Tuesday, 1 August 2017
Thursday, 23 March 2017
فيچر، قاسم آباد جي روشنين جو مرڪز نسيم نگر - شائستہ سومرو Shaista Soomro
فيچر- قاسم آباد جي
روشنين جو مرڪز نسيم نگر"
شائستہ سومرو
2k15/MC/110
نسيم نگر قاسم آباد جو پُر امن ۽ مصروف ڪاروبار جو
مرڪز وارو ايريا آهي، جيئن ته حيدرآباد ۾ قاسم آباد جي علائقي کي وڏي اهميت حاصل
آهي، اهڙي طرح سان قاسم آباد جو مکيه ايريا نسيم نگر آهي.
نسيم نگر جي ويران زمين 1980 ۾ الله بخش مگسي خريد
ڪئي پوءِ جڏهن 1980 ۾ سنڌي مهاجر جهڳڙا شروع ٿيا ته لطيف آباد ۾ رهندڙ سنڌين کي بي رحمي سان قتل ڪيو ويو ۽ سندن گهرن تي مهاجر قبضو ڪري ويهي
رهيا، وڏي تعداد ۾ سنڌين کي شهيد ڪري حيدرآباد جا رستا سنڌين جي خون سان
رنگيا ويا ۽ سنڌين جي مال ۽ جائيداد تي وارث کين پنهنجي ئي ديش ۾ لاوارث ڪيو ويو. هزارن جي تعداد ۾ هيرآباد ۽ لطيف آباد جا سنڌي اچي قاسم آباد ۾ پناهه ورتي ۽
وڏي تعداد ۾ سنڌي اچي نسيم نگر ۾ آباد ٿيا ۽ اهڙي طرح سان نسيم نگر ويران ۽ ٻنين
واري زمين مان ڪاروباري روشنين جو مرڪز بڻجي ويو، نسيم نگر جي
ڪچي آبادي ۾ وڏي تعداد ۾ سومرا ۽ ڏومرا برادري شروع کان وٺي
آباد آهن.
نسيم نگر جو باقاعده سان ٺاهڻ 1988 ۾ شروع ٿيو ۽ “فيز ون” “فيز ٽو” ۽ “فيز ٿري” ۾ ورهايو ويو، وقت سان گڏو گڏ هن ايريا جي آبادي ۾ تيزي سان اضافو ٿيندو پيو وڃي، هتي ته ڳوٺن کان به ماڻهو اچي پنهنجو روزگار جي تلاش هن ايريا ۾ شروع ڪن ٿا، نسيم نگر ۾ حڪومت جي اعلان مطابق روڊن کي بهتر بڻائڻ جو ڪم ته شروع ڪيو ويو پر ايريا ۾ سيورج نظام کي بهتر بڻائڻ جي حڪومتي واعدن کي پورو ٿيڻ ۾ اڃا وقت لڳندو، برساتن جي مُند ۾ نسيم نگر تلاءُ جو منظر پيش ڪري ٿو. خاص ڪري فيز 3 ۾ سيوريج جي خراب صورتحال جي ڪري مهيني تائين برساتن جي پاڻي جو نيڪال ناهي ٿيندو ان سان گڏو گڏ هتي جي رهواسين بجلي ۽ پاڻي جي فراهمي چار چار، پنج پنج ڏينهن تائن محروم رهن ٿا.
نسيم نگر جو باقاعده سان ٺاهڻ 1988 ۾ شروع ٿيو ۽ “فيز ون” “فيز ٽو” ۽ “فيز ٿري” ۾ ورهايو ويو، وقت سان گڏو گڏ هن ايريا جي آبادي ۾ تيزي سان اضافو ٿيندو پيو وڃي، هتي ته ڳوٺن کان به ماڻهو اچي پنهنجو روزگار جي تلاش هن ايريا ۾ شروع ڪن ٿا، نسيم نگر ۾ حڪومت جي اعلان مطابق روڊن کي بهتر بڻائڻ جو ڪم ته شروع ڪيو ويو پر ايريا ۾ سيورج نظام کي بهتر بڻائڻ جي حڪومتي واعدن کي پورو ٿيڻ ۾ اڃا وقت لڳندو، برساتن جي مُند ۾ نسيم نگر تلاءُ جو منظر پيش ڪري ٿو. خاص ڪري فيز 3 ۾ سيوريج جي خراب صورتحال جي ڪري مهيني تائين برساتن جي پاڻي جو نيڪال ناهي ٿيندو ان سان گڏو گڏ هتي جي رهواسين بجلي ۽ پاڻي جي فراهمي چار چار، پنج پنج ڏينهن تائن محروم رهن ٿا.
نسيم نگر جي مصروف ترين ۽ خوبصورت جڳهه نسيم نگر جو چوڪ آهي، حڪومت اعلان ڪيو آھي ته روڊن تان ڪچي آبادي کي پاسي تي ڪري چوڪ وٽان فلائي اوور ٺاهيو ويندو.چوڪ کي تازو ئي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت 760 ملين روپيا خرچ ڪري مرهمت ڪرائي آهي، ان جي روڊن کي صاف سٿرو ۽ ٽرئفڪ لاءِ ويڪرو ٺاهيو ويو آهي، نه ته پهرين اتان جي خراب روڊن جي ڪري هتي بد ترين ٽرئفڪ جام ٿيندي هئي پر هي صورتحال پهرين کان صحيح آهي، رات جي وقت ۾ اهو چوڪ تمام سهڻو لڳندو آهي،
سَوَن جي تعداد ۾ دڪانن ۽ روشنيون ۽ روڊ تي اڻ کٽندڙ گاڏين جي قطار ان کي وڌيڪ پرڪشش بڻائي ٿي، ان ئي چوڪ تي صبح جي وقت شاگردن جي رش هوندي جنهن ۾ گهڻي تعداد ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جي هوندي آهي، روز صبح جو ورسٽي جا ڪيترا ئي شاگرد پنهنجي خوابن کي پورو ڪرڻ جو سفر اتان شروع ڪندا آهن اميد آهي ته مستقبل جا اهي معمار اڳيان هلي جڏهن ڪنهن منزل تي پُهچندا آهن ته پنهنجي هن ايريا جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا
خوبصورتي جو هڪ ٻيو منظر ڪاڇيلو فارم - فرقان علي Furqan ALi
فيچر
فرقان علي
خوبصورتي جو هڪ ٻيو منظر ڪاڇيلو فارم
رنگ قدرت جي مسڪراهٽ آهي، هڪ اها جڳهه
جنهن جا انب صرف سنڌ نه پوري پاڪستان ۾ به نه بلڪه ٻاهر جن ملڪن ۾ موڪليو ويندا
آهن ۽ اي جا ماڻهو ان کي شوق سان کائيندا آهن، جي ها، ان کي ڪاڇيلو فارم سڏيو
ويندو آهي ۽ ان کي king
of mangoes پڻ سڏيو ويندو آهي. ساوڪ سان سينگاريل ڳوٺ پري کان
نظر ايندڙ کجين مان وڏا وڻ جيڪي ڳوٺ جي چيڪ پوسٽ وانگي نظر ايندا آهن، هر قوم جو
ماڻهو ۽ هر الڳ مذهب سوچ ويچار جو ماڻهو ان خوبصورتي ۾ دل کي خوبصور بڻايو ڏي.
ائين چوڻ به غلط ناهي ته اڄ ڪلهه جي ماڊرن دور ۾ سڌريل ڳوٺن مان هڪ آهي، هر سال
ميرپور خاص شهر انبن جو فيسٽيول لڳايو ويندو آهي، جنهن ۾ مختلف قسمن جي انبن جي
نمائش ڪئي ويندي آهي، ڪاڇيلي فارم جا انب پڻ ان نمائش ۾ رکيا ويندا آهن ۽ تمام
گهني پذيرائي ملندي آهي، صرف اهو نه ڪاڇيلي جا انب پوري سنڌ ۾ مشهور آهن.
ڪاڇيو فارم ڪوٽ غلام محمد ۾ آهي، ڊسٽرڪٽ ميرپورخاص، ڪاڇيلي جي بنگلي جي ڀرسان ئي اهو باغ آهي، جيڪو پڻ زن تي خوبصورتي جي ڪري تمام مشهور آهي ۽ جي ڪاڇيلي جي ماڻهن جي ڳالهه ڪئي وڃي ته انوشڪا ڪاڇيلو اها عورت آهي، جنهن پاڪستان جي ننڍي عمر 24 سالن جي عمر ۾ ۽ پهرين پاڪستاني جنهن North Pole جي آخري ڊگري تائين وئي، اها ڪاڇيلي ۾ مالڪ رفيع ڪاڇيلي جي ڇوڪري آهي، جيڪا هاڻ لنڊن ۾ وڪالت ڪري رهي آهي. زندگي جي هن مشڪل دور ۾ جڏهن ماڻهو ڪم تان ٿڪي هارجي اهو منظر ڏسندو آهي ته اندر ۾ موجود هر ٿڪاوٽ دور ٿي ويندي آهي، جيئن پراڻي دور ۾ چوندا آهن ته اگر ڪنهن کي ڪو مرض هوندو هو ته ان کي چوسيندا هئا ته سمنڊ تي ڪجهه دير ويهي اچ، انهن جو مڃڻ هو ته سمنڊ هر بيماري پاڻ ڏانهن چڪي فارم جي خوبصورتي به هڪ اهڙو هتي ڪردار ادا ڪري ٿي، جو ايندڙ هر ماڻهو ان تي رنگ ۾ رڱجيو وڃي،
هتي تقريبن هر قسم جو انب ٿيندو آهي، جيڪو شايد ئي ڪنهن بي باغ مان ملي 1500 ايڪڙن تي مشتمل باغ جنهن ۾ مختلف قسمن جا پکي پکڻ پڻ پنهنجي زندگي گذاري رهيا آهن ۽ هڪ خوبصورت دنيا ٺاهي ويٺا آهن. انبن جي وڻن کان علاوه ڳالهه ڪجي ته چڪن جا وڻ پڻ هڪ وڏي تعداد ۾ آهن، جيئن جي خوبصورتي پڻ هڪ تمام وڏو ڪردار رکي ٿي، جنهن خوبصورتي تي لکڻ ويهان ته لفظ ئي کٽي پون. من موهيندڙ نظارا جيڪي هميشه نيا ۽ هڪ نئين دنيا جو رخ پيش ڪندا آهن ۽ جن کي وسارڻ ڏاڍو مشڪل آهي.
