Thursday 23 March 2017

فيچر، قاسم آباد جي روشنين جو مرڪز نسيم نگر - شائستہ سومرو Shaista Soomro

فيچر- قاسم آباد جي روشنين جو مرڪز نسيم نگر"

 شائستہ سومرو
2k15/MC/110
نسيم نگر قاسم آباد جو پُر امن ۽ مصروف ڪاروبار جو مرڪز وارو ايريا آهي، جيئن ته حيدرآباد ۾ قاسم آباد جي علائقي کي وڏي اهميت حاصل آهي، اهڙي طرح سان قاسم آباد جو مکيه ايريا نسيم نگر آهي.
نسيم نگر جي ويران زمين 1980 ۾ الله بخش مگسي خريد ڪئي  پوءِ جڏهن 1980 ۾ سنڌي مهاجر جهڳڙا شروع ٿيا ته لطيف آباد ۾ رهندڙ سنڌين کي بي رحمي سان قتل ڪيو ويو ۽ سندن گهرن  تي مهاجر قبضو ڪري ويهي رهيا، وڏي تعداد ۾ سنڌين کي شهيد ڪري حيدرآباد جا رستا سنڌين جي خون سان رنگيا ويا ۽ سنڌين جي مال ۽ جائيداد تي وارث کين پنهنجي ئي ديش ۾ لاوارث ڪيو ويو.  هزارن جي تعداد ۾ هيرآباد ۽ لطيف آباد جا سنڌي اچي قاسم آباد ۾ پناهه ورتي ۽ وڏي تعداد ۾ سنڌي اچي نسيم نگر ۾ آباد ٿيا ۽ اهڙي طرح سان نسيم نگر ويران ۽ ٻنين واري زمين مان ڪاروباري روشنين جو مرڪز بڻجي  ويو، نسيم نگر جي ڪچي آبادي ۾ وڏي تعداد ۾ سومرا ۽ ڏومرا برادري شروع کان وٺي آباد آهن. 

نسيم نگر جو باقاعده سان ٺاهڻ 1988 ۾ شروع ٿيو ۽ “فيز ون” “فيز ٽو” ۽ “فيز ٿري” ۾ ورهايو ويو، وقت سان گڏو گڏ هن ايريا جي آبادي ۾ تيزي سان اضافو ٿيندو پيو وڃي، هتي ته ڳوٺن کان به ماڻهو اچي پنهنجو روزگار جي تلاش هن ايريا ۾ شروع ڪن ٿا، نسيم نگر ۾ حڪومت جي اعلان مطابق روڊن کي بهتر بڻائڻ جو ڪم ته شروع ڪيو ويو پر ايريا ۾ سيورج نظام کي بهتر بڻائڻ جي حڪومتي واعدن کي پورو ٿيڻ ۾ اڃا وقت لڳندو، برساتن جي مُند ۾ نسيم نگر تلاءُ جو منظر پيش ڪري ٿو. خاص ڪري فيز 3 ۾ سيوريج جي خراب صورتحال جي ڪري مهيني تائين برساتن جي پاڻي جو نيڪال ناهي ٿيندو ان سان گڏو گڏ هتي جي رهواسين بجلي ۽ پاڻي جي فراهمي چار چار، پنج پنج ڏينهن تائن محروم رهن ٿا.

نسيم نگر جي مصروف ترين ۽ خوبصورت جڳهه نسيم نگر جو چوڪ آهي، حڪومت اعلان ڪيو آھي ته روڊن تان ڪچي آبادي کي پاسي تي ڪري چوڪ وٽان فلائي اوور ٺاهيو ويندو.چوڪ کي تازو ئي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت 760 ملين روپيا خرچ ڪري مرهمت ڪرائي آهي، ان جي روڊن کي صاف سٿرو ۽ ٽرئفڪ لاءِ ويڪرو ٺاهيو ويو آهي، نه ته پهرين اتان جي خراب روڊن جي ڪري هتي بد ترين ٽرئفڪ جام ٿيندي هئي پر هي صورتحال پهرين کان صحيح آهي، رات جي وقت ۾ اهو چوڪ تمام سهڻو لڳندو آهي،

