کجين جي اوطاق ۾ گهيريل منهنجو ننڍپڻ
مهتاب نبي شر/ايم اي پريويس/ماس ڪميونيڪيش
ڪجهه ڳالهيون هميشه ئي دل جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾ سانڍيل
رکيون هونديون آهن ۽ انهن جو مٽ به ڪو نه ٿي سگهندو آهي، آئون دل جي ان دنيا جي
ڳالهه نه ٿو ڪريان جنهن ۾ محبت ۽ اُڪيرَ جهڙيون ڳالهيون اچي وڃن ٿيون، پر هتي آئون
پنهنجي ڳوٺ ۾ موجود انهن کجين جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، جيڪي مون کان ڪڏهن به ڪٿي
به نه وسري سگهنديون آهن، حد ته اها آهي جو اڄ ڪلهه حيدرآباد ۾ هوندي يا ڄامشوري
جي هوائن ۾ گهمندي ڦرندي ڪڏهن ڪٿي ڪو کجيءَ جو وڻ نظر اچي ويندو آهي ته آئون نه
ڄاڻ ته ڇو ان ئي پهر ۾ خيالن جي دنيا ۾ گهمندي اباڻن پٽن تي وڃي پير ڌريندو آهيان،
جتي ننڍپڻ ۾ سنگتي ساٿين سان ڪيترائي ڀيرا کجيءَ جا ڏنگ چوري ڪري کاڌا هونداسين،
ها ٿي سگهي ٿو ته منهنجي ڳالهه ٻڌي اوهان کي حيرت ٿئي يا نه به ٿئي جو ننڍپڻ جي
چوري ڪا سينا زوري نه پر مٺڙي ياد ئي هوندي آهي جيڪا جواني توڻي پوڙهائپ ۾ پئي
هميشه دل تي ترندي آهي ۽ جيسين اهڙيون حرڪتون نه ٿين تيستائين خبر ڪيئن پوندي ته
ڪا ٻاراڻي وهي به هئي.
سنڌ ۾ جڏهن پگهر ماڻهوءَ جي مٿي کان هلي ۽ پيرن کان اچي
نڪري ته پڪ سمجهو هاڻ خيرپور جي کجي ميدان ۾ اچڻ واري آهي، جو اهڙن ڪاڙهن جي ڏينهن
۾ ئي کجي پچندي آهي ۽ اتان جي ماڻهن کي به پچائيندي آهي، جو هر ماڻهو ننڍو توڙي
وڏو پنهنجي بت تي ليما هڻندي نظر ايندو آهي، ڇاڪاڻ ته اڪثر ڪري ماڻهن کي آرايون
هونديون آهن، جنهن ڪري سندن بت پچي ڳاڙهاڻ مائلن ٿي پوندا آهن. پر ننڍڙا ننڍڙا ٻار
پوءِ به سنگهه وهندڙ نڪ سان آرايُن وارن هٿن سان وڏي چاهه منجهان پنهنجن کيسن مان
ڏنگ ڪڍندي وات ۾ وجهندا آهن، پر سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي جو انهن معصومن جو ئي کڻي
ڪڏهن ڪو پيٽ خراب ٿئي، پر جيئن ته انهن ڏينهن ۾ باغائي خوش هوندا آهن جو آسمان ۾
چوڏس سندن کجين جا باغ پيلا جھڳا جهليو بيٺا هوندا آهن ڄڻ آسمان ۾ رڳو ککريون ئي
موجود آهن، جن ماڻهن مٿان ڄڻ حملو ڪيو آهي، پر ماڻهو وري به ان حملي کان بي خبر
رهندي کين هر وقت پڪڙڻ جي تات ۾ رهندا هجن.