ڪاڇيو فارم ڪوٽ غلام محمد ۾ آهي، ڊسٽرڪٽ ميرپورخاص، ڪاڇيلي جي بنگلي جي ڀرسان ئي اهو باغ آهي، جيڪو پڻ زن تي خوبصورتي جي ڪري تمام مشهور آهي ۽ جي ڪاڇيلي جي ماڻهن جي ڳالهه ڪئي وڃي ته انوشڪا ڪاڇيلو اها عورت آهي، جنهن پاڪستان جي ننڍي عمر 24 سالن جي عمر ۾ ۽ پهرين پاڪستاني جنهن North Pole جي آخري ڊگري تائين وئي، اها ڪاڇيلي ۾ مالڪ رفيع ڪاڇيلي جي ڇوڪري آهي، جيڪا هاڻ لنڊن ۾ وڪالت ڪري رهي آهي. زندگي جي هن مشڪل دور ۾ جڏهن ماڻهو ڪم تان ٿڪي هارجي اهو منظر ڏسندو آهي ته اندر ۾ موجود هر ٿڪاوٽ دور ٿي ويندي آهي، جيئن پراڻي دور ۾ چوندا آهن ته اگر ڪنهن کي ڪو مرض هوندو هو ته ان کي چوسيندا هئا ته سمنڊ تي ڪجهه دير ويهي اچ، انهن جو مڃڻ هو ته سمنڊ هر بيماري پاڻ ڏانهن چڪي فارم جي خوبصورتي به هڪ اهڙو هتي ڪردار ادا ڪري ٿي، جو ايندڙ هر ماڻهو ان تي رنگ ۾ رڱجيو وڃي،
هتي تقريبن هر قسم جو انب ٿيندو آهي، جيڪو شايد ئي ڪنهن بي باغ مان ملي 1500 ايڪڙن تي مشتمل باغ جنهن ۾ مختلف قسمن جا پکي پکڻ پڻ پنهنجي زندگي گذاري رهيا آهن ۽ هڪ خوبصورت دنيا ٺاهي ويٺا آهن. انبن جي وڻن کان علاوه ڳالهه ڪجي ته چڪن جا وڻ پڻ هڪ وڏي تعداد ۾ آهن، جيئن جي خوبصورتي پڻ هڪ تمام وڏو ڪردار رکي ٿي، جنهن خوبصورتي تي لکڻ ويهان ته لفظ ئي کٽي پون. من موهيندڙ نظارا جيڪي هميشه نيا ۽ هڪ نئين دنيا جو رخ پيش ڪندا آهن ۽ جن کي وسارڻ ڏاڍو مشڪل آهي.
قدرت جا اهي رنگين نظارا ڏسي دل کي سڪون ۽ روح کي راحت مليو وڃي، پکين جي چهچاٽ وڻڪاري ۾ ۽ پوٽن سان سينگاريل رستا ڪنهن دنياوي جنت کان گهٽ ناهن. خوبصورتي جو ڪو به دنگ ناهي، دنيا ۾ هر جڳهه خوصبورت لهر آهي، جنهن کي انسان ڏسي هڪ بهترين خواب سمجهندو آهي ۽ ان خواب جي تعبير کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ چاهيندو آهي، انسان جي زندگي ۾ اهي خوبصورت جڳهيون ۽ خوبصورت نظارا تمام وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا، جيڪي انسان کي هڪ خوشگوار زندگي رهڻ جو بهترين مثال ڏين ٿا ته زندگي خوبصورت آهي، بس توهان کي ان خوبصورتي کي محسوس ڪرڻو اهي، جنهن کي ڏسي توهان جا زندگي جي ڏک ۽ درد دور ٿي وڃن.
ڪاڇيلو فارم قديم ڳوٺن مان هڪ آهي، جيڪو
شروعات کان ئي هڪ بهترين جاگرافيائي جي ڪري خوبصورت ۽ دل کي وڻندڙ آهي، جڏهن ان
خوبصورتي کي وڻن ۽ ٻوٽن جي ساوڪ سان سينگارجي ته ان خوصبورتي کي چار چنڊ لڳيو وڃن.
اهي خوبصورت جڳهيون اگر ائين ئي قائم رهن ته شايد اسان هن مشڪل زندگي جي دور ۾ خوش
رهڻ ۽ قدرت جي نظارا مان مزو وٺڻ نه وسارينداسين، جيئن هڪ چمن ۾ گلن جو ڪردار هوندو هي، بلڪل اهڙي طرح
انهن خوبصورتين جو به اسان جي زندگين تي اهم ڪردار آهي.
ھالا هينڊي ڪرافٽ ۾ ڪآشی جو ڪم - سهيل منظور ميمڻ Sohail Manzoor Memon
سهيل منظور ميمڻ
2k15/MC/85-:رول نمبر
ھالا هينڊي ڪرافٽ ۾ ڪآشی جو ڪم
ڪلاس׃־بي ايس پارٽ ٽيو.
سنڌ پنهنجي مختليف هينڊي ڪرافٽ ۽ آرٽ جي دنيا جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو. سنڌي
هينڊي ڪرافٽ جو ڪم آمريڪا بخداد المنصره سمرقند جي قديم مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيو وڃي ٿو.
سنڌ جي ثقافت، لائف اسٽائل، روايتون سان گڏوگڏ جاگرافيائي حالتون سنڌي فن جي اثر هيٺ آهن. هالا هٿ جي هنر
جي ڪري تمام مشهور آهي.هالا شهر خوبصورت ۽ قديم هجڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي ثقافت جي
علامت ۽ دستڪاري جو مرڪز پڻ آهي. هالا کي سنڌ جي ثقافت جو شهر پڻ سڏيو وڃي ٿو. هن
کي ثقافت جو شهر ان ڪري سڏيو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته هتي سنڌ جي ثقافت جي شيئن کي هٿ سان
تيار ڪيون ويندو آهي. جينهن کي هينڊي ڪرافٽ چيو ويندو آهي. هيء سمورو ڪم خالص هٿ
سان ڪيو وڃي ٿو.هالا جي هينڊي ڪرافٽ ۾ هٿ سان ڪيتريون شيون تيار ڪيون وينديون آهن،
جينهن ۾ اجرڪ، سنڌي ٽوپي، رلي، پينگھا، کٽ، وينجڻي، دلا، مختليف قسمن جا ڪپڙا،
عرتون جا پرس ۽ جوتي، گج،انهن مانڪاشي جو ڪم به هڪ آهي.
ھالا جي هينڊي ڪرافٽ ۾ ڪاشي جو ڪم تمام مشهور هجڻ سان گڏو گڏ تمام خوبصورت آهي.
جيڪو پوري سنڌ م مشهور آهي ڪاشي جا ٿانوءَ مختليف شڪلون ۽ مختليف سائزون ۾ ٺاهيا
ويندا آهن انهن جا مختليف رنگ پڻ ٿين ٿا جنهن ۾ نيرو، اڇو، ڦڪو، وڱڙائي، گاڙ ۽
سائي رنگ ۾ موجد آهن. ڪاشي جي شيئن ۾ ڪاشي جا ڊينرسيٽ، ڪاشي جا رانديڪا، گل دان،
مانيءَ جو هاٽپاٽ، ماٽي. ۽ ڪاشي سان تيار ڪيل ڪيتريون شيون موجد آهن.
ڪاشي لفظ جي معني ”ٽائلز“ آهي، جيڪو فارسي جو لفظ آهي. ڪاشي جو ڪم بريصغر ۾
تمام پراڻو آهي. هن ڪم جي شرعات 5000 سال سڀ کان پهري موئن جي دڙي ۾ ٿي. موئن جي
دڙي مان مٽيءِ جا رانديڪا مٽيءِ جا ٿانوَ ۽ مٽيءِ جا مجسما لڌا ويا آهن. پوءِ 13 صديءَ ۾ هي ڪم فارسي اسٽائل ۾
واپس شريع ٿيو، پوءِ ايراق مصر ۽ شام ۾ ڪيو ويو. ان کان پوءِ مغلن جي دور ۾ هن ڪم
کي وڌيڪ ترقي ملي، هنن ڪاشي سان خوبصورت مسجدون، قيلا ۽ جائيون ٺاهيون. ۽ هن ڪم کي
مسلم آرٽ سان ملائي ڇڏيو. اڄڪلھ اسان سنڌ ۾ ڪيترين جائن تي ڪاشي ڪم ٿيل ڏسون ٿا.
جيِءَ ته ڀٽ شاھ ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار، خيرپور ۾ سچل سر مست جي مزار ۽
ٺهٺي ۾ شارجهان مسجد ۽ ٻيون ڪيتريون جائنوغيره ۾ ڪاشي جو تمام گھڻو ڪم ويو آهي.
هالا ۾ ڪاشي جون چار اهم صنعتون موجد آهن. اهي صنعتون تمام پراڻون آهن جن ۾ هالا
جا انتهائي باصلاحيت ماڻهن ڪم ڪري رهيا آهن. جيڪي مٽيءَ کي هڪ خوبصورت شڪل ڏئي هڪ
چمڪدار شيءَ ۾ تيار ڪن ٿا. جڏهن آئون هالا ۾ ڪاشي جي صنعت ۾ گھمڻ ويس ته اتي ڏيٺم
ته سڀ کان پهري هڪ شخص ڪجھ مٽيءَ کي کڻي ان کي مختليف شڪلون ۾ تبديل ڪري ٿو. ان
کان پوءِ 900 ڊگري جي گرمائش ۾ 12 کان 14 ڪلاڪ رکي ٿو، پوءِ هو ان کي سج جي سامون
رکي سوڪائي ٿو ۽ پوءِ ان کي هو هڪ خاص مٽيءِ سان پوليش ڪري ٿو. اها خاص مٽيءِ سنڌ جي شهر سيهوڻ جي پهاڙن مان نڪري ٿي، جيڪا
خاص هنن شيئن کي پوليش ڪرڻ لاءِ استمال ڪئي ويندي آهي. پوءِ رنگ ڪرڻ وارو انهن کي
رنگ ڪري خوبصورت بڻائي ٿو،پوءِ انهن شيئن کي چمڪدار ڪرڻ لاءِ پچايو ويندو آهي.
آخرڪار ڪاشي تيار ٿي وڃي ٿو، ڪاشي جي شيءَ کي تيار ٿيڻ جا تڪريبن 20 حصا آهن.
هالا جا هينڊي ڪرافٽ
پوري سنڌ ۾ مشهور آهن. هالا جي هينڊي ڪرافٽ جي سامان جو ڪاروبار پوري سنڌ ۾ جوش و
خروش سان هلي رهيو آهي. ڪراچي ۽ حيدراباد ۾ هينڊي ڪرافت جا ڪيترائي دڪان موجد آهن.
جيتي مختليف قسم جا هينڊي ڪرافٽ ميلن ٿا. جنھن ۾ڪاشي سان تيار ڪيل ڪيتريون شئيون
ميلن ٿيون.هالا ۾ هينڊي ڪرافٽ جا 50 کان وڌيڪ دڪان موجود آهن جيتي ڪاشي سان تيار
ٿيل سامان پڻ ملي ٿو. ان کان علاوههالا ۾ ڪاشي جون مختليف صنعتون موجود آهن جيتي
ڪيترائي ماڻهن ڪم ڪن ٿا، جين ۾ عورتون پڻ شامل آهن. جيڪي ڪيترين مشڪلاتون جي
باوجود پنهنجي ڪم کي پورو ڪن ٿا ۽ سنڌ جي ثقافت کي اُجاگر ڪن ٿا.