سَوَن جي تعداد ۾ دڪانن ۽ روشنيون ۽ روڊ تي اڻ کٽندڙ گاڏين جي قطار ان کي وڌيڪ پرڪشش بڻائي ٿي، ان ئي چوڪ تي صبح جي وقت شاگردن جي رش هوندي جنهن ۾ گهڻي تعداد ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جي هوندي آهي، روز صبح جو ورسٽي جا ڪيترا ئي شاگرد پنهنجي خوابن کي پورو ڪرڻ جو سفر اتان شروع ڪندا آهن اميد آهي ته مستقبل جا اهي معمار اڳيان هلي جڏهن ڪنهن منزل تي پُهچندا آهن ته پنهنجي هن ايريا جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا



خوبصورتي جو هڪ ٻيو منظر ڪاڇيلو فارم - فرقان علي Furqan ALi

فيچر
فرقان علي
خوبصورتي جو هڪ ٻيو منظر ڪاڇيلو فارم
رنگ قدرت جي مسڪراهٽ آهي، هڪ اها جڳهه جنهن جا انب صرف سنڌ نه پوري پاڪستان ۾ به نه بلڪه ٻاهر جن ملڪن ۾ موڪليو ويندا آهن ۽ اي جا ماڻهو ان کي شوق سان کائيندا آهن، جي ها، ان کي ڪاڇيلو فارم سڏيو ويندو آهي ۽ ان کي king of mangoes پڻ سڏيو ويندو آهي. ساوڪ سان سينگاريل ڳوٺ پري کان نظر ايندڙ کجين مان وڏا وڻ جيڪي ڳوٺ جي چيڪ پوسٽ وانگي نظر ايندا آهن، هر قوم جو ماڻهو ۽ هر الڳ مذهب سوچ ويچار جو ماڻهو ان خوبصورتي ۾ دل کي خوبصور بڻايو ڏي. ائين چوڻ به غلط ناهي ته اڄ ڪلهه جي ماڊرن دور ۾ سڌريل ڳوٺن مان هڪ آهي، هر سال ميرپور خاص شهر انبن جو فيسٽيول لڳايو ويندو آهي، جنهن ۾ مختلف قسمن جي انبن جي نمائش ڪئي ويندي آهي، ڪاڇيلي فارم جا انب پڻ ان نمائش ۾ رکيا ويندا آهن ۽ تمام گهني پذيرائي ملندي آهي، صرف اهو نه ڪاڇيلي جا انب پوري سنڌ ۾ مشهور آهن. 

ڪاڇيو فارم ڪوٽ غلام محمد ۾ آهي، ڊسٽرڪٽ ميرپورخاص، ڪاڇيلي جي بنگلي جي ڀرسان ئي اهو باغ آهي، جيڪو پڻ زن تي خوبصورتي جي ڪري تمام مشهور آهي ۽ جي ڪاڇيلي جي ماڻهن جي ڳالهه ڪئي وڃي ته انوشڪا ڪاڇيلو اها عورت آهي، جنهن پاڪستان جي ننڍي عمر 24 سالن جي عمر ۾ ۽ پهرين پاڪستاني جنهن North Pole جي آخري ڊگري تائين وئي، اها ڪاڇيلي ۾ مالڪ رفيع ڪاڇيلي جي ڇوڪري آهي، جيڪا هاڻ لنڊن ۾ وڪالت ڪري رهي آهي. زندگي جي هن مشڪل دور ۾ جڏهن ماڻهو ڪم تان ٿڪي هارجي اهو منظر ڏسندو آهي ته اندر ۾ موجود هر ٿڪاوٽ دور ٿي ويندي آهي، جيئن پراڻي دور ۾ چوندا آهن ته اگر ڪنهن کي ڪو مرض هوندو هو ته ان کي چوسيندا هئا ته سمنڊ تي ڪجهه دير ويهي اچ، انهن جو مڃڻ هو ته سمنڊ هر بيماري پاڻ ڏانهن چڪي فارم جي خوبصورتي به هڪ اهڙو هتي ڪردار ادا ڪري ٿي، جو ايندڙ هر ماڻهو ان تي رنگ ۾ رڱجيو وڃي، 

