راڻي باغ
اڪرم رانجهاڻي (ايم.اي.
پرويس)
جڏهن ساوڪ تي نظر پئي ٿي ته دل توڙي دماغ تي سوار ٿيل هڙئي غبار لهي وڃن ٿا،
من جو اڱڻ جهومي اٿي پوي ٿو ۽ اندر جي دنيا ۾ ڇانيل اداسيون ٻهارجي وڃن ٿيون، ڄڻ
ماڻهو تازو توانو ۽ باغ بهار ٿي ويندو هجي. راڻي باغ جون اهي حسين ادائون ۽
خوبصورت شامون فطرت جي حسناڪين سان سلهاڙيل رهن ٿيون ۽ اهي ئي حسناڪيون غمن ۾
وڪوڙيل توڙي اداس من واري ماڻهو لاءِ هڪ تفريحي علاج جو سبب بڻجن ٿيون. هر طرف
ساوڪ ئي ساوڪ، چوڌاري هوائن ۾ جهولندڙ وڻن جون قطارون، ڳاڙهن، اڇن، ڦڪن ۽ گلابي
رنگن وارن گلن جون مسڪراهٽون، ساوي پٽ تي ٺهيل پٿرن جا رستا، ننڍڙن معصوم ٻارن کي
خوشيون ارپيندڙ جهولا، چڙيا گهر جي صورت ۾ جانورن جي هڪ عجب دنيا ۽ ننڍين ڍنڍن جو
ڏيک ڏيندڙ پاڻي جا تلاءُ هڪ دل کسيندڙ منظر جو ڏيک ڏئي رهيا آهن ۽ اهو سمورو لڪاءُ
راڻي باغ جي حسن کي وڌيڪ نکاري ڇڏي ٿو ۽ فطرت جي سونهن پڻ چوڏس نچندي رهي ٿي ۽ هي
اهو ئي راڻي باغ جتي حيدرآباد شهر جي مختلف علائقن جا ماڻهو سير تفريح ۽ پنهنجي دل
بهلائڻ لاءِ ايندا رهن ٿا.
سنڌ جي مختلف سرڪاري کاتن ۽ آفيسن تي مشتمل مني سيڪريٽريٽ شهباز بلڊنگس ڀرسان
۽ ديوان واڌو مل جي نالي سان منسوب ٿيل واڌو واهه جي ڀڪ ۾ 120 ايڪڙ زمين جي ايراضي
تي واقع اڄوڪو راڻي باغ 1935ع ڌاري پنهنجي وجود ۾ آيو، پهرين شڪار گاهه ۽ بعد ۾
داس باغ جي ناليواري راڻي باغ جي زمين واڌو واهه مان ملندڙ پاڻي سان آباد ٿيندي
هئي. 1935ع وارن تاريخن ۾ به راڻي باغ ڪنهن کان نه وسريو آهي ۽ نه ئي وري اڄ جي
2017ع واري ڏهاڪي ۾ ئي راڻي باغ ڪنهن کان وسري سگهيو آهي.1935ع کان هلندي جڏهن
1937ع جي ڏينهن ۾ اينداسين ته انهن ڏهاڙن دوران ڀائي ليلارام ڀيرومل پنهنجي والد
جاسهارام خوبچند ليلارام جي ياد ۾ راڻي باغ اندر هڪ چبوترو ٺهرايو، جتي انهن ڏينهن
دوران هڪ هوٽل هوندي هئي ۽ اڄ جي ڏهاڙن ۾ راڻي باغ جي اها مک جاءِ آهي، جتي جهولا
لڳايا ويا آهن ۽ اتي هڪ پارڪ پڻ ٺهرايو ويو آهي. جتي سوين ٻارڙا، مرد، عورتون،
ناريون توڙي نوجوان ڇوڪرا اچي رانديون کيڏندا آهن ۽ جهولا جهلندا آهن. ديوان واڌو
مل به 1942ع دوران هن باغ کي وساري نه سگهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو هن پنهنجي
نياڻي گوپي جي ياد ۾ راڻي باغ اندر هڪ تلاءُ ٺهرايو ۽ پاڪستان ٺهڻ بعد ان تلاءُ جي
جاءِ تي جانورن جو چڙيا گهر پڻ ٺاهيو ويو. جڏهن ته حيدرآباد جي ناليواري واپارين
سيٺ ولي ڀائي جن پڻ برڪت ڀائي جي نالي سان پارڪ ٺهرايو آهي، ان کانسواءِ عورتن
واري پارڪ کي فن لينڊ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، جنهن کي پڻ چوديواري ڏنل آهي. راڻي باغ
پاڻ سان گڏ هڪ اوپن ٿيٽر به رکي ٿو، جتي پڻ ڪيترائي پروگرام ٿيندا رهندا آهن. راڻي
باغ جي ايراضي ۾ شاهي مسجد جي طرز تي پڻ هڪ مسجد قائم ٿيل آهي، جتي سير تفريح لاءِ
ايندڙ ماڻهو نماز جي وقت مسجد اندر اچي عبادت ڪن ٿا ۽ باغ واري مسجد ڀر ۾ پڻ هڪ
عيد گاهه به قائم ڪيل آهي، جتي باغ جي ڀرپاسي واري آبادي عيدن جي ڏهاڙن ۾ اتي اچي
عيد نماز ادا ڪن ٿا.