ڪاشتڪاري کي وڌائڻ لاءِ
حڪومت طرفان ڪيترائي قدم کيا پيا وڃن جنهن ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف فيشن اينڊ ڊزائن
جي نالي سان هڪ ڪاليج قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو چار سالن جي بيچلر جي ڊيگري تي مشتمل
آهي، جنهن جي فيس به تمام گهٽ آهي. جنهن سان هن ڪم ۾ تمام ترقي ٿيندي.
Wednesday, 22 March 2017
پروفائيل، استاد ميول سولنگي - ياسر سو Yasir Sodhar
Yasir Sodhar
Roll No.93
سچائي سان ڪم ڪيو ۽ اميد جو
دامن نه ڇڏيو
استاد ميول سولنگي
استاد ميول سولنگي 15 جنوري 1980ع تي ڳوٺ گل سولنگي لڳ ڪوٽڙي ڪبير
تعلقو ڪنڊيارو هاڻوڪو تعلقو مهرابپور ضلعو نوشهروفيروز ۾ محبوب علي سولنگي جي گهر ۾
اک کولي، شروعاتي تعليم مسجد اسڪول گل سولنگي ان دؤر ۾ پرائمري اسڪول نه هيو ۽
درسي تعليم مدرسن ۾ پڙهائي ويندي هئي . مئٽرڪ هاءِ اسڪول ڄامشورو ڪالوني مان پاس ڪيائين.
هو جڏهن پرائمري ۾ پڙهندو هو ته سندس والد سان گڏ هارپي جو ڪم پڻ ڪيو. 1989 ۾ سندن
امڙ جي وفات کانپوءِ سندس والد هارپو ڇڏيو ۽ اتفاق سان استاد وزير سولنگي جي دڪان
تي حجامڪي جو ڪم سکيو ۽ ان سان پنهنجي ڀائرن جو گذر سفر ڪندو رهيو. شروعاتي ڏينهن ۾
هو پنهنجي استاد جي دڪان تي ڪم ڪندو رهيو پر ڪجهه مجبورن جي ڪري ڪوٽڙي ڪبير ۾ هن هڪ
الڳ دڪان کوليو. ڪجهه عرصي کان پوءِ سندس والد جي هڪ دوست وسيلي ڄامشوري پهتو جتي
شروعاتي ڏينهن ۾ ڄامشوري جي هڪ هوٽل جي ديوار تي شيشو لڳائي حجامڪو ڪم شروع ڪيو.1992ع
ڌاري ڄامشوري ٿرمل هائوس جي رهائش ڪالوني جي مين مارڪيٽ ۾ هڪ دوست جي معارفت تي دڪان
مليو جتي هن اهو ئي ڌنڌو ڪيو جنهن جو کيس هنر هو ۽ اهو دڪان اڄ ڏينهن تائين هلندو پيو اچي استاد جو هنر بلڪل
تعريف جوڳو آهي جو آئون به ان کان وار ڪٽرائيندو آهيان پاڻ خوش اخلاق ۽ دلپسند
شخصيت آهي ۽ پنهنجي ڪم سان هميشه سچو رهيو آهي. هو ننڍپڻ کان ئي ادب سان چاهه
رکندو آهي۽ ادب سان لاڳاپو اڄ ڏينهن تائين جاري ۽ ساري آهي هن کي ادب جو شوق ۽ لاڳاپو
سندس استاد ميان غوث بخش مهر جي رهنمائي ۾ حاصل ٿيو ۽ هن ادب جي حوالي سان سندس
سينيئر رهنما احمد خان مدهوش ، ميهر فقير،راشد مولائي، ڊرٻائي مهر، افضل
سولنگي،فقير ڄائي جمال سان ملاقاتون ڪيون. سندس وٽ 200 جي قريب هڪ اڻ ڇپي ڪتاب
جيتري شاعري موجود آهي ان حوالي سان استاد جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته جي زندگي رهي
ته آئون پنهنجو ڪتاب ڇپرائيندس.ادب جي حوالي سان ساگر علي انور ڪانڌڙ ، تاج جويو،
نثير مرزا، ريڊيو پاڪستان جو پروديوسر شاهه قريشي پڻ هن جي رهنمائي ڪئي. هن پنهنجي
شاعري ۾ گيت، غزل ، دهڙا ۽ چار سٽا لکيا آهن. ننڍي قد وارو بت ۾ ڀريل استاد ميول
سولنگي سان منهنجو واسطو ايترو پراڻو نه آهي پر هن جي خوش اخلاقي ۽ مٺين ڳالهين
سان هن جو پرستار ٿي پيو آهيان جو هر روز شام جو سندس دڪان تي ويهي چانهه جو ڪوپ
مان چسڪيون هڻندي هن کان سندس شاعري پيو ٻڌنڌو آهيان ۽ سندس دڪان ۾ ٽيپ جي گهٽيا
آواز ۾ مانجهي فقير جا ڪلام به هلندا آهن جن سان مونکي دلي سڪون پڻ ملندو آهي.
استاد اڪثر ڪري استاد بخاري جا به شعر ٻڌائيندو آهي. استاد کي صوفيزم سان تمام گهڻو
چاهه آهي. هو اڪثر صوفي درگاهن تي حاضري پڻ ڏيندو آهي . جنهن ۾ صوفي شاهه عنايت
جهوڪ شريف، بري امام عبدالطيف سرڪار اسلام آباد،بيدل بيڪس روهڙي، غوث بهاوالدين ذڪريه
ملتان،هندن جي پير راما پير ۽ پير گاجي شاهه اچي وڃن ٿا. هو اڪثر ڪري صوفي ڪلام ٻڌنڌو
رهندو آهي.
استاد ميول سولنگي هڪ نجي لائيف انشورنس ڪمپني جو پڻ نمائندو آهي.
هن بابت استاد احوال ونڊيا ته اتفاق سان لائيف انشورنس لميٽڊ جي هڪ سينيئر مئنيجر
انٽرويو لاءِ گهرايو ۽مونکي ڪمپني ۾ گهرايو ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي جيڪا مون قبول ڪئي پر
منهنجي تعليم مئٽرڪ هئڻ جي ڪري ڪمپني مونکي قبول نه ڪيو ، پر هڪ شرط تي ڪم ڏنو ويو
ته جيڪڏهن اوهان ڪنهن ڪسٽمر کي راضي ڪندا ته 50 سيڪڙو ڪميشن اوهان جي هوندي جيڪا
مون قبول ڪئي . ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪمپني جي هڪ مئنيجر اسمه قاسم ڪمپني کي لکيو
ته هن ماڻهو ۾ تعليم برابر نه آهي باقي اسان جي ڪمپني لاءِ ڪم ڪرڻ جي قابليت ضرور
آهي، تنهن تي ڪمپني مونکي قبول ڪيو ۽ مونکي ڪمپني جي قانون مطابق منهنجي نالي سان ڪوڊ
فراهم ڪيو ويو.جتي مون سٺي طريقي سان محنت
ڪئي ۽ 2015 ۾ مونکي سرٽيفڪيٽ مليو ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي ڪمپني
طرفان سوني منڍي ۽ ايوارڊ ڏنو ويو.استاد پنهنجي زندگي جا ٻه اهم واقعا ٻڌايا. جڏهن
هو ننڍو هيو ۽ سياري جي موسم هئي هو پنهنجي ڳوٺ ۾ باهه تي هٿ سيڪي رهيو هو ته اچانڪ
هن جي ڪپڙن تي باهه لڳي وئي. جنهن ۾ هن جوهٿ گهڻو متاثر ٿيو.
هڪ ٻيو يادگار ۽ دلچسپ واقعو ٻڌايو ته “ جڏهن آئون ننڍو هيس ته ان
دؤر ۾ سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو راڄ هوندو هو ماڻهو ڌاڙِيلن جي خوف کان فصلن جا ديرا ڇڏي
گهر هليا ويندا هئا. متان ڌاڙيل اچي سندن جاني نقصان ڪن. هڪ ڏينهن آئون ۽ منهنجو
پاڙيسري دوست رات جو ٻاهران هڪ سارين جو ڪٽو چوري ڪيوسين هي زندگي جي پهرين
۽ آخري چوري هئي جڏهن اهو ان دڪاندار کي پيسن تي ڏئي گهر ۾ سمهيس ته ڪمري جي ڇت جو
ورو اوچتو ٽڙڪو ڏئي ڪريو ۽ آئون بچي ويس ۽ ڀڄي وڃي جان بچائي ۽ ڏاڏي امان وٽ پهتس ان مان مون سبق حاصل ڪيو ۽
انکانپوءِ ڪنهن جو به ڪک نه کنيو آهي.
مون کيس ڄامشوري
جي باري ۾ پڇيو ته ان هڪ شعر چيو جيڪو هن ريت آهي.
مونکي مليو هڪ دلدار ڄامشوري ۾
جنهن سان ٿيو اکين سندو اظهار ڄامشوري ۾
هن کنيان نيڻ خمار مان مون ڏي
هليو هوش ويو هڪوار ڄامشوري ۾
هن ڏٺو مونکي هن ڪٺو مونکي
ڪيائين نظرن سان سنسار ڄامشوري ۾
هزارين هسن وار هيا محبوب المنظر تي
هيو پڌرو ميول جو منٺار ڄامشوري ۾
جنهن سان ٿيو اکين سندو اظهار ڄامشوري ۾
هن کنيان نيڻ خمار مان مون ڏي
هليو هوش ويو هڪوار ڄامشوري ۾
هن ڏٺو مونکي هن ڪٺو مونکي
ڪيائين نظرن سان سنسار ڄامشوري ۾
هزارين هسن وار هيا محبوب المنظر تي
هيو پڌرو ميول جو منٺار ڄامشوري ۾
پروفائل فقيرو ميگهواڙ - آنند ڪمار Anand Kumar
پروفائل
آنند ڪمار
رول نمبر 2K15/MC/19
ڪلاس بي ايس سال ٽيون
مجسماسازي ۾ جدت آڻيندڙ فقيرو ميگهواڙ
هونئن ته دنيا ۾ فن جا گهڻائي قسم آهن پر جيڪو سڀ کان گهڻو
مشهور آهي تنهن کي فائن آرٽ چئبو آهي، جنهن جا مکيا ٽي قسم ڊرائنگ، پينٽنگ ۽
مجسماسازي آهن.
فن جي انهن ٽنهي قسمن سان چاهه رکندڙ هڪ آرٽسٽ فقيرو ميگهواڙ
به آهي جنهن پنهنجي تخليق سان ڊرائنگ ۽ مجسما ٺاهي ڏسندڙن کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون
آهن.
فقيرو فقيرا 7 آگسٽ 1979ع تي کيمچند جي گهر ٽنڊو الهيار (تڏهوڪي
حيدرآباد ضلعي) ۾ جنم ورتو، پرائمري کان وٺي هاءِ اسڪول تائين جي تعليم پاڪ سنگهار
اسڪول مان حاصل ڪئي، ايس ايم ڪاليج ٽنڊوالهيار مان انٽر ڪرڻ بعد اين سي اي ڪاليج
لاهور مان آرٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ جي خواهش رکندڙ فقيرو غربت سبب لاهور نه وڃي
سگهيو.