هتي تقريبن هر قسم جو انب ٿيندو آهي، جيڪو شايد ئي ڪنهن بي باغ مان ملي 1500 ايڪڙن تي مشتمل باغ جنهن ۾ مختلف قسمن جا پکي پکڻ پڻ پنهنجي زندگي گذاري رهيا آهن ۽ هڪ خوبصورت دنيا ٺاهي ويٺا آهن. انبن جي وڻن کان علاوه ڳالهه ڪجي ته چڪن جا وڻ پڻ هڪ وڏي تعداد ۾ آهن، جيئن جي خوبصورتي پڻ هڪ تمام وڏو ڪردار رکي ٿي، جنهن خوبصورتي تي لکڻ ويهان ته لفظ ئي کٽي پون. من موهيندڙ نظارا جيڪي هميشه نيا ۽ هڪ نئين دنيا جو رخ پيش ڪندا آهن ۽ جن کي وسارڻ ڏاڍو مشڪل آهي.

قدرت جا اهي رنگين نظارا ڏسي دل کي سڪون ۽ روح کي راحت مليو وڃي، پکين جي چهچاٽ وڻڪاري ۾ ۽ پوٽن سان سينگاريل رستا ڪنهن دنياوي جنت کان گهٽ ناهن. خوبصورتي جو ڪو به دنگ ناهي، دنيا ۾ هر جڳهه خوصبورت  لهر آهي، جنهن کي انسان ڏسي هڪ بهترين خواب سمجهندو آهي ۽ ان خواب جي تعبير کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ چاهيندو آهي،  انسان جي زندگي ۾ اهي خوبصورت   جڳهيون ۽ خوبصورت نظارا تمام وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا، جيڪي انسان کي هڪ خوشگوار زندگي رهڻ جو بهترين مثال ڏين ٿا ته زندگي خوبصورت آهي، بس توهان کي ان خوبصورتي کي محسوس ڪرڻو اهي، جنهن کي ڏسي توهان جا زندگي  جي ڏک ۽ درد دور ٿي وڃن.


ڪاڇيلو فارم قديم ڳوٺن مان هڪ آهي، جيڪو شروعات کان ئي هڪ بهترين جاگرافيائي جي ڪري خوبصورت ۽ دل کي وڻندڙ آهي، جڏهن ان خوبصورتي کي وڻن ۽ ٻوٽن جي ساوڪ سان سينگارجي ته ان خوصبورتي کي چار چنڊ لڳيو وڃن. اهي خوبصورت جڳهيون اگر ائين ئي قائم رهن ته شايد اسان هن مشڪل زندگي جي دور ۾ خوش رهڻ ۽ قدرت جي نظارا مان مزو وٺڻ نه وسارينداسين، جيئن  هڪ چمن ۾ گلن جو ڪردار هوندو هي، بلڪل اهڙي طرح انهن خوبصورتين جو به اسان جي زندگين تي اهم ڪردار آهي.

ھالا هينڊي ڪرافٽ ۾ ڪآشی جو ڪم - سهيل منظور ميمڻ Sohail Manzoor Memon

                         سهيل منظور ميمڻ

2k15/MC/85-:رول نمبر

ھالا هينڊي ڪرافٽ  ۾ ڪآشی جو ڪم

ڪلاس׃־بي ايس پارٽ ٽيو.

