Sunday, 26 February 2017

سنڌ ۾ صحت سهولتن جي اڻهوند - عطاءُ الله ميمڻ

Too general, not specific. it should be narrowed down

سنڌ ۾ صحت سهولتن جي اڻهوند

عطاءُ الله ميمڻ ايم اي پريوس

انتهائي افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙ ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال سنڌ صوبي جي عوام کي اڃان تائين صحت جون سهولتون به نه ملي سگهيون آهن، رڳو ٿوري نظر اسان گهمايون ته اسان کي روزانو ڪيتريون ئي اهڙيون خبرون پڙهڻ لاءِ ملنديون جن ۾ ڪنهن نه ڪنهن ماڻهو جي صحت جي سهولتن جي اڻهوند سبب موت جو واقعو نظر ضرور گذرندو، ڪٿي ڪو شخص غلط آپريشن سبب دم ڏئي رهيو آهي ته ڪٿي وري ڪو مريض وقت سر علاج نه ٿيڻ سبب لاڏاڻو ڪري وڃي ٿو، وري ڪٿي اهو به پڙهڻ لاءِ ملندو آهي ته فلاڻي شهر ۾ معصوم نينگر دوا نه هئڻ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو آهي، اهڙيون کوڙ ساڙيون خبرون اسان جي نظرن مان گذرنديون آهن، هاڻي ته ايتري بي حسي ٿي پئي آهي جو عورتون اسپتالن جي اڱڻ ۾ ئي ٻارڙن کي جنم ڏئي رهيون آهن، اسان گهڻو پري نٿا وڃون تازو ڪجهه ڏينهن اڳ بدين جي انڊس سول اسپتال جي انتظاميا عورت مريض وٽ سڃاڻپ ڪارڊ نه هئڻ سبب پرچي نه ڪٽي ۽ ڳورهاڙي عورت اسپتال جي اڱڻ ۾ سوين ماڻهن جي سامهون ٻار کي جنم ڏنو، ساڳي ريت مدئجي سول اسپتال ۾ به اهڙو ئي واقعو پيش آيو، جتي وري ليڊي ڊاڪٽر نه هئڻ سبب مريض عورت سان گڏ آيل وارث عورتن اڱڻ ۾ ئي سندس جنم ڪرايو، اهي ٻئي واقعا هلندڙ جنوري مهيني جا ئي آهن، جيڪڏهن پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ علاج جي سهولتن جي اڻهوند ۽ انتظاميا جي غلفت سبب مريضن جي مرڻ جو انگ ڳڻڻ ويهنداسين ته شايد هي ڪاٿو هزارن تائين وڃي پهچي.

آخر اهي ڪهڙا سبب آهن جو سنڌ جي صوبائي صحت کاتي جي بجيٽ ڪروڙين روپيا هجڻ باوجود عوام تائين انهي جو ثمر نه پهچي رهيو آهي، اهو ڪهڙو ڪارڻ آهي جو صحت کاتو صوبي جي سمورن ڊسٽرڪٽ توڙي تعلقه اسپتالن ۾ لکين روپين جي دوائن جي فراهمي جي دعويٰ ته ڪري ٿو ته اهي اصل حقدار مريضن تائين نه ٿيون پهچن، آخر ڪهڙا سبب آهن جو هر اسپتال ۾ ڊاڪٽر هئڻ باوجود اهي ڊيوٽين تان گم رهن ٿا ۽ اسپتال جو ڪار وهنوار هيٺين سطح جي عملي جي حوالي ڪيو وڃي ٿو، يقينن سنڌ جي هر ماڻهو کي صحت جي سهولت فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، بجيٽ جو استعمال يقيني بڻائڻ به حڪومت جي ذميواري آهي، مريضن تائين دوائن جي رسد يقيني بڻائڻ جو بار به صحت کاتي ڏانهن وڃي ٿو پر اسان نظر ڦيرائينداسين ته صوبي جي 28 ضلعن مان شايد ئي ڪو هڪ يا 2 اهڙو ضلعو هجي جتي اهو ڪم ايمانداري سان ٿيندو هجي، جيئن اسان وٽ ڪراچي سول اسپتال اندر واقع ڊاڪٽر اديب رضوي جو ٺاهيل گڙدن جي بيمارين وارو سينٽر آهي، اهڙي ريت گمبٽ ۾ حقيقي طور عوام جي خدمت ڪندڙ ادارو ”گمس“ آهي، جتي سئو مان سئو نه پر گهٽ ۾ گهٽ سئو 98 سيڪڙو مريضن کي رليف ملي ٿو، جتي مريضن کي بنا ڪنهن سفارش يا بنا ڌڪا کائڻ جي هر گهربل سهولت ملي وڃي ٿي.