والد ۽ ڏاڏو رازا هئڻ سان گڏوگڏ سيمينٽ مان مجسما پڻ ٺاهيندا
هئا، جنهن سبب ننڍپڻ کان ئي مجسماسازي جي ويجهو رهڻ سبب ان ڪم ڏانهن سندس چاهه چوٽ
چڙهيو، تنهنڪري يارنهن سالن جي عمر ۾ ئي والد جو هٿ ونڊائڻ ۾ لڳي ويا، مائيڪل
اينجيلو ۽ برنني کي پنهنجا روحاني استاد سمجهندڙ فقيرو انهن جي ڪم مان تمام گهڻو
متاثر ٿيو جيڪا شئي سندس پاران ٺاهيل مجسمن مان ظاهر ٿئي ٿي.
فقيري سان ٿيل ملاقات ۾ هن ٻڌايو ته اسان وٽ پهريان انڊيا
جي طرز جو ڪم ٿيندو هو جنهن ۾ سڌا مجسما ٺاهيا ويندا هئا پر مون يورپ ۽ انڊيا جي ڪم
ٻنهي کي ملائي نئين شئي تخليق ڪئي، جيڪو ڪم ماڻهن کي تمام گهڻو پسند آيو، يورپ
سميت انڊيا جي ماڻهن ڪم جي ساراهه ڪندي سندن ملڪن ۾ اچي ڪم ڪرڻ جو چيو.
راما پير جي مندر لاءِ 1990ع ۾ مورتي ٺاهڻ سان شروعات ڪندڙ
فقيرو ايستائين316 مجسما ٺاهي چڪو آهي، جنهن ۾ هڪ فٽ کان وٺي 20 فٽن تائين جا
مجسما ٺاهيا جن ۾سيمينٽ، پلاسٽوپيرسي، فائبر گلاس، ڪاٺ ۽ پٿر جا مجسما شامل آهن.
پنهنجي حساب سان 60 سيڪڙو ڪم کي پڳو آهيان، اڃان 40 سيڪڙو ڪم
رهيل آهي ۽ اهو ڪم هن ڪم جي ڀيٽ ۾ تمام ڏکيو آهي، تعليمي ادارن ۾ آرٽ تي سٺو ڪم ٿئي
پيو پر اهي ٽن ڏينهن واري ڳالهه شاگردن کي ٽن مهينن ۾ سيکاريندا آهن، جنهن سان ٽائيم
جو تمام گهڻو زيان ٿيندو آهي، مجسمو ٺاهڻ بعد هڪ هفتي اندر اهو ناپسنديده ٿي ويندو
آهي، ڇو جو آئون سمجهان ٿو ته ماڻهو جي پنهنجي ڪم مان متاثر ٿيڻ بعد ترقي رڪجي
ويندي آهي (فقيرو).
شروعات ۾ مجسما ٺاهڻ تي ٽوڪون ڪندڙ ماڻهو اڄ فقيري جون
مثالون ڏيندا آهن، بنا ڪنهن يونيورسٽي ۾ پڙهڻ جي فقيري پنهنجي ڪم ۾ جدت آڻي پاڻ کي
يونيورسٽين ۾ آرٽ تي ليڪچر ڏيڻ جي قابل بڻايو.
فقيري هونئن ته تمام گهڻين گئلريز ۾ پنهنجو ڪم نمائش لاءِ
پيش ڪيو آهي، ڳنهن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿيون
ڪينويس گئلري ڪراچي، سنڌ ميوزيم حيدرآباد، وي ايم آرٽ گئلري
ڪراچي، ڪوئيل گئلري،حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ترڪي ۽ نيپال ۾ به پنهنجي ڪم جي نمائش
ڪري پاڪستان جو آرٽ سان پيار ڪرڻ وارو چهرو ماڻهن جي سامهون آندو آهي.
ڪهڙي به شعبي ۾ هجو، نتيجن کي نه ڏسو، تعليم ۽ پنهنجو ڪم
جاري رکو، ڪاميابي ضرور اوهان کي ڀليڪار ڪندي.
پروفائيل ؛ ليڪچرار حفيظه مهيسر - Roomana Mahessar
Profile should be reporting based, it is how to describe a personality, Find some uniqueness
Photo of personality
Roomana Mahessar B.S Part-III 2K15-MC-104
Photo of personality
Roomana Mahessar B.S Part-III 2K15-MC-104
ليڪچرار حفيظه مهيسر
تعليم انسان جو هڪ زيور آهي تعليم هجڻ يا نه هجڻ جو اسان جي معاشراتي زندگي تي
اثر انداز ٿئي ٿو. اسان جي اڄڪلهه جي دور جي تعليم تي گهڻو زور ڏنو وڃي ٿو. اهڙي
طرح هڪ ليڪچرار حفيظه به گهڻن مشڪلاتن کي منهن ڏيئي پنهنجي اعليٰ تعليم حاصل ڪئي.
ليڪچرار حفيظه مهيسر جنهن ڳوٺ ۾ جنم ورتو
اهو علائقو تعلقه ڪنڊيارو ضلعو نوشهروفيروز
جي پٺتي پيل علائقن ۾ شمار ٿئي ٿو. حفيظه مهيسر هڪ سلچڻي ۽ عزت واري گهراڻي
جي ڇوڪري آهي. حفيظه مهيسر جي گهر ۾ غربت به جام هوندي هئي، حفيظه مهيسر کي پنج ڀائر
۽ ٻئي ڀينرون اٿس، حفيظه مهيسر ٻڌايو ته منهنجو پيءُ ننڍ پڻ ۾ وفات ڪري ويو هو، جڏهن
مان 5 ڪلاس ۾ پڙهندي هئس.
ليڪچرار حفيظه مهيسر جو والد محترم
انتهائي سجاڳ ۽ پڙهيل لکيل ماڻهو هجڻ جي ڪري پنهنجي ڳوٺ ۾ مڊل اسڪول جو بنياد
وجهرايو جٽان ليڪچرار حفيظه مهيسر ۽ آس پاس جي ڪيترين ئي نياڻين تعليم پرائي.
اڳتي هلي حفيظه مهيسر گورنمينٽ هاءِ اسڪول
ڪنڊيارو مان ميٽرڪ ۽ هائير سيڪنڊري اسڪول ڪنڊيارو مان تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ سنڌ
يونيورسٽي ڄامشورو مان M.Sc ڪئي. ليڪچرار
حفيظه مهيسر حيدرآباد جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ به پڙهايو. ان کانپوءِ ڪميشن ۾ ليڪچرار
جو امتحان پاس ڪيائين، امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ ان کي نذرت ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرار
لاءِ مقرر ڪيو.
جڏهن مان هن کان پڇيو ته توهان جي زندگي جي خوشيءَ جو لمحو ڪهڙو هو،
ته هن ٻڌايو ته مونکي الله تعاليٰ عمري جي سعادت نصيب ڪئي اها به پنهنجي امڙ
سان گڏ ۽ اها پهرين نظر جيڪا ڪعبت الله شريف تي پئي ته اهو لمحو هن جي زندگي جو
انمول لمحو هيو، جيڪو مان ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهان ۽ ٻيو جڏهن مونکي خبر پئي ته
مان ڪميشن ليڪچرشپ ۾ پاس ڪئي آهي ته اها خوشي مان پنهنجي لفظن ۾ بيان ڪري نه ٿي
سگهان.
پروفائيل ;سلطان لغاري - ناصر عباس لسڪاڻي Abbas L:askani
ناصر عباس لسڪاڻي
رول نمبر2K15/MC/67
ڪلاس بي ايس سال ٽيون
معاشري ۾ تعليمي سڌارن لاءِ جاکوريندڙ سلطان
لغاري
جيئن هر
شهر پنهنجي شين ۽ ماڻهن جي ڪري مشهور هوندو آهي ايئن ئي ملڪاڻي شريف به ٻين شين
سان گڏوگڏ هڪ اهڙي شخصيت جي ڪري مشهور آهي جنهن پنهنجي ايندڙ نسلن جي تعليم جي
بهتري لاءِ اڻٿڪ محنت ڪري کين تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ بهتر ماحول پيدا ڪري ڏنو، هن
نه رڳو پنهنجي ڳوٺ ۾ ٻارن لاءِ اسڪول کوليو پر ان سان گڏوگڏ کين ٽيوشن به فراهم ڪري
ڏني، جنهن ڪم اڳتي هلي شاگردن جي تعليمي واڌاري ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو، اهو شخص
سلطان لغاري جينالي سان مشهور آهي.
سلطان لغاري بدين ضلعي جي ڳوٺ ملڪاڻي شريف ۾ 1987ع تي محمد
خان لغاري جي گهر پيدا ٿيو، مئٽرڪ تائين جي تعليم اباڻي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي، جنهن
بعد ٽنڊي جان محمد مان انٽر ڪري سنڌ يونيورسٽي جي شعبي انگريزي مان ايم اي ڪئي،
تعليم سان گهڻي چاهه رکندڙ هن شخص 2011ع ۾ مهراڻ پبلڪ اسڪول نالي هڪ اسڪول کوليو،
جتي نرسري کان اٺين ڪلاس تائين جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي تعليم ڏني وڃي ٿي، جنهن ڪم جي
سربراهي به هي پاڻ ڪري رهيو آهي، انهي سان گڏوگڏ هتي شاگردن کي شام جي وقت ٽيوشن پڻ
ڏني ويندي آهي، اسان وٽ عام طور تي شاگرد تعليمي سرگرمين ڏانهن هوندا آهن پر سلطان
لغاري تعليم سان گڏوگڏ ٻين به گهڻين سرگرمين ۾ رڌل رهيو، يونيورسٽي ۾ تعليم پائڻڪرڻ
دوران هن ڪيترائي ميڊل انعام پڻ حاصل ڪيا.
هن مختلف اسڪولن ۾ پڙهائڻ دوران تجربو حاصل ڪري بعد ۾
پنهنجو اسڪول کوليو، سندس ذهانت، رحمدلي ۽ سچائي جي ڪري گهرڀاتين سميت پاڙيسري
سندس تمام گهڻي ساراهه ڪندا آهن.
