Monday, 27 February 2017

Feature Al-Manzar by Fouzia Soomro

Observe proper para, fresh foto is required. Some stories related to this spot, it should be reporting based.

المنظر هوٽل ڄامشورو
فوزيا خانم سومرو ايم اي پريوس
سنڌو جي ڇولين ۽ ٿڏڙين هوائن جا سرڙاٽ المنظر جي نشاني آهن، جن ڇولين جي جي گهرائي اندر جي خاموش سرن جي ڪنن کي ڇيڙي ڇڏينديون آهي، ماڻهو جا حواس سندي وجود جي اوٽ ۾ بيهي انهن ڇولين سان ملي وڃن ٿا، اهو المنظر جي سنڌوءَ جو نظارو سنڌ جي ڏاري علامه آءِ آءِ قاضي جي من ۾ ستل هوندو هيو، جنهن ڪري علامه آٰءِ آءِ قاضي اڪثر ڀيرا پنهنجي محبوب وني ايلسا قاضي سان گڏ ايندا هئا ۽ سنڌوءَ جي ڇولين جون موجون ۽ المنطر جو اهو نظارو ٻنهي جي محبتن کي مظبوطي سان جوڙيندو هيو، اڄ ته علامه آءِ آءِ قاضي ڪو نه آهن، پر ان جي جاءِ تي سنڌو جي ڪنڌي المنظر جو حسين نظارو ۽ علامه آءِ آءِ قاضي جون يادون موجود آهن، المظر جون شامون ۽ اڪيلايون سان گڏ رهندي به ڄڻ هڪڙي مجوم سان ملي وڃن ٿيون ۽ ماڻهن جا ميڙاڪا انهن شامن، اڪيلاين ۽ سنڌو جي ڇولين جي سونهن جا پڻ منظر رهن ٿا، سنڌ جي ڀاڪر ۾ ڀريل المنظر جو خوبصورت نظارو نه صرف هڪ عام ماڻهو کي فرد بخشي ٿو پر ساڳئي هنڌ اهو ئي منظر اهو اديب، شاعر، تخليڪار، سڄاڻ ۽ ڏات ڌڻي جي تخليق ۽ ان جي اندار مان ڦٽي نڪتل انهن گهراين ۽ احساسن کي جلا بخشي ٿو. جتي المنظر جي سموري ايراضي مهاڻن جي ٻيڙين، ساون وڻن، باغ باغيچن ۽ سنڌو جي ڇولين کي پاڻ وٽ محفوظ رکي ٿي، ته ان جاءِ تي المنظر هوٽل به هن تفريحي هنڌ کي وڌيڪ حسين بڻائي ڇڏي ٿي، المنظر هوٽل جيڪو نه صرف هوٽل ئي آهي پر اها هوٽل سنڌو جي سموري نظاري جي ماڻهن جي اک ۾ سموهڻ جو ذريعو بڻجي ٿي، المظر هوٽل ڪوٽڙي بئراج تي ٺهيل آهي، جيڪو 1955ع ۾ ٺهيو هو، ڪوٽڙي بئراج جي ٺهڻ کان 5 سال پوءِ 1960ع ۾ المنظر هوٽل ڄامشورو کليو هو، جنهن جو مالڪ محمد رفيق ميرجت آهي، جيڪو المنظر هوٽل هو مالڪ هئڻ سان گڏ هوٽل جو مئنيجر پڻ آهي، المنظر هوٽل صبح جو 7 بجي کان رات جو 12 بجي تائين کليل هوندو آهي، المنظر هوٽل تي کائڻ لاءِ پلو فراءِ تمام گهڻو مشهور آهي، المنظر هوٽل تي برسات جي موسم ۾ هزارين ماڻهو پنهنجي فيملين سميت اچي موسم جو مزو ماڻيدا آهن، جڏهن ته المنظر تي روزانو سوين ماڻهو گهمڻ ڦرڻ لاءِ اچن ٿا، المنظر تي ايندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته اسان موسم جو مزو وٺڻ، ٻارن کي گهما.ڻ ۽ تفريح لاءِ وٺي ايندا آهيون، المظر هوٽل تي اچي موسم جو ڀرپور مزو ماڻيدا آهيون، جڏهن ته ٻيڙين ۾ڇڙهي چڪر پڻ لڳائيندا آهيون ۽ المنظر جو مشهور پلو فراءِ کائي خوب مزو ماڻيندا آهيون، هوڏانهن هوٽل جي مالڪ محمد رفيق جو چوڻ آهي ته المنظر هوٽل تي سنڌ جي مخلتف علائقن مان روزانو سون جي تعداد ۾ماڻهو گهمڻ ڦرڻ لاءِ ايندا آهن، جيڪي هوٽل تان مخلتف کاڌا پڻ تيار ڪرائيندا آهن، هن جو چوڻ هو ته هوٽل تي تمام لذيذ کاڌا تيار ڪيا ويندا آهن، جڏهن ته گهمڻ لاءِ ايندڙ ماڻهو پلو فراءِ شوق سان کائيندا آهن، المنظر جي مشهوري تي اسان کي تمام گهڻو فخر آهي، اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته گهمڻ ڦرڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن کي بهترين کاڌا فراهم ڪريون، حڪومت کي گهر جي ته المنظر تي گهمڻ ڦرڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن جي سهولتن لاءِ اپاءُ وٺي، ته جيئڻ ايندڙ ماڻهو هن پڪنڪ پوائنٽ مان ڀرپور لطف اندوز ٿي سگهن.
Fozia khanum soomro MA Previous, MA 2K17    
date
17-2-2017





No comments:

Post a Comment