Monday, 27 February 2017

ميهڙ جي مشهور ميندي - نصير احمد چنا - Naseer Channa

Second para is too long.  Intro is poor. Not reporting based

ميهڙ جي مشهور ميندي

نصير احمد چنا ايم اي پريويس

ميندي به هڪ تحفو آهي، جيڪا خوشي جي موقعن تي تمام گهڻي استعمال ڪئي ويندي آهي، خوشي جي موقعن تي ميندي هٿن ۽ پيرن تي لڳائي ويندي آهي پر گهوٽ ۽ ڪنوار جي سونهن به ميندي سان نکري پوندي آهي، ڇوته ڪنوار جي سونهن ميندي بغير اڻپوري هوندي آهي، جيئن سنڌ جي مختلف شهرن جي ڪانه ڪا شيءِ مشهور هوندي آهي، تيئن ميهڙ شهر به اعليٰ قسم جي مهندي جي ڪري پوري ملڪ ۾ تمام گهڻو مشهور آهي ۽ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو، ميهڙ جي ميندي کي سموري ملڪ ۾ وڏي چاهه سان استعمال ڪيو ويندو آهي، انهيءَ سان گڏو گڏ ماڻهو ملڪ اندر توڙي ٻاهر پنهنجن دوستن ۽ عزيزن کي اها ميندي سوکڙي طور به تمام گهڻو موڪليندا آهن،

 ميهڙ جي ميندي جي پوري ملڪ ۾ ايڏي مشهوري جا ڪافي ڪارڻ آهن، جيئن ميندي جي خوشبو، معيار وغير شامل آهن، سنڌ جي اڪثر شهرن جا ماڻهو شادين ۽ عيدن جي موقعن تي ميندي خريد ڪرڻ لاءِ ميهڙ جو رک ڪن ٿا، يا وري دوستن معرفت ميهڙ مان ميندي گهرائين ٿا، جڏهن ته ميهڙ جي ميندي ڪيترائي ماڻهو پنهنجي وارن ۾ پڻ استعمال ڪندا آهن،  ميهڙ شهر جي ميندي ڪڏهن ڪنهن ڪنوار يا گهوٽ جي هٿن پيرن جي سونهن جي علامت بڻجي ٿي يا وري عيدن ۽ خوشي جي موقعن تي هٿن پيرن تي مختلف ڊزائين سان سونهن جو باعث بڻجي ٿي، ميندي جي ڪري ميهڙ شهر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ تمام گهڻي مشهوري ماڻي چڪو آهي، ميندي جو فصل 5000 سال پهرين قديم مصري تهذيب کان شروع ٿئي ٿو، جيڪا ان وقت مٿي جي وارن ۽ ننهن تي لڳائي ويندي هئي ۽ ميندي جو رنگ مصري عورتن جي سونهن ۾ چار چنڊ لڳائيندو هو، ميندي جو فصل  هاڻي فقط ميهڙ ۾ نه پر سنڌ جي مختلف علائقن ۾ پوکيو وڃي ٿو، هي فصل ٺارو شاهه، نوشهرو فيروز، مورو ۽ پنجاب جي شهر فيصل آباد جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پڻ ٿئي ٿو، هاڻي ڏسجي ته ميهڙ جي ميندي کي ٻين علائقن جي ميندي کان وڌيڪ شرف ڇو حاصل آهي، نباتات (ٻوٽن) جي دنيا ۾ ميندي جو اصطلاحي نالو (Lawsonia Intermis) آهي، جيڪو نباتاتي خاندان صفائيه (Lythraceae) سان تعلق رکي ٿو ۽ بسنتي گلاب به انهيءَ خاندان جو رڪن آهي، اهو ٻوٽو جيڪو قد ۾ 8 کان 15 فٽ، ڏانڊين، ججهن پنن ۽ گلابي، ڪاري ۽ نيري رنگ جي گلن سان ڀرپور ٿئي ٿو، ان لاءِ زرعي ماهرن جو چوڻ آهي ته مهندي جي پوکائي لاءِ لازمي آهي ته نمي ۽ لوڻياٺي کان پاڪ زمين جي چونڊ ڪئي وڃي ته انهيءَ سان اهو فائدو ٿيندو ته ميندي جو معيار جيئن رنگ، خوشبو ۽ پيداوار ۾ پڻ اضافو ٿئي ٿو، بنسبت نمي واري زمين، نمي واري زمين ۾ ميندي جو رنگ ۽ خوشبو مطمئن ڪندڙ نٿا ٿين ۽ فصل پڻ گهٽ پيداوار ڏئي ٿو، ميهڙ جي زمين ميندي جي فصل لاءِ تمام گهڻي مفيد آهي، ڇاڪاڻ ته اها زمين نمي ۽ لوڻياٺ کان پاڪ ۽ خشڪ ٿئي ٿي، تنهن ڪري ميهڙ جي ميندي جي چونڊ ڪئي وڃي ٿي، ميهڙ ۾ ميندي جو فصل هڪ ڊگهي عرصي تقريبن 60، 70 سالن کان ٿيندو پيو اچي پر سنڌ توڙي پنجاب جي علائقن ۾ مهندي جي پوکائي ايتري پراڻي نه آهي،

ميهڙ ۾ مهندي جي پوکائي وڏي عرصي کان ٿيندي پئي اچي، ان ڪري ميهڙ جي مهندي مشهوري ماڻي ورتي آهي، ميهڙ جي مهندي جي ڀيٽ ۾ ٻين شهرن جي ميندين سان ڪجي ته ميهڙ جي ميندي بهترين ثابت ٿيندي، ميهڙ ۾ مهندي جي خريداري ڪرڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته ميهڙ جي مهندي پوري ملڪ ۾ مشهور آهي، جنهن جو رنگ به تمام بهترين ٿئي ٿو ۽ خوشبو به بهتر اٿس تنهن ڪري هو وڏي شوق سان ميهڙ مان مهندي خريد ڪرڻ لاءِ ايندا آهن.

Naseer channa

17-2-2017

MA 2K17






No comments:

Post a Comment