سلطان لغاري معاشري ۾ تعليم جي بهتري لاءِ تمام گهڻي جدوجهد
ڪئي ۽اڃان تائين اهو ڪم جاري رکيو پيو اچي، هن ملڪاڻي شريف جي تعليم جي معيار کي
بهتر بڻائڻ ۽ ايندڙ نسلن کي کين گهربل حق ڏيڻ لاءِ
پروفائيل ; فقير ناز محمد جلالاڻي - شيرزمان کوسو Sher Zaman Khoso
پروفائيل
2k15/MC/82
فقير ناز محمد جلالاڻي
دنيا ۾ اهڙيون سوين شخصيتون آهن، جن پنهنجي قابليت ۽ تخليق جي ذريعي نئين
ميدانن کي جنم ڏنو، ته ٻي پاسي انهن ئي ميدانن هزارين شضصيتن کي جنم ڏنو ۽ اڄ اهي
ئي شخص انهن ميدانن جي ڪري ئي سڃاتا وڃن ٿا. اهڙن شخصيتن مان فقير ناز محمد جلالاڻي
به هڪ آهي، جيڪو ريڊيي جي ميدان جي ڪري سڄي سنڌ ۾ سڃاتو وڃي ٿو. فقير ناز محمد
جلالاڻي 1966ع ۾ ڳوٺ غلام حسين جلالاڻي ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو، پرائمري تعليم
پنهنجي ڳوٺ واري اسڪول ۽ مئٽرڪ جي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول سانگهڙ مان حاصل ڪيائين
۽ اڳتي تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. فقير ناز محمد ٽئين درجي کان وٺي ريڊيي جي
پروگرامن لاءِ لکندو اچي ۽ 1992 کان سنڌي ۽ اردو ۾ شاعري به ڪندو اچي، جيڪا تقريبن
سنڌ جي هر اخبار ۽ مئگزين ۾ شايع ٿي چڪي آهي ۽ 15 کان 20 ائٽم مختلف پرائيويٽ ريڊيو
اسٽيشن سميت ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي هلن ٿا.
ناز محمد جلالاڻي جو پهرين
خط ريديو پاڪستان حيدرآباد تي 1978ع ۾ شامل ٿيو، ان وقت کان وٺي اهو سلسلو اڄ
تائين جاري آهي. هن پاڪستان جي هر ايف ايم اسٽيشن تي خط لکيا آهن، جن ۾ 100.6
حيدرآباد، 91 ٽنڊو آدم، 101 حيدرآباد، 103 ڪراچي، 105 حيدرآباد، 104 ڪشمور، 88
سکر، 94 لاڙ، 105.2 سانگهڙ، 98 ميرپورخاص، 100 پاڪستان ڪراچي ريڊيو اسٽيشن شامل
آهن. ناز محمد هنن ريڊيو اسٽيشن جي هر پروگرام ۾ شامل ٿيو آهي. ٻه سال ڪجهه ايف ايم اسٽيشن تي آر جي به رهيو
آهي، سندن جي خواهش رهندي آهي ته جتي به پروگرام هلي رهيو آهي، ان جو حصو ٿيان ته
جيئن ان علائقي جي دوستن وٽ منهنجو پيغام پهچي سگهي. ڏينهن ۾ 10 کان 12 ڪلاڪ ريڊيو
کي ٻڌندڙ ناز محمد پاڪستان ريڊيي اسٽيشن سميت بين الااقوامي ريڊيو اسٽيشن ۾ به
لکندو رهيو آهي، جن ۾ وائيس آف آمريڪا، ماسڪو روس، قابل افغانستان، زاهدان ايران ۽
سبيا به شامل آهن. پاڻ بين الااقوامي ريڊيو اسٽيشن لاءِ خط اردو ۾ لکندا آهن ۽
انهن کي ترجمو ڪري اتي جي ٻولي ۾ پروگرام جو حصو بڻايو ويندو آهي، اهڙي ريت پاڻ ڪيترن
ئي ٻولين جي لفظن ۽ جملن سميت بين الاقوامي ٻولين جا ڪجهه ڄاڻون به آهن.
فقير نازمحمد جلالاڻي جي ايف ايم اسٽيشن لاءِ لکيل خطن جو تعداد هزارن ۾ آهي ۽
پاڻ پاڪستان جي ڪيترن ئي ريڊيو اسٽيشن کان ايوارڊ به حاصل ڪري چڪو آهي، جن ۾ بيسٽ
لسنر ايوارڊ، بيسٽ معلوماتي ايوارڊ، بيسٽ رائيٽر ايوارڊ شامل آهن. نه صرف ايترو پر
بين الاقوامي ريڊيو اسٽيشن کان به انعام ۽ سرٽيفڪيٽ به حاصل ڪري چڪا آهن. ان کان
علاوه مختلف پروگرامن طرفان ناز محمد کي گفٽن ۾ ڊي وي ڊي، وي سي آر سي ڊي جون ڪيسٽون
۽ ٻيون انيڪ شيون به ملنديون رهن ٿيون. هن وقت مليل ايوارڊن ۽ گفٽن جو تعداد به
سئون کان مٿي آهي.
ريڊيي جي دنيا ۾ فقير ناز محمد جلالاڻي سان عجيب و غريب واقعا ٿيندا رهن ٿا، هڪڙي
ڀيري جڏهن هڪ اسڪول جي ڪلارڪ غلام حسين گهامرا کان ڪنهن مئگزين لاءِ انٽرويو وٺڻ
ويو ته ان کان اڳ ڪنهن ڪم سان هڪ دڪان تي وڃڻ ٿيو، پنهنجي تعارف ڪرائڻ بعد دڪاندار
هن جي تمام گهڻي عزت ڪئي، ڇو ته ان دڪاندار فقير ناز محمد جلالاڻي جو نالو ڪيترن
ئي پروگرامن ۾ ٻڌو هو، مطلب ته ناز محمد جي نالي کان ريڊيو ٻڌندڙ عام ماڻهو به
واقف آهي، اهڙي ريت هن شخصيت جي سڃاڻپ ريڊيو آهي .ناز محمد ريڊيو ٻڌڻ جو سبب ڄاڻائي
ٿو ته ريڊيو کي ٻڌندي آئون پنهنجو ڪم جاري رکي سگهان ٿو، جڏهن ته ٽي وي ڏسڻ دوران
ماڻهو ڪو به ڪم نه ٿو ڪري سگهي. ريڊيو کي ٻڌندي شاگرد لکڻ پڙهڻ، هاري مزوري ڪرڻ ۽
دڪاندار پنهنجو ڪم به جاري رکي سگهي ٿو. ان کان علاوه ريڊيو کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻڌو
وڃي ٿو ۽ اڄ به سنڌ جا ڪيٿرائي علائقا بجلي جي سهولت کان محروم آهن پر اتي جا ماڻهو
اڄ به ريڊيو کي دلچسپي سان ٻڌندا آهن، جڏهن ته ٻئي طرف فقير ناز محمد جلالاڻي
پنهنجي شاعري ۾ عام ماڻهو جي مشڪلاتن کي پيش ڪيو آهي جن کان ريديو ٻڌندڙ عام ماڻهو
به متاثر ٿئي ٿو، هن جي شاعري کي سنڌ جا ڪيترائي فنڪار ڳائي چڪا آهن، جن جا گيت
مختلف ريڊيو اسٽيشن تي نشر ٿيا آهن.
پروفائل : ڊاڪٽر ڀائي خان شر - عبدالسبحان جمالي - Subhan Jamali
This is not profile. It is too short. photo is must
پروفائل
پروفائل
ڊاڪٽر ڀائي خان شر
عبدالسبحان
جمالي
2k15/MC/05
B.S part III
پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر سنڌ جي سدا بهار ضلعي
خيرپور جي ننڍي شهر ٺري ميرواه ۾ جنم ورتو.هن پنهنجي بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۽
ڪاليج خيرپور شهر مان پاس ڪيائون،ان کانپوءِ هن 1980 ۾ مهراڻ يونيورسٽي آف
انجنئرينگ ۽ ٽيڪنلاجي ڄامشوري ۾ پير پاتائون ۽ هن جي داخلا آرڪيٽڪچر شعبي ۾ ٿي .هن پنهنجي پڙهائي انتهائي
سچائي ۽ جدوجهد سان جاري رکيو ۽ انهي شعبي ۾ لڪچرر طور ڀرتي 1988 ۾ ٿيا . هن انهي پنهنجي
شعبي ۾ محنت ۽ لگن سان پڙهائيندو رهيو ۽ انهي دوران هن پنهنجي پي ايڇ ڊي ڊگري
انگلينڊ جي مشهور انسٽيٽيوٽ نيو ڪيسل مان 2005 ۾ مڪمل ڪئي. ڏيھ اچڻ تي هن کي
پروفيسر طور ترقي ڏني وئي.هن جي بهترين صلاحيتن ۽ خوبين کي مدنظر رکندي هن کي 2007
۾ سينٽر آف ايڪسيلنس ۽ آرٽ ڊزائن جي ڊاريئڪٽر جو عهدو ڏنو ويو. هن وقت به انهي
عهدي تي هي پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي.
ڊاڪٽر بهائي خان ان دوران سڪريٽري مهراڻ يونيوورسٽي
استاد تنظيم ۽ چئرمين طور مهراڻ يونيورسٽي ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائسونگ سوسائٽي ۾
پنهنجا فرض به خوبي نڀايا. جڏهن ته هي ميوٽا ۾ رهندي ايمپلائز ويلفئير فنڊ پڻ
متعارف ڪرايو ۽ ان کي يونيورسٽي جي تاريخ ۾ وڏي مان سمجهيو وڃي ٿو.هن ڪيترائي
ايوارڊ مختلف ادارن کان حاصل ڪيا ان ۾
تقريبن هر داري جي طرفان هن جي سروس کي تعليم لاءِ دوست ڪرار ڏنو.هن جو شاگردن
لاءِ پي ايڇ ڊي جون اسڪالر ۽ ٻين ڪمن کي
هن جي بهترين ڪمن ۾ سمجهيو وڃي ٿو.ڊاڪٽر شر جي آرڪيٽڪچر جي دنيا ۾ سندن ڪاميابين
مان هڪ اهو به آهي ته هن سنڌي لنگيئج اٿارٽي جي عمارت هن جي ڪيل آرڪيٽڪچ مان پڻ هڪ
آهي.
Friday, 17 March 2017
Interview with Dr. Amin Memon by Ahmadi
Very short. at least 600 words are required. questions are poor answers are too short
Hard working is the Key of Success :Dr Amin Memon
By: Ahmadi D/O Mohiuddin
M.A Mass comm. (Previous) 2K17
Introduction:
Dr. Amin Memon was born in Talhar District Badin in 1965. He
got Medical Education from Liaquat Medical University Jamshoro, Sindh. Now He
is working as Medical officer in civil Hospital Hyderabad.
(1) Tell me about yourself and educational experience?
Ans: I belong to middle class family. My father was a cloth
Seller in cloth market Hyderabad. He desired that should be a Doctor. After
class inter, I worked hard and got selected in LUMS, in 1990.
(2) Where did you get doctoral education?
Ans: I have completed
my education by the help of ALLAH. I did M.B.B.S and D.C.H from Liaquat Medical
University.
(3) As a Doctor how you can serve public?
Ans: As a doctor we should always ready to help people. If
we remove the difference between upper class and lower class than Doctor can
serve the humanity in better way, we doctors should fulfill our responsibility
with sincerity.
(4) Where did you get
medical education?
Ans: I have completed my education from Liaquat Medical
University Jamshoro. As we face many difficulties in life as I also face many
problems but during this my father provide me great support and my believe that
when we aim to do something ALLAH also helps us.
(5) Why you chose this area (Hyderabad Phulleli Paretabad)
for your clinic?
Ans: I chose this area because it was one of the poorer
areas of Hyderabad at that time; there were no medical Facility at that time.
(6) Nowadays doctor profession is spreading negative impact,
what will you say about this?