راڻي باغ هڪ سير و تفريح وارو هنڌ ته ضرور آهي، پر سرڪاري طور تي ان جا انتظامي معاملا ميونسپل
ڪاميٽي قاسم آباد جي اختيارين هيٺ آهن، جڏهن ته راڻي باغ پڻ لکين ۽ ڪروڙين جي
روپين جي صورت ۾ ميونسپل ڪاميٽي قاسم آباد کي روينيو ڏئي ٿو. ڇوجو راڻي باغ جي مک
گيٽ جي داخلا، گاڏين جي پارڪنگ، چڙيا گهر، باغ ۾ قائم ڪيل جهولن، دوڪانن ۽ سير
تفريح جي هنڌن جا ٺيڪا پڻ نيلام ٿيندا آهن، جن ٺيڪن جي نيلامي مان ملندڙ لکين ۽
ڪروڙين روپين جي رقم پڻ ميونپسل ڪاميٽي قاسم آباد جي اڪائونٽ ۾ وڃي داخل ٿئي ٿي. ان
صاف ظاهر ٿئي ٿو ته راڻي باغ نه صرف قاسم آباد يا حيدرآباد شهر جي مختلف علائقن جي
ماڻهن لاءِ سير تفريح جو هنڌ آهي، پر ساڳئي جاءِ تي لکين ۽ ڪروڙين روپين جي آمدني
ڪري ڏيندڙ هڪ بزنس اسپاٽ به آهي. انهن سڀني ڳالهين باوجود راڻي باغ قاسم آباد سميت
هڪ بهتر تفريح گاهه بڻيل آهي.
راڻي باغ ۾ تفريح لاءِ ايندڙ قاسم آباد جي رهواسين محمد وارث عباسي، احمد خان
دل، مهوش قريشي، نينا ميمڻ، لطيف آباد واسين وقاص جعفري، نصرالله پهوڙ، انجم بخاري
۽ ٻين جو چوڻ آهي ته هو اڪثر طور پنهنجون پريشانيون، غم، اداسيون ۽ دماغ توڙي دل
تي بيهندڙ ٻوجهه يا وزن هلڪو ڪرڻ لاءِ راڻي باغ ۾ سير تفريح لاءِ ايندا آهن، جنهن
سان کين خوشي ملندي آهي. هو راڻي باغ جي ساوڪ، گلن، ڦلن، ٻوٽن، وڻن جي مسڪراهٽ ۽ انهن
کي جهولندي ڏسي لطف اندوز ٿيندا آهن. سندن چوڻ آهي ته چڙيا گهر به تفريح جو هڪ
مرڪز بڻيل آهي، جتي پڃرن ۾ قيد ڪيل ڀولڙن، خچرن، پکين ۽ جانورن کي ڏسندي هڪ عجيب
خوشي محسوس ڪندا آهن ۽ ننڍين ڍنڍن جهڙو ڏيک ڏيندڙ پاڻي جا تلاءُ به سندن لاءِ هڪ
دلڪش منظر جو ڏيک ڏين ٿا، جنهن مٿان ٺهيل ڪاٺ جي ننڍين پلن تي گهمندي ڦرندي کين
مزو ايندو آهي. ان کانسواءِ پڃرن توڙي پاڻي جي دُٻن ۾ رکرايل واڳون به سير و تفريح جو حصو بڻيل آهن.
ان کانسواءِ فيمليز سان گڏ ايندڙ ٻارن لاءِ وري باغ جي جهولن وارو ڪارنر ۽ فن لينڊ
به هڪ عجيب هنڌ آهي، جتي هو جهولن ۾ سوار ٿي، گاڏين تي چڙهي لطف اندوز ٿيندا آهن ۽
کيڏندي کيڏندي راڻي باغ ۾ قائم ٿيل دوڪانن تان شيون ۽ فاسٽ فوڊ وٺي مزا ماڻين ٿا. راڻي
باغ جا اهي حسين، خوبصورت ۽ دل کي راحت بخشيندڙ منظر ڏسي هر ماڻهو جي دل باغ و
بهار ٿي ويندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو حيدرآباد شهر جي مختلف علائقن جا رهواسي
موڪلن وارن ڏينهن، عيدن بارتن ۾ ڪهي اچي راڻي باغ جو سير تفريح ڪن ٿا ۽ ڪيتريون ئي
خوشيون حاصل ڪن ٿا.
Name: Akram Ranjhani Calss: M. A (Prev)
Date: 18-2-2017
No comments:
Post a Comment