This is not feature. Feature is always reporting based and written in interesting manner.
For feature, profile and interview, writer should provide foto.
File name wrong, No mention in file name, subject line even in text file, whether its feature or article.
Material taken from other sources should be properly attributed.
Many spelling mistakes.
No paragraphing
قمبر جا تاريخي ماڳ مڪان
نالو: عزمان
M.A Pre
MA2k17
قمبر تعلقي ۾ پڻ ڪيئي قديم دڙا نظر اچن ٿا جن جي پنهنجي پنهنجي اهميت آهي.
اهڙن ڦٽل دڙن ۾ ڪاروهر جو دڙو، ڏانديهڙ / ڏانهيڙ جو دڙو، راٻاري دڙو، نوزمان جو
دڙو، نونرن جو دڙو، دانو جو دڙو، يارو جو دڙو، ڌيروءَ جو دڙو وغيره قابلِ ذڪر آهن.
هنن مان اڪثر دڙا ڪن شخصيتن جي نالن يا ذاتين پٺيان مشهور آهن. مٿين دڙن مان
ڏانديهڙ جو دڙو قدامت جي لحاظ کان خصوصي اهميت جو حامل آهي. هي دڙو (ڏانديهڙ دڙو) قنبر جي اولھ ۾ 40
ڪلوميٽرن جي پنڌ تي واقع آهي. پراڻي زماني جو ڦٽل شهر ٻڌايو وڃي ٿو، وڏي ايراضيءَ
تي پکڙيل آهي. هن جي کوٽائيءَ مان مورتيون ۽ ٺڪر جا ٿانو ملن ٿا. ڀانئجي ٿو ته هي
سنڌ ۾ اسلام جي آمد کان اڳ جو ماڳ آهي. شايد زميني زلزلي سبب تباھ ٿيو.ڪتي جي قبر
کير ٿر جابلو سلسلي جي سڀ کان اوچي چوٽي آهي، جيڪا ديهه ڪوهستان، تعلقي قمبر ۽
ضلعي قمبر_شهدادڪوٽ ۾ واقع آهي، جنهن جي اوچائي سامونڊي سطح کان 6880 فٽ ۽
ڏاڙهياري جبل جي مٿاهين پٽ کان اٽڪل 800 فٽ ٿيندي، “ڪتي جي قبر” جي نالي سان هڪ
پراڻو تاريخي ماڳ آهي. ڪتي جي قبر وٽ سنڌ ۽ بلوچستان جو دنگ هئڻ سان گڏ چانڊيا
جاگير جو به پڻ دنگ آهي، جيڪو لاڙڪاڻي ۽ قمبر کان اولهه طرف آهي. ڪتي جي قبر تي
پهچڻ لاءِ گڏهن ۽ اٺن تي وڃڻو پوي ٿو، جنهن ڪري اچڻ ۽ وڃڻ ۾ 6 کان 7 ڏينهن لڳي ٿا
وڃن. هڪڙو رستو سيتا جي نئين جابلو ندي سان ۽ ٻيو مزاراڻي نئين سان ۽ ٽيون رستو
ڇانهار نئين سان آهي، جڏهن چوٿون رستو بلوچستان جي موچڙو ۽ ونگو لڪ کان ٿيندو ڪرک
پير ابراهيم تائين وڃي ٿو. جيڪو جيپن ۽ فور ويل گاڏين کان سواءِ موٽر سائيڪلن جو
آهي. پير ابراهيم کان پوءِ به ڏاڙهياري جبل جي ڪتي جي قبر تائين پيادل ۽ اٺن جو
مشڪل رستو آهي. جيڪڏهن سيتا نئين، مزاراڻي نئين ۽ ڇانهيار واري نئين سان وڃبو ته
قدرت جا جبلن ۾ حسين نظارا ۽ قدرتي منظر آهن. جيڪي انسان کي لطف ڏيڻ سان گڏ عبرت ۽
حيرت ۾ وجهي ٿا ڇڏين. جيئن ته هي چانڊيا قبيلي جي جاگير آهي، جتي ڇٽا، گائينچا،
چانڊيا ۽ ڪجهه بروهي رهندا آهن، جيڪي برسات يا جابلو ندين تي گذران ڪندا آهن غيبي
ديري جي ٻاهران ” رانئڪون“ نالي هڪ تاريخي ۽ قديمي قبرستان موجود آهي.غيبي ديري جي
ڀرسان ” دائوءَ جا قبا “ نالي هڪ ٻيو به تاريخي قبرستان آهي. ان کان علاوه سانوڻين
جي برساتن ۾ نيون وهي اينديون آهن، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته نيون وهي اينديون آهن ته
اسان جا فصل مڪمل طور تي تباهه ٿي ويندا آهن، نيون وهندي تر ۾ مڇي سستي ٿي ويندي
آهي، ڇاڪاڻ ته نين مان هر قسم جي مڇي تري ايندي آهي.ان کان
وڌيڪ سريالو فصل ۽ ڪڻڪ جو عام جام ٿيندو آهي، ان کان علاوه هنڌاڻا به ٿيندا
آهن. جڏهن ته سبزيون پڻ ٿينديون آهن.
Uzmanhyd786@gmail.com
No comments:
Post a Comment