Ans: Some doctor as
forget their Oath to serve the humanity and society, they prefer their
personals. Because of these doctors images are becoming bad in society.
(7) What will you prefer (humanity or money)?
Ans: According to me humanity has importance. Humanity does
not have any religion if a person has Love and sympathy for human beings, he
will prefer to help the humanity.
(8) Any message for media Students?
Ans: There is no Profession bad, If we work hard and have
curiosity we can get success in life but we should overcome our difficulties than
we can Light Up the name of our Country.
Interview of Wahid Kandhro by Naseer Channa
نوجوانن کي وڌ ۾ وڌ ادب پڙهڻ
گهرجي: واحد ڪانڌڙو
انٽريو: نصير احمد چنا
2k17-MMC-33
M.A (Previous)
واحد بخش ڪانڌڙي جو جنم لاڙڪاڻي ضلعي جي تاريخي ماڳ
موهن جو دڙو ڀرسان باڊهه شهر ۾ 3 جنوري 1976ع ۾ ٿيو، سندس والد جو نالو حاجي محمد
خان ڪانڌڙو آهي، جيڪو هاري هو، هن بنيادي تعليم درگاهه پاڙي ۾ هندو زميندار جي
تعمير ڪرايل ريوا چندر پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي جڏهن ته مئٽرڪ باڊهه۽ انٽر حيدر
بخش جتوئي ميموريل ڪاليج ڏوڪري مان 1993ع ۾حاصل ڪئي، جڏهن ته ايم ايس سي 1995ع ۾
نصيرآباد ڪاليج مان ڪئي ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ 2010ع ۾ شاهه لطيف يونيورسٽي مان ڪئي،
واحد بخش ڪانڌڙي سنڌ جي ادب جي خدمت طور 10 ڪتاب پڻ کليا آهن، جڏهن هو مڃتا طور
ڪيترائي ايوارڊ پڻ وصول ڪري چڪو آهي.
س: ادب جي دنيا ۾ توهان ڪڏهن ۽ ڪيئن آيا؟
ج: منهنجو ادب سان چاهه پرائمري کان ئي هيو، ان وقت
اسان جو استاد ۽ مشهور شاعر سائين غلام نبي ڪولاچي پڙهائيندو هو، سندس ريڊيو توڙي ٽي
وي جي ڪچهري پروگرامن ۾ اڪثر شرڪت هوندي هئي ۽ اسان جي اسڪول ۾ ٻارڙن جو رسالو”گل
ڦل“ گهرائيندو هو، جيڪو اسين ٻارڙا گڏجي پڙهندا هئاسين ۽ سائين غلام نبي ڪولاچي
سان گڏ شاهن باڊاهي، راز سروري ۽ ٻيا شاعر ڪچهريون ڪندا هئا، جن جو مون تي تمام
گهڻو اثر پيو، مون شاعري جي شروعات 1995ع ۾ ڪئي،
ڳوڙهن ۾ ڀڳل منهنجا ٻئي ڳل
توبن منهنجي سانوري
اها منهنجي پهرين وائي هئي ۽ پوءِ مان 1996ع ۾ سنڌي
ادبي سنگ شاخ باڊهه ۾ پير پاتو ۽ مان سنگت ۾ سرگرم رهيس ۽ منهنجي ان دوران سينيئر
شاعرن اصغر سنڌي، عادل عباسي، اقبال کوکر ۽ ٻين رهنمائي ڪئي.
س: توهان ڪهڙي قسم جي شاعري ڪرڻ پسند ڪندا آهيو؟
ج: شاعري شاعرن جي خيالن جي چوڌاري ڦري ٿي، مثال طور
شاعر کي جهڙو ماحول ملندو آهي هو اهڙو ئي لکندو آهي، پيار، محبت، فطرت جا حسين رنگ توڙي سماجي قدر
منهنجي شاعري عڪس آهن.
س: ڳوٺاڻي ماحول سان واسطو هئڻ سبب فطرت جي رنگن کي
ڪيئن ٿا ڏسو؟
ج: توهان ڳوٺ جي ڳالهه ڪئي، حقيقت ۾ ڳوٺ جي خاموشي،
شهر جي چور کان هزار دفعا بهتر آهي، ڳوٺ ٻوليءِ جي نرسري آهن، جڏهن ته شهر ٻوليءَ
جو بگاڙ آهن، شهر هڪ شعر جون سٽون آهن ته:
شهر ۾ چور چورئي آهي
ڳوٺ پنهنجي سانت سان هلندو
س: توهان کي شاعري جو شوق ڪيئن ٿيو؟
ج: شاعري جو
شوق حقيقت ۾ دل ونڊرائڻ جو هڪ بهانو آهي، جيڪو اڳتي هلي عبادت ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو،
اهو شاعر تي ڇڏيل آهي ته هو شاعريءَ کي ڪيترو وقت ڏئي ٿو، سنجيده ماڻهو جي طبيعت سان
سنجيدهه جنم وٺي ٿي.
س: سنڌي ادبي سنگت ۾ ڪڏهن کان رڪنيت آهي ۽ ڪڏهن ڪو
عهدو مليو؟
ج: سنڌي ادبي سنگت جو ذڪر ڪري چڪو آهيان، آئون باڊهه
۾ سيڪريٽري رهي چڪو آهيان، ان دوران مون ڪيترائي ليڪچر پروگرام توڙي مشاعرا ڪرايا،
هن وقت آئون سنڌي ادبي سنگت شاخ حيدرآباد جي ڪاروباري ڪاميٽي جو ميمبر آهيان.
س: ادب پڙهڻ ڇو ضروري آهي؟
ج: ادب يا تاريخ پڙهڻ سان ماڻهو جي ذهن جا پردا کلن
ٿا ۽ ماڻهو سماج ۾ پيدا ٿيندڙ اٿل پٿل کان واقف رهي ٿو، ماڻهو ۾ صحيح يا غلط فيصلو
ڪرڻ جي صلاحييت پيدا ٿئي ٿي، ادب پڙهڻ کان سواٰ انسان کوکلو آهي.
س: سنڌ جي ڪهڙن ڪهڙن اديبن سان توهان جون رهاڻيون
ٿيون آهن؟
ج: صحافت ۾ هجڻ ڪري منهنجون کوڙ سارن اديبن ۽ شاعرن
سان ڪچهريون ٿيون آهن، جيڪو سلسلو اڃا به جاري آهي، عبدالواحد آريسر، جھميد سنڌي،
خاڪي جويو، احمد خان مدهوش، آسي زميني، عطا محمد ڀنڀرو، وسيم سومرو، اعجاز منگي، سعيد
ميمڻ، آزاد انور ڪانڌڙو، ادل سومرو، يوسف شاهين، امداد حسيني، احمد سولنهي، حاجي
ساند ۽ ٻيا ڪيترائي آهن، جن جا نالا في الحال ذهن تي نٿا اچن، انهن کان معذرت.
س:ادب ۽ شاعري سان سنڌ جي نوجوانن جو ڪيترو چاهه آهي؟
ان بابت ٻڌايو؟
ج: شاعري ۽ ادب اسان جي نوجوان جي رڳ ۾ سمايل آهي،
سنڌ ۾ هن وقت 50 هزار کان به وڌيڪ شاعري ۽ ادب جا ڪتاب ڇپجن ٿا، جڏهن ته سنڌي ادبي
سنگت ايشيا جي واحد ادبي سنگت آهي جنهن جي نه رڳو هر هفتي ويهڪ ٿيندي آهي پر گڏوگڏ
ادب ۽ شاعري جا پروگرام به ڪرايا ويندا آهن ۽ ڪتاب پڻ شايع ڪرايا ويندا آهن.
س: صحافت ۽ ادب جو تعلق هڪ ٻئي سان ڪيترو ويجهو آهي؟
ان کي توهان ڪيئن ٿا ڏسو؟
ج: صحافت ۽ ادب هڪ ٻئي جي قريب آهن، ائين کڻي چئجي ته
ٻنهي ۾ ڪوبه فرق نه آهي، البته ائين چئي سگهجي ٿو ته صحافت تڪڙو ادب آهي، جڏهن ته
ادب ۾ ڪهاڻي، شاعري يا ناول لکبو ته اهو گهڻي غور ويچار کانپوءِ سرجندو آهي.
س: توهان ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب لکيا آهن؟
ج: منهنجي ڇپيل ڪتابن ۾ پکي ٿي اڏامي وڃان، سيد اياز
۽ مجيب، عظيم ماڻهن جو عظيم موت، عظيم اڳواڻ شهيد بشير قريشي، سوشلسٽ
طالبانائيزيشن ۽ مظلوم قومون، ٿر جو ماڻهو، سنڌ جو آريسر، شان صحافي شان ڏهر تي، اندر
روح رقيام، تاريخ جو پڙاڏو شامل آهن.
س: ادب ۽ شاعري جي حوالي سان توهان سنڌ جي نوجوانن کي
ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيندا؟
ج: شاعري جيڪڏهن ڪو شاعر لکي ٿو ته معياري لکي، ڀل
اها ٿوري ئي هجي پر اثر ڇڏيندڙ هجي، نوجوانن کي وڌ ۾ وڌ ادب پڙهڻ گهرجي، ان سان ئي
ٻولي جو واڌارو ٿيندو ۽ ڪنهن قوم جي سڃاڻپ به ٻولي ئي هوندي آهي ۽ زندگي گذارڻ جي لاءِ توهان پنهنجو رستو چونڊ
ڪريو .