اهو به عام طرح ڏٺو ويو آهي ته سرڪاري اسپتالن ۾ جديد مشينري هوندي به انهي جو استمعال نٿو ڪيو وڃي، شايد ئي ڪنهن ضلعي جي سول اسپتال هجي جتي هر علاج لاءِ مشينري موجود هجي پر پوءِ به انهن علائقن جي اڪثريت علاج ڪرائڻ لاءِ ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي جهڙن شهرن جو رخ ڪري ٿي، جتي وري سفارش يا پرچي کانسواءِ عوام کي موٽ نٿي ملي، پوءِ نتيجي ۾ اسپتالن مان روزانو رڳو لاش نڪرن ٿا، ڪٿي وري سرڪاري اسپتالن ۾ موجود ڊاڪٽر مريضن کي نجي اسپتالن ۾ اچڻ جي دعوت ڏيندي نظر اچن ٿا، جنهن جو مثال آئون سکر واري واقعي طور پيش ڪندس، جتي ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ مريض کي سرڪاري اسپتال ۾ آپريشن ڪرائڻ باوجود مرض مان نجات نه ملي ته ساڳئي ڊاڪٽر کيس نجي اسپتال اچڻ جي دعوت ڏني، جتي وري سندس آپريشن ڪيو ويو ۽ آپريشن جو اهو سلسلو اتي ئي ختم نه ٿيو مريض جا لاڳيتو پنج آپريشن ڪيا ويا ۽ آخر ۾ سندس مرض ناسور بڻجي ويو ۽ هو حقيقي ڌڻي سان وڃي مليو، انهي ڳالهه ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته صوبائي حڪومت اسپتالن ۾ سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ سان ڊاڪٽرن جي پگهارن ۾ رڪارڊ واڌ ڪئي آهي پر پوءِ سرڪاري اسپتالن ۾ مسيحيٰ بڻجي ويٺل ڊاڪٽر خبر نه آهي ڇو ”ابليس“ وارو ڪردار نڀائڻ ۾ وسان نٿا گهٽائين.  

سنڌ حڪومت تازو ٺٽي جي سرڪاري اسپتالن ۾ نجي اين جي اوز حوالي ڪرڻ وارو منصوبي تي عمل ڪرايو آهي، جنهن بابت ڄاڻ گڏ ڪرڻ کانپوءِ اهو معلوم ٿيو آهي ته اتي بهتري آئي ضرور آهي جيڪا صرف صفائي انتظامن تائين محدود آهي پر دوائن جي فراهمي ۽ جديد ٽيڪنالاجي مان مريضن کي فائدو ڏيڻ وارو مرحلو اڃان نه اچي سگهيو آهي، شايد منهنجي انهي راءِ سان ڪير اتفاق ڪري يا نه ڪري سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن کي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت کي سڀ کان پهرين پنج سالن لاءِ صوبي ۾ ”صحت ايمرجنسي“ لاڳو ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ سڀ کان پهرين اسپتالن ۾ عملي جي حاضري يقيني لاءِ بائيو ميٽرڪ سسٽم لاڳو ڪيو وڃي، ٻئي مرحلي ۾ اسپتالن جي انفراسٽرڪچر کي تبديل ڪري هر هڪ ڊپارٽمينٽ جو الڳ هنڌ رکي، دوائن جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ دوائن جي وڪري واري ڪڌي ڪم ۾ ملوث ڊاڪٽرن توڙي هيٺين عملي کي فوري طور نوڪرين تان برطرف ڪيو وڃي، جنهن کانپوءِ جديد ٽيڪنالاجي مان مريضن کي فائدو ڏيارڻ لاءِ ڊاڪٽرن جي تربيت کي يقيني بڻايو وڃي، انهي سان گڏ اسپتالن ۾ داخل مريضن سان ايندڙ اٽينڊس لاءِ هڪ ”گيسٽ هائوس“ جيان ڪجهه ڪمرا تعمير ڪرايا وڃن، جيڪي رات جو وقت وارڊ ۾ ميڙ ڪري ويهڻ بدران اتي قيام ڪن ۽ وري ڏينهن جو وقفي وقفي سان سندن سار سنڀال لاءِ مقرر ڪيل وقت تي وارڊ اندر اچن، اهو نظام نجي اسپتالن ۾ ضرور لاڳو آهي پر سرڪاري اسپتالن ۾ اسان وينداسين ته اسان کي اسپتال جا وارڊ گهٽ اهي ”اوطاق“ جو ڏيک ڏين ٿا.

No comments:

Post a Comment