خيرپور ضلعو جيئن ته کجين جي اوطاق بڻيل آهي ۽ دنيا سڄي
گهمڻ ڦرڻ کانپوءِ به هي علائقو پنهنجي کجين واري مٺاڻ ۾ ٿي سگهي سڀني علائقن کان
گوءِ کڻندي نظر اچي، پر چوندا آهن ته کجي ڊگهي ته گهڻيئي ٿيندي آهي پر ڇانوَ گهٽ ڏيندي
آهي، سو هتي به اهو ئي ڪم آهي. ڇاڪاڻ ته هن ضلعي جي ٻهراڙي ۾ آبادي گهڻي آهي، ان
ڪري هتي عام طور ماڻهو پنهنجي ٻني ٻڌائڻ وقت ايڪڙن نه پر جريبن کان ڪم وٺندا آهن
ته ادا مون وٽ هيترا جريب ٻني آهي، ايئن ئي وري ٻهراڙيءَ جي علائقن ۾ گهڻو ڪري ته
هر گهر جي اڱڻ ۾ کجيءَ جو وڻ ضرور هوندو آهي پر جنهن گهر ۾ کجيءَ جو وڻ نه هوندو
آهي، اُهو ماڻهو پوءِ ڄڻ ان مند ۾ شڪي نگاهن سان پيو ڏٺو ويندو آهي. بس شال نه
ڪٿان ڪنهن جي باغ وٽان گذري، هڪ ته پاڻ ئي نه چاهيندو ته ڪو اتان خالي موٽان پر جي
خالي به موٽيو تڏهن به باغائي مٿس شڪ پيو ڪندو ته “الاهي گهڻي ڀينگ ڪيائين جو اتان
ٿو اچي پيو”،
منهنجو هڪ دلبر دوست نالي جو ئي شهزادو آهي، ويچاري سان
جيڪي انهن ڏنگن جي مند ۾ ڪِيس ٿيا آهن، سي به شال نه ڪنهن سان ٿين، ڇتن ڪاڙهن جي
ڏينهن ۾ همراهه کي جڏهن اڃا شهپرن جي ساوڪ به نه آئي هئي تڏهن ٺيڪ ان ماڻهو جي
کجيءَ تان کيس ڏنگ پٽڻ جو شوق ٿيو هو، جيڪو ڪٽيندو گهٽ ۽ گهليندو گهڻو هو، پر هن
ڀيري کيس ڪُٽَ به ملي ها تڏهن به ٿي سگهي ها ته هو خوش ٿئي ها، پر عشق چريو سو ڪٿي
ٿو ويهڻ ڏي، سو جڏهن گهڻي ڪوشش کانپوءِ به مفت وارا ڇونهارا نه مليس، جو هن سال ڪن
ڌارين ماڻهن کي اتان جو ٺيڪو مليو هو، (ڇونهارا عام طور باغائي انهن ڏينهن ۾
ٺاهيندا آهن ۽ پوءِ پيٽين جي حساب سان وڪرو ڪندا آهن) تڏهن همراهه پاڻ کجيءَ تي
چڙهڻ جو سوچي نڪتو، جنهن ۾ به هُو هميشه وانگر سوڀارو ته ٿيو، پر جيڏي دير سان مٿي
چڙهيو هو اوتري ئي تڪڙ ۾ بلڪ هڪ پهر کان به اڳ ۾ ئي اچي پٽ تي تڏهن ڪِريو هو جڏهن
سندس هٿ کجي جي ڏنگن ۾ موجود ڪجهه ککرين کي وڃي لڳو هو. کجي ويچاري پوري پُني قد
جي هئي جو وري به سندس بچاءُ ٿي ويو پر اڄ تائين کيس اُهو ڏينهن ياد آهي، ڀاءُ کي
مٺا کجيءَ جا ڏنگ نصيب ٿا يا نه ٿيا پر سندس چيلهه تي هٿ رکي ڀڄڻ ۽ ککرين جا ڏنگ
جيڪي نصيب ٿيا سي کائنس واقعي به نه وسريا هوندا. سو جيڪڏهن ڪو ايئن ٿو سمجهي ته
خيرپور ضلعي ۾ کجيون بس پٽ تي ويڇايون پيون آهن ته انهن دوستن ڀائرن کي مڙئي
منهنجي پاران دعوت آهي، هن علائقي جي مٺاڻ ۽ انهن جي مٺي مٺي گرمي هميشه ياد رکڻ
جهڙي ضرور آهي. کجين جي اوطاق ۾ گهيريل منهنجو ننڍپڻ به ڪجهه اهڙو ئي آهي، مون وٽ
به اهڙيون ڳالهيون سانڍيل آهن پر پاڻ پنهنجي ڳالهه ڪنداسين ته متان اوهان کي ڏکي
لڳي ان لاءِ ان کي اتي ئي ڇڏيون ٿا، جو متان چئو ته اسان جي ڀاءُ وري ڪيڏا سُور
ڏٺا رڳو هڪ کجيءَ جو ڏنگ چوري ڪرڻ لاءِ...!
No comments:
Post a Comment