Naseer channa
2k17MMC33
DATE: 1-3-2017
Interview with Sher Shah by Akram Ranjhani
ماس ڪميونيڪيشن سان تعلق
هجڻ، ڄڻ انسانيت سان ڳانڍاپو يا رابطو قائم ڪرڻ آهي: سيد شير شاهه بخاري
سنڌيءَ ٻوليءَ جو ڄاڻون،
استاد، اديب، لغت ساز، نصاب ساز ۽ تعليمي ماهر سيد شير شاهه بخاري کان انٽرويو
ڳالهه ٻولهه: اڪرم رانجهاڻي
ايم. اي پرويويس. ماس
ڪميونيڪيشن. رول نمبر: ٽو ڪي 17، ايم ايم سي. 09)
تعارف:
سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد جي آفيس جي پهرين فلور تي هڪ
ڪنڊ ۾ قائم ڪمري اندر هڪ شخص ويٺل آهي، لئنگويج اٿارٽي جي ان ڪمري جي ٻاهران لڳل
تختي تي ڊڪشنري بورڊ لکيل آهي ۽ انهيءَ ساڳئي ڪمري ۾ ويٺل اهو ماڻهو ان ڊڪشنري
بورڊ آفيس جو انچارج سيد شير شاهه بخاري آهي. سيد شير شاهه بخاري هونئن ته هاڻوڪن
ڏينهن دوران سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد
جي ڊڪشنري بورڊ واري سيڪشن ۾ مفصل سنڌي لغت بابت پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو
آهي، پر سندس حياتي ۽ سندس جيون جي تاريخ هڪ تحرڪ، تعليمي جدوجهد ۽ سنڌي ٻوليءَ جي
خدمت ۾ ئي گذري آهي. پڙهڻ، پڙهائڻ ۽ استادن کي تربيت ڏيڻ توڙي سندن شعوري پالنا
ڪرڻ سندس جو بنيادي شيوو رهيو آهي. سيد شير شاهه بخاري کي هڪ ئي هنڌ سنڌيءَ ٻوليءَ
جي ڄاڻون، استاد، اديب، لغت ساز، نصاب ساز ۽ تعليمي ماهر طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو ۽
اها ئي سندس سڃاڻپ آهي. سيد شير شاهه بخاري 14 جنوري 1940ع ڌاري مٽياري ضلعي هالا
تعلقي جي ڳوٺ امين لاکي ۾ سيد پير شاهه بخاري جي گهر ۾ جنم ورتو، هن ابتدائي تعليم
گورنمينٽ پرائمري اسڪول امين لاکي ۾ 4 درجا پاس ڪري لوڪل بورڊ اي پي اسڪول ڏيپر (هاڻوڪو
منصوره) هالا مان 3 درجا انگريزي جي تعليم حاصل ڪئي، جڏهن ته سيد شير شاهه بخاري
1959ع دوران گورنمينٽ غلام حيدر صديقي مدرسا هاءِ اسڪول هالا مان مئٽرڪ پاس ڪئي،
ان کانسواءِ 1962ع ۾ هن انٽر آرٽس پاس ڪيو ۽ 1964ع ڌاري سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد
مان گريجوئيشن ڪري تعليم کاتي ۾ نوڪري حاصل ڪري انسٽيڪٽر جي حيثيت سان ٽيچرس اسڪول
مٺياڻي ضلعي نوشهروفيروز ۾ درس و تدريس جو عمل شروع ڪيو. مهينو کن مٺياڻي اسڪول ۾
رهڻ بعد اتان بدلي ڪرائي ٽيچرس ٽريننگ اسڪول سڪرنڊ ضلعو نوابشاهه ۾ اچي استادن جي
تربيت لاءِ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون، 1967ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ بي ايڊ ڪرڻ
لاءِ داخل وٺي هڪ سال جو بي. ايڊ جو ڪورس ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر ساڳئي ايڇ ايس ٽي واري
نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي. سيد شير شاهه ساڳئي وقت سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۾ ايم. اي
به ڪري ورتي هئي، جڏهن ته 1969ع ڌاري سڪرنڊ ٽيچرس ٽريننگ اسڪول مان بدلي ڪرائي
حيدرآباد جي تاريخي ٽريننگ ڪاليج فار مين ۾ استادن کي ٽريننگ ڏيندو رهيو. ان سان
گڏوگڏ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشوري ۾ پڻ نصاب سازي جي حوالي سان پنهنجون خدمتون
سرانجام ڏنيون، ان کانسواءِ 1974ع ڌاري ايم. ايڊ جي به ڊگري حاصل ڪئي ۽ 1972ع جي تعليمي
پاليسي تحت استادن جا تربيتي ادارا اپ گريڊ ڪري تربيتي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ اڪثر
استادن کي به اپ گريڊ ڪري ليڪچرار جو درجو ڏنو ويو، جتي 1995ع ڌاري هن پرنسپل جي
عهدي تي پروموشن حاصل پڻ ڪيو. ائين ئي 14 جنوري 2000ع ۾ پنهنجي ملازمت جو مدو پورو
ڪندي ريٽائرمينٽ ورتي. جڏهن ته سيد شير شاهه بخاري سرڪاري نوڪري تان رٽائرڊ ٿيڻ
کانپوءِ به خاموش ٿي ڪا ڪنڊ وسائي خاموش ٿي ويهي نه رهيا، پر هر ڪهرائڻ، زمين
کيڙائڻ ۽ اپت حاصل ڪرڻ واري ڪرت يعني آبادگاري جي معاملي سان لاڳاپجي ويا، ائين
شير شاهه بخاري پنهنجي ئي اباڻي زمين کيڙائڻ شروع ڪئي، جنهن جي مد ۾ هن پنهنجن
وڏڙن جي ورثي منجهان ڇڏيل زمين تي ٽيوب ويل لڳرائي، اتي زمين تي مينهون، ڍڳيون ۽
ٻيو مال متاع رکرايو، انبن، ليمن ۽ ڪجهه ٻين فروٽن جي به جديد طرز عمل سان
آبادڪاري ڪرائي، جنهن مان پيداواري حاصل ڪري پنهنجو ۽ حيدرآباد جهڙي شهر ۾ پڙهندڙ
پنهنجن ٻچڙن جو پڻ حياتي جو گاڏو هلائيندو رهيو، ائين ڪندي ٿوري عرصي کانپوءِ هن
زمين تي آبادگاري واريون اهي سموريون ذميواريون پنهنجي هڪ پٽ حوالي ڪري حيدرآباد ۾
رهائش اختيار ڪئي. سيد شير شاهه بخاري پنهنجي نوڪري دوران سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ
ڄامشوري جي سنڌي مادري زبان جي ڪتاب لکندڙن جي پينل سان گڏ رهندو هيو، جنهن دوران
کيس نصاب سازي، ڪتابن جي نظرثاني وارو ڪم توڙي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ جهڙيون ذميواريون
سونپيون وينديون هيون، ان ڪري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ وارن سان مسلسل رابطو هئڻ ڪري
ريٽائرمينٽ کان بعد به کيس ٻيهر ساڳئي ڪم جون ذميوارين سندس حوالي ڪيون ويون. ان
کانسواءِ اڄ کان 4 سال اڳ سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي اڳوڻي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده
حسين سنڌي لغت مفصل سنڌي لغات جي نالي سان هڪ رٿا سنڌ حڪومت کان منظور ڪرائي ۽ ان
منصوبي تي ڪم ڪرڻ لاءِ پڻ سيد شير شاهه بخاري کي آڇ ڪئي وئي، جيڪا هن قبول ڪئي ۽
موجوده ڏينهن دوران پڻ ڪانٽريڪٽ تي سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد ۾ لغت ساز ۽
ڊڪشنري بورڊ جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. ساڳئي وقت لغت ساز
سان گڏوگڏ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڪتابن جي ايڊيٽنگ، نظرثاني ۽ لکڻ جو ڪم اڃا تائين
جاري آهي.
سوال: تعليمي ماهر جي حيثيت ۾ ٻڌايو ته موجوده ڏينهن
دوران تعليمي ادارن ۾ پڙهايو ويندڙ نصاب ڪيتري قدر بهتر آهي؟
سيد شير شاهه: استاد ۽ شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ جي ڏس ۾
سنجيده آهن ته پوءِ نصاب ۾ هروڀرو ڪابه کوٽ ناهي، جديد معلومات ۽ ٽيڪنالوجي جي
ايڊوانسمينٽ متعلق گهڻيون ئي ڳالهيون نصاب ۾ شامل آهن، پر اهي ڳالهيون ٻطرفي بي
ڌياني جو شڪار آهن. هڪ ڏس ۾ ميرٽ جي لتاڙ تعليم حاصل ڪندڙن ۾ گهٽ دلچسپي جو پڻ وڏو
سبب آهي. ان کانسواءِ جديد گهرجن کي مدنظر رکندي ملڪي، اقتصادي ۽ سماجي قدرن مطابق
نصاب تيار ڪري پڙهندڙن ۽ پڙهائيندڙن تائين پهچايو وڃي.
سوال: اسان جي سماج ۾ لٽريسي ريٽ جي ڪيتري قدر واڌ ٿي
آهي ۽ ماڻهن ۾ تعليمي قابليت کي ڪهڙي نظر سان ڏسي رهيا آهيو؟
سيد شير شاهه: اسان جي سماج جي لکيل پڙهيل ماڻهن مان لٽريسي ريٽ سڌريل قومن
جي ڀيٽ ۾ گهٽيو آهي، جڏهن ته 22 سيڪڙو عورتون ۽ 40 کان 45 سيڪڙو مرد ئي تعليم
يافته آهن، والدين ۽ معاشري جا فرد جن ۾ تعليمي ادارا پڻ اچي وڃن ٿا، پنهنجا فرض
پوري طرح ادا نه ٿا ڪن، ان کانسواءِ بظاهر جيترا تعليمي ادارا وڌيا آهن، ان حساب
سان لٽريسي ريٽ به وڌڻ گهرجي. ححسا
جڏهن ته هاڻوڪن ڏينهن ۾ نياڻين جي تعليم طرف وڌڻ جي
ڪوشش ورتي پئي وڃي ۽ نياڻين کي پڙهائڻ جون سهولتون پڻ ميسر ڪري ڏنيون پيون وڃن،
جنهن ۾ سرڪار به سنجيده نظر اچي رهي آهي، ان مان بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته
اسان تعليمي ميدان ۾ اڳتي وڌي رهيا آهيون. رياست ۽ پرڳڻي طرفان خاص طور تي صوبائي
خودمختياري ملڻ کانپوءِ اڳتي وڌي رهيا آهيون ۽ سٺن نتيجن ملڻ لاءِ پڻ پراميد
آهيون.
سوال: عورت جو لکيل پڙهيل هئڻ ضروري آهي؟
سيد شير شاهه: هڪ چوڻي آهي ته عورت پڙهي ته گهر
پڙهيو، گهر پڙهيو ته جڳ پڙهيو، هونئن به تعليم حاصل ڪرڻ مرد توڙي عورت لاءِ لازمي
آهي.
سوال: اوهان تعليمي خدمتن کي زندگي جو ڪيترو حصو
ارپيو آهي؟
سيد شير شاهه: سڄي حياتي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي پيشي سان
لاڳاپيل رهي آهي ۽ مون پنهنجي سموري زندگي درس ۽ تدريس جي پيشي کي ارپي اٿم، هن
وقت به مون پنهنجو تعلق پنهنجي درس ۽ تدريس واري پيشي ۽ قلم کان ڌار نه ڪيو آهي.
سوال: اوهان تعليمي ماهر جي حيثيت سان استادن جي
تربيت ڪئي آهي، اهي ڪهڙا تربيتي ادارا آهن، جن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن؟
شير شاهه: نوشهروفيروز ضلعي جي مٺياڻي ٽيچرس ٽريننگ
اسڪول کان پنهنجي ملازمت جي شروعات ڪئي، پوءِ ٽريننگ اسڪول سڪرنڊ ۾ پنهنجون خدمتون
سرانجام ڏنيون، جيڪي ٻئي ادارا نوابشاهه ۾ اچي وڃن ٿا، ان بعد حيدرآباد جي قديم
ترين ٽريننگ ڪاليج فار مين ۾ هاڻوڪي ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن مين حيدرآباد ۾
پنهنجي ملازمت جو مدو پورو ڪيو، جڏهن ته جزوي طور ٻين لاڳاپيل استادن جي تربيتي
ادارن ۾ پنهنجين خدمتن کي صرف ڪندو رهيس، جن ۾ ايجوڪيشن ٽيڪنالوجيز سينٽر ڊويزن
حيدرآباد، ان سروس ٽريننگ سينٽر حيدرآباد، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) طرفان سگا
جي اسڪولن جي ڪم ڪندڙ استادن کي ضرورت وقت مادري زبان پڙهائڻ جا فرض پڻ نڀايا آهن.
