This is not feature but an article. Feature is always reporting based and writing in interesting manner.
For feature, profile and Interview write should provide foto.
What is condition of Thatta today? u have copy pasted the info from different book.
Media writing should be current and relevant
تاريخي شهر ٺٽو
سليم اختر
M.A Pre
MA2k17
ٺٽو پاڪستان جو مشهور قديمي ۽ تاريخي شهر آهي.
سنڌ جي قديم ۽ تاريخي شهرن ۾ جيڪا اهميت ٺٽي کي حاصل آهي اها ڪنهن ٻي شهر کي حاصل
ناهي. اڄ ٺٽو اسان جي ملڪ جي چئني صوبن سان روڊ وسيلي ڳنڍيل آهي ۽ سنڌودرياءُ جي
اولهندي ڪناري تي ڪراچي کان 100 ڪلوميٽر ۽ جنگ شاهي ريلوي اسٽيشن کان 35 ڪلوميٽر
پري واقع آهي. ٺٽي شهر جي آبادي 14 لک جي قريب آهي، هي شهر ٻن حصن تي مشتمل آهي هڪ
پراڻو ٺٽو ٻيو نئون ٺٽو مڪلي آهي. پراڻي ٺٽي جون گهٽيون، بازار ۽ رستا سوڙها آهن ۽
نئون ٺٽو جيڪو مڪلي جي ٽڪرين تي آباد آهي. هندستان جي ورهاڱي کان پهرين ٺٽو ضلعو
ڪراچي جو حصو هيو،ان کان پوءِ 1948ع ۾ ضلعي جو درجو مليس. تحفت الطاهرين، سنڌ جي
تاريخ ۽ ٻين ڪتابن ۾ لکيل آهي ته ٺٽي شهر جو بنياد 883هه بمطابق 1585ع ۾ ڄام نظام
الدين عرف ڄام نندي هڪ پهاڙي جي دامن ۾ رکيو هو. تاريخ ۾ ٺٽي کي جن مختلف نالن سان
ياد ڪيو آهي، اهي آهن هتم، حتم نگر نهٽ، ٺهٽ، ٽهٽهه، تته تثو، ٺهٽو. ٺٽي مان اهڙا
نشان ملن ٿا جيڪي موئن جي دڙي جا هم عصر آهن. ٺٽي ۾ تاريخي هنڌ بيشمار آهن انهن ۾
گهڻيون مسجدون آهن، جيڪي گهڻو ڪري ترخان ۽ بابري مغلن جي دور جون ٺهيل آهن، هتي
اوليائن ڪرامن جا مقبرا ۽ ڪيتريون ئي تاريخي مسجدون به آهن. ٺٽو تاريخي لحاظ سان
قديم شهر ملتان جو هم عصر آهي ڇو ته هتي ڪيترين ئي قومن جي شهنشاهن پنهنجي پنهنجي
دور ۾ خوبصورت عمارتون ۽ مسجد ٺهرايون. مسلمان بادشاهن کان علاوه لاشاري، بلوچ،
کوسه، رند، بروهي، جا کرا، ٽابرا، جوکيا، تاجر قبيلا ايران ۽ بلوچستان مان لڏي آيا
۽ هتي آباد ٿيا. ٻاهران آيل عباسي خاندان جي حڪمرانن جو ذڪر اهم آهي جيڪي بعد ۾
هتي ئي مدفعون ٿيا، کين سنڌ ۾ ڪلهوڙا لقب مليو. مڪلي جي قبرستان ۾ تقريبن 33
بادشاهه، 17 گورنر، سوا لک اولياءَ ۽ لاتعداد دانشور، اديب، شاعر ۽ عام ماڻهو دفن ٿيل
آهن. هي قبرستان ٺٽي شهر کان 2 ميل پري ڪوهه مڪلي ۾ ضلع ڪچهري ٺٽي جي ويجهو ڪراچي
روڊ تي واقع آهي. هتان هڪ رستو ريلوي اسٽيشن جُنگ شاهي به وڃي ٿو. هي سنڌ جو سڀ
کان قديم ۽ وسيع قبرستان آهي. هن قبرستان ۾ 1334ع کان وٺي 1740ع تائين تدفين جو
سلسلو جاري رهيو. مڪلي رڳو قبرستان ئي نه آهي پر هي ماضي جي تخت ۽ تاريخ جو ورق
آهي. مڪلي جي قبرستان ۾ قبرن ۽ ٻين منزلن لاءِ استعمال ٿيل پٿر جُنگ شاهي جو آهي.
قبرستان ۾ 14 هين کان 16 هين صدي جي دور جا جيڪي مقبرا آهن انهن ۾ ڄام نظام الدين
مبارڪ خان ۽ ملڪ راج پال جا مقبرا شامل آهن، اهي سڀ حڪمران سما دؤر سان تعلق رکن
ٿا، جن 185 سال ٺٽي ۽ ڀر وارن علائقن تي حڪومت ڪئي. ٻيو دؤر ترخانن ۽ ارغونن جو هو
جيڪو 16هين صديءَ تائين هو. ان دور جا عيسيٰ خان ترخان. باقي بيگ ترجان، سلطان
ابراهيم، مير سليمان مڪلي ۾ دفن آهن، جڏهن ته ٽيون دؤر مغلن جو هو جيڪو 16 هين کان
18 هين صديءَ تائين رهيو، ان دور ۾ جاني بيگ ترخان، باقي بيگ، ازيڪ تفرل بيگ ۽
عيسيٰ خان ترخان هتي دفن ٿيل آهن. هتي ڪيترن ئي بزرگن جون به مزارون آهن انهن مان
سڀ کان اهم عبدالله شاهه اصحابي جي مزار آهي. اهڙي طرح قبرستان سان چار سئو سال
پراڻي تهذيب وابسته آهي.
هتي اوليائن جي مقبرن کان علاوه ڪيتريون ئي
تاريخي مسجدون به آهن جن منجهان
No comments:
Post a Comment