سنڌ پنهنجي مختليف هينڊي ڪرافٽ ۽ آرٽ جي دنيا جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو. سنڌي هينڊي ڪرافٽ جو ڪم آمريڪا بخداد المنصره سمرقند جي قديم مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيو وڃي ٿو. سنڌ جي ثقافت، لائف اسٽائل، روايتون سان گڏوگڏ جاگرافيائي  حالتون سنڌي فن جي اثر هيٺ آهن. هالا هٿ جي هنر جي ڪري تمام مشهور آهي.هالا شهر خوبصورت ۽ قديم هجڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي ثقافت جي علامت ۽ دستڪاري جو مرڪز پڻ آهي. هالا کي سنڌ جي ثقافت جو شهر پڻ سڏيو وڃي ٿو. هن کي ثقافت جو شهر ان ڪري سڏيو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته هتي سنڌ جي ثقافت جي شيئن کي هٿ سان تيار ڪيون ويندو آهي. جينهن کي هينڊي ڪرافٽ چيو ويندو آهي. هيء سمورو ڪم خالص هٿ سان ڪيو وڃي ٿو.هالا جي هينڊي ڪرافٽ ۾ هٿ سان ڪيتريون شيون تيار ڪيون وينديون آهن، جينهن ۾ اجرڪ، سنڌي ٽوپي، رلي، پينگھا، کٽ، وينجڻي، دلا، مختليف قسمن جا ڪپڙا، عرتون جا پرس ۽ جوتي، گج،انهن مانڪاشي جو ڪم به هڪ آهي.
                 ھالا جي هينڊي ڪرافٽ ۾ ڪاشي جو ڪم تمام مشهور هجڻ سان گڏو گڏ تمام خوبصورت آهي. جيڪو پوري سنڌ م مشهور آهي ڪاشي جا ٿانوءَ مختليف شڪلون ۽ مختليف سائزون ۾ ٺاهيا ويندا آهن انهن جا مختليف رنگ پڻ ٿين ٿا جنهن ۾ نيرو، اڇو، ڦڪو، وڱڙائي، گاڙ ۽ سائي رنگ ۾ موجد آهن. ڪاشي جي شيئن ۾ ڪاشي جا ڊينرسيٽ، ڪاشي جا رانديڪا، گل دان، مانيءَ جو هاٽپاٽ، ماٽي. ۽ ڪاشي سان تيار ڪيل ڪيتريون شيون موجد آهن.
ڪاشي لفظ جي معني ”ٽائلز“ آهي، جيڪو فارسي جو لفظ آهي. ڪاشي جو ڪم بريصغر ۾ تمام پراڻو آهي. هن ڪم جي شرعات 5000 سال سڀ کان پهري موئن جي دڙي ۾ ٿي. موئن جي دڙي مان مٽيءِ جا رانديڪا مٽيءِ جا ٿانوَ ۽ مٽيءِ جا مجسما لڌا  ويا آهن. پوءِ 13 صديءَ ۾ هي ڪم فارسي اسٽائل ۾ واپس شريع ٿيو، پوءِ ايراق مصر ۽ شام ۾ ڪيو ويو. ان کان پوءِ مغلن جي دور ۾ هن ڪم کي وڌيڪ ترقي ملي، هنن ڪاشي سان خوبصورت مسجدون، قيلا ۽ جائيون ٺاهيون. ۽ هن ڪم کي مسلم آرٽ سان ملائي ڇڏيو. اڄڪلھ اسان سنڌ ۾ ڪيترين جائن تي ڪاشي ڪم ٿيل ڏسون ٿا. جيِءَ ته ڀٽ شاھ ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار، خيرپور ۾ سچل سر مست جي مزار ۽ ٺهٺي ۾ شارجهان مسجد ۽ ٻيون ڪيتريون جائنوغيره ۾ ڪاشي جو تمام گھڻو ڪم ويو آهي.
هالا ۾ ڪاشي جون چار اهم صنعتون موجد آهن. اهي صنعتون تمام پراڻون آهن جن ۾ هالا جا انتهائي باصلاحيت ماڻهن ڪم ڪري رهيا آهن. جيڪي مٽيءَ کي هڪ خوبصورت شڪل ڏئي هڪ چمڪدار شيءَ ۾ تيار ڪن ٿا. جڏهن آئون هالا ۾ ڪاشي جي صنعت ۾ گھمڻ ويس ته اتي ڏيٺم ته سڀ کان پهري هڪ شخص ڪجھ مٽيءَ کي کڻي ان کي مختليف شڪلون ۾ تبديل ڪري ٿو. ان کان پوءِ 900 ڊگري جي گرمائش ۾ 12 کان 14 ڪلاڪ رکي ٿو، پوءِ هو ان کي سج جي سامون رکي سوڪائي ٿو ۽ پوءِ ان کي هو هڪ خاص مٽيءِ سان پوليش ڪري ٿو. اها خاص مٽيءِ  سنڌ جي شهر سيهوڻ جي پهاڙن مان نڪري ٿي، جيڪا خاص هنن شيئن کي پوليش ڪرڻ لاءِ استمال ڪئي ويندي آهي. پوءِ رنگ ڪرڻ وارو انهن کي رنگ ڪري خوبصورت بڻائي ٿو،پوءِ انهن شيئن کي چمڪدار ڪرڻ لاءِ پچايو ويندو آهي. آخرڪار ڪاشي تيار ٿي وڃي ٿو، ڪاشي جي شيءَ کي تيار