سوال: سنڌي لئنگويج اٿارٽي سنڌي لغت تي ڪهڙو ڪم رهي
آهي ۽ اڳڀرائي ڪيتري قدر ٿي آهي؟
سيد شير شاهه: سنڌ لئنگويج اٿارٽي سنڌي ٻولي جو
بااختيار ادارو آهي، جنهن پاڻ وٽ سنڌي ٻولي جي حوالي سان ڊڪشنري بورڊ جهڙو سيڪشن
قائم ڪيو آهي، جنهن سيڪشن جو ڪم سنڌي ٻولي کي ترقي وٺرائڻ آهي، ان حوالي سان اسان
به مفصل سنڌي لغت تي وڏي محنت سان ڪم ڪري رهيا آهيون. ان سلسلي ۾ پهريون واليم ا
کان ٻه تائين، 1000 صفحن تي مشتمل ڇاپو مارڪيٽ ۾ آڻي چڪا آهيون، ڀ، ت، ٿ، ٽ وارو
400 صحفن تي ٻڌل واليم ڇپائي لاءِ پڻ موڪلي چڪا آهيون، ٽ، ث، پ ۽ ج تي مشتمل واليم
تياري هيٺ آهي، جيڪو جلدي ڇپائي لاءِ موڪليو
ويندو، اهڙي طرح سنڌي الفابيٽ جي “ي” تائين تقريبن 15 کن واليم آڻڻ جي رٿا
اسان جي اڳيان آهي. ان کانسواءِ جيترو وقت ۽ حالتن اجازت ڏني، پنهنجي قوم ۽ ماءُ
ٻولي لاءِ خدمت ڪئي آهي ۽ ڪندا پڻ رهنداسين.
سوال: ڊڪشنري ڇو لکي وڃي ٿي، ڇا تعليمي ميدان ۾ رهندڙ
ماڻهو ڊڪشنري مان ڪو فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا؟
سيد شير شاهه: اهي لفظ جيڪي معنيٰ طلب آهن، روزمره جي
ڪاروهنوار کان وٺي نظم توڙي نثر ۾ ڪتب اچن ٿا، پوءِ اهي قديم هجن يا جديد هجن،
پنهنجي ٻولي جا نج لفظ هجن يا ٻين ٻولين کان وٺي اسان جي عام استعمال ۾ ايندا هجن،
اهي هڙئي لفظ هڪ هنڌ گڏ ڪري، انهن کي معنائون ڏئي هڪ ڊڪشنري تيار ڪئي ويندي آهي،
ائين انگريزي سميت دنيا جي هر ٻولي پنهنجي پنهنجي زبان ۾ ڊڪشنري تيار ڪري ٿي. ان ۾
ڪوبه شڪ ناهي ته تعليمي ميدان ۾ رهندڙ ماڻهو يا تعليمي سلسلي سان لاڳاپيل نوجوان
شاگردن توڙي شاگردياڻين کي ڊڪشنري مان تمام گهڻو فائدو حاصل ٿئي ٿو ۽ علم توڙي ڄاڻ
ملي ٿي، مثال طور ڪوبه شاگرد يا شاگردياڻي انگريزي سکڻ لاءِ ڪنهن اسڪول يا تربيتي
سينٽر تي ويندو آهي ته ان کي انگريزي سکڻ دوران انگريزي ٻولي جي ڏکين لفظن جون
معنائون حاصل ڪرڻ لاءِ ڊڪشنري جو استعمال ڪرڻ تمام ضروري ٿئي ٿو، اهڙي ريت هو
انهيءَ ڊڪشنري مان انگريزي ٻولي جي لفظن جو ذخيرو حاصل ڪري ان ٻولي ۾ مهارت حاصل
ڪري وٺي ٿو، ساڳئي ريت سنڌي ٻولي جي ڊڪشنري به ائين ئي ڪم اچي ٿي، جنهن ۾ اصلوڪا
لفظ ۽ ڏکين لفظن جون معنائون اچي وڃن ٿيون. ان حوالي سان اسان جي ڪوشش آهي ته نه
فقط ادب، بلڪه ٻين سماجي ۽ سائنسي علمن توڙي ٽيڪنالوجي جا لفظ جيڪي ميڊيا جي دور ۾
عام استعمال هيٺ اچن ٿا، انهن کي وقت جي ضرورت سمجهي پڙهندڙن جي رهنمائي لاءِ لغت
۾ پڻ شامل ڪيا ويندا، مفصل سنڌي لغت ۾ ڪوشش ڪري لفظن جا ڌاتو، گرامر، مصدر، انهن جا
مٿيرا اصطلاح، پهاڪا ۽ عام چوڻيون پڻ ڏنيون وڃن ٿيون، اها ئي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته
هر مشڪل لفظ جي سمجهاڻي لاءِ ڪو بيت، ڪو پهاڪو يا عام چوڻي واري لفظ جي معنيٰ جي
هيٺيان ڏني وڃي. ان کانسواءِ اهو پڻ واضح
ڪيو وڃي ٿو ته ڏنل لفظ ڪهڙي ٻولي سان واسطو رکي ٿو. ان عمل مان عام ماڻهو توڙي
تعيلمي ادارن سان لاڳاپيل استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تمام گهڻو فائدو پهچي
ٿو.
سوال: سنڌ يونيورسٽي مان اوهان ايم. اي سنڌي ادب ۽
ايم ايڊ پڻ ڪئي آهي، ورسٽي جون ڪي يادون هجن؟
سيد شير شاهه: سنڌ ورسٽي ۾ گذريل حياتي جي ڏينهن جون
يادگيرين جو ذڪر نه ڪجي ته بهتر آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ به ڄامشوري جي هر پٿر
سان پيار آهي، وک وک تي يادون آهن، ڪهڙيون ساري ڪهڙيون سارجن.
سيد شير شاهه: ادب قومن جي تاريخ آهي ۽ ادب قومن جي
تهذيب، تمدن، رهڻي ڪهڻي، مزاج ۽ نفسيات جي ڄاڻ ئي ٿو، ان کانسواءِ تاريخ آئينو
آهي، اهڙي طرح ادب به آئينو آهي، انساني جذبات ۽ احساس واضح ٿيل ٿين ٿا، جنهن ۾ هر
قسم جي تفريح، معلومات ۽ اصلاح جي واٽ ڏسيل آهي. ادب ماڻهو کي خوشي به ڏئي ٿو ۽
راهه به ڏيکاري ٿو، ان کانسواءِ آئينده لاءِ پنهنجا مقصد مقرر ڪرڻ جي توفيق به
بخشي ٿو.
سيد شير شاهه: نثر نويسن ۾ علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر
نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر علامه دائودپوٽو، عثمان علي انصاري، محمد اسماعيل عرساڻي، مير
الهه بخش ٽالپر، قديم شعره ۾ لطيف جو ڪوبه مٽ ثاني ڪونهي، جديد شاعري ۾ وري شيخ
اياز، استاد بخاري، امداد حسيني، سرويچ سجاولي ۽ عاصم ناٿن شاهي آهن، جيڪي جديد
دور جا سٺا شاعر پڻ آهن.
سوال: سنڌي ٻولي جي گرامر ۽ انگريزي ٻولي جي گرامر ۾
ڪوبه فرق محسوس ڪريو ٿا؟
سيد شير شاهه: سنڌي ٻولي جو گرامر انگريزن جي بادشاهي واري دور ۾ ٺهيو آهي ۽
انگريزن ئي گرامر تيار ڪرايو آهي، ان ڪري سنڌي گرامر انگريزي گرامر جي اثر کان پري
ڪونهي، ٻولي جو پنهنجو پنهنجو مزاج آهي، ٻنهي ٻولين جي گرامر ۾ بنيادي فرق ضرور
آهي.
سوال: اسان جي سماج جي نوجوانن لاءِ ماس ڪميونيڪيشن
جو علم پڙهڻ ضروري آهي؟
سيد شير شاهه: هي دور ميڊيا جو دور آهي، ميڊيا ماڻهن
کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو هڪ وسيلو آهي، ماس ڪميونيڪيشن سان تعلق هجڻ، ڄڻ انسانيت سان
هر قسم جو ڳانڍاپو يا رابطو قائم ڪرڻ آهي.
سوال: آخر ۾
تعليمي ادارن جي شاگردن توڙي شاگردياڻين لاءِ ڪو پيغام هجي؟
سيد شير شاهه: سنڌ جي تعليمي ادارن جي نوجوانن لاءِ
اهو پيغام آهي ته فرض شناسي سکو، پنهنجن مقصدن سان پيار رکو ۽ حوالي ڪيل ڪم سان
سچا رهو.
Interview of Zain Daudpoto by Mehtab Nabi Shar
No numbering to questions, Proper noun should
be capitalized. Answers are very short, no new information. Many spelling and grammar
mistakes,
Interview
By Mehtab
Nabi Shar
Zain
Daudpoto Journalist, and development
practitioner
Zain Daudpoto was born
in village Nasarpur on 01-03-1959. He got his early education from school of
nasarpur and higher education from Hyderabad. After then he got his bachelor
& master degree in philosophy from university of sindh, jamshoro. During
his studies he also worked in different print media groups.
Q.1 Why did
you choose philosophy field?
Answer. From
my early age I was interested in reading books and my favourite topic was
philosophy.
Q.2 How you
joined media?
Answer. It
was my desire to join media and I also got media friends because of those I
joined media.
Q.3 How was
your first experience when you joined media?
Answer. It
was very good experience when I first came in media. I met with different
journalists and anchors through their help I also became a good journalist.
Q.4 What
kind of works you have done in media?
Answer. I
have worked in media as a translator, sub editor, editor & writer.
Q.5 Tell us
about your experience being as press club member?
Answer. It
was very good and most memorable experience. I worked in press club as general
sectary. We were first sindhis members who joined press club and we also
involve so many sindhis in press club.
Q.6 In how
many newspapers you have worked?
Answer. I
have worked in differnet newspapers barsat, daily bakhtawar, kawish & some
others.
Q.7 Why did
you worked in any sector other than media?
Answer. It was
also my desire to work as social worker because of that I worked also in NGO
sector.
Q.8 How did
you see NGO sector different than media?
Answer. Media
is different than NGO sector. Media gives daily basis information and also
other information to their viewers. And NGO works for poor and needy people
through getting projects & funds from international organization from all
around the world.
Q.9 What
kinds of books you like to read?
Answer. I
use to read different books like historical books, poetry, sociology,
philosophy & others.
Q.10 Who is
your role model?
Answer. My
role model is Karl Marx. He was a great philosopher I like to read his books
the most. I also try to follow his footsteps.
Q.11 What is
your message to new generation?
Answers. I
want to give message that work hard in your life. They should read books
because plays very important role in our life. And also I want say that have
focus in your field in you are working because focus is main thing.
Subscribe to:
Posts (Atom)