي چوندا
آهن جنھن کي اندر جو سوجھرو ھجي ۽ سڃاڻ ھجي، اسان وٽ عام ٻولي ۾ انهي کي ڄمندي ڄام
به چيو ويندو آهي، وتايو فقير پنهنجي سموري زندگي هڪ عام ۽ سادي ماڻهو جيان گذاري،
يا کڻي ايئن چئجي ته پاڻ کي هميشه چريو ڪري رکيو.
ٽنڊوالهيار کان 3 ڪلو ميٽر پهرين
واقع قبي اسٽاپ تي وقايو فقير جي آخري آرامگاهه آهي، جتي وڃڻ سان اوهان کي خبر
پوندي ته پنهنجي وقت جي درويش صفت انسان جي مزار اڄ به هڪ درويشي جو ڏيک ڏئي رهي
آهي، سندس قبر مٿان ڪو به ڇپرو يا ڇت نه آهي، چار چار فوٽ تائين چئني پاسن کان آيل
ڀت ۽ اندر ڳو ديوين جي ساوڪ ئي سوڪ نظر ايندي، انهي تي وتايو فقير جي هڪ ڳالهه ياد
اچي وئي ته چوندا آهن ته (ھڪ ڏينھن وتائي پنھنجي امڙکي چيو ته ”امڙ بک لڳي اٿم،
ماني کارائين ته چڱو!“ تنھن تي ماءُ وراڻيس ته ابا گھر ۾ باهه ڪونھي
ڪٿان پاڙي مان ٽانڊو کڻي اچ ته ماني پچائي ڏيان، وتايو اوڙو پاڙو گھمي آيو پر ڪٿان
به ٽانڊو ڪونه مليس ۽ ماءُ کي چيائين ته امان وڃان ٿو دوزخ مان
باھ کڻڻ، جھٽ پلڪ بعد کلندو ٽپا ڏيندو گھر
ڏانھن موٽيو ۽ ماءُ پڇين ته ابا ٽانڊو مليو؟ جواب ڏنائين ته: ”امڙنه، دوزخ ويس ته
اتي وارا فرشتا منهنجي مٿان کلڻ لڳا ته ھتي باھ ڪٿي، الله پاڪ ڪو بٺيءَ وارو يا
نانوائي ته نه آھي جو باھ جا کورا يا بٺا ٻاري ويھي، پنھنجي مخلوق کي شيخ ڪباب
جيان پچائي، ھتي ھر ڪو پنھنجي حصي جي باهه پاڻ سان گڏ کڻي ايندو آھي، جا باھ ھر
انسان لوڀ، لالچ، حسد، بغض ۽ نفرت جي روپ ۾ پاڻ وٽ جمع ڪندو ٿو رھي، ھتي اچي ھر
ماڻھو پنھنجي گڏ ڪيل باھ جي پونجي ۾ پاڻ پڄرندو ٿو رھي).
اها هڪڙي نه اهڙيون کوڙ ساڙيون
وتايو وفقير جون نصيحت ڀريون چوڻيون موجود آهن، جيئن (هڪ ڀيري ماڻھن کي ھي ڏسي حيرت ٿي ته صبح وسير کان وتايو مقام جي لنگهه
تي پاٿاري پا؟ي ويٺو آجي ۽ مقام ڏانھن ايندڙ جنازن جي پڇا پئي ڪيائين، ڪن ماڻھن
کانئس پڇيو ته وتايا! خير ته آھي فجر کان مقام جو در ورتو اٿئي؟ وراڻي ڏنائين ته
رات ڪو شاھينگ جُتي تڳائي ويو آھي ۽ چور جو اڳ وٺڻ لاءِ ھت ويٺو آھيان، اڳي پوءِ
ايندو ته هتي ئي ۽ آئون کيس پڪڙي وٺندس)، سمجهدارن لاءِ اهو ڪافي آهي ته انسان
دنيا ۾ ڪيترا به دڳ وٺي يا ڪيترو به پاڻي کي بچائي پر سندس آخري هنڌ قبرستان ئي
آهي، جتي کيس هر حال ۾ اچڻو آهي.
پر انتهائي افسوس
سان اهو چوڻو ٿو پوي ته سنڌ جي اهڙي عظيم هستي کي اسان جي سرڪاري ادارن توڙي سڄاڻ
ڌرين وساري ڇڏيو آهي، وتايو فقير جي درگاهه جي مالڪي نه ٿيڻ ۽ سندس چوڻين تي ڪتاب
نه آڻڻ بابت اسان ٽنڊي الهيار جي سينيئر صحافي، ليکڪ ۽ استاد سيد نياز شاهه بخاري
سان رابطو ڪيو ته هن ٻڌايو ته اسان وٽ هر صوفي بزرگ يا شاعر تي ڪانفرنس منعقد ڪيون
وڃن ٿيون پر اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به وتايو فقير تي ڪا ڪانفرنس منعقد نه ڪئي آهي ۽
نه ئي وري سندس انمول چوڻين کي سانڍڻ لاءِ ڪو اعليٰ قسم جو ڪتاب شايع ڪرايو آهي،
جنهن ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ پذيرائي ماڻي هجي. هن چيوته ڪنهن کي به موهن جو دڙو، شاهه
عبداللطيف ڀٽائي، سچل سر مست، بلڙي شاهه ڪريم يا ڪنهن ٻئين بزرگ جي شان اجاگر ڪرڻ
لاءِ ڪانفرنس ڪوٺائڻ تي ڪو اعتراض نه آهي پر وتايو فقير به اهو ساڳيو مان ۽ مرتبو
ماڻي ٿو، جيڪو سندس جي ٻين صوفي بزرگن کي ڏنو وڃي ٿو.
قبي اسٽاپ جي مقامي
رهواسي فاروق ميمڻ ٻڌايو ته سال ۾ صرف هڪ ڏينهن اهڙو اچي ٿو جڏهن ڪجهه ماڻهو وتايو
فقير جي مزار تي اچن ٿا ۽ دعا گهري وڃن ٿا پر اها به خبر نٿي پوي ته اهي سرڪاري
ماڻهو هوندا آهن يا ڪنهن ٻئي اداري سان لاڳاپيل هوندا آهن. هن ٻڌايو ته وتايو فقير
جي مزار جي مرمت جو ڪم سال ٿي ويا آهن نه ٿيو آهي، ڪراچي مان هڪ شخص ايندو آهي
جيڪو رڳو هر سال هتي خيرات ڪري ويندو آهي باقي سڀ خير.
No comments:
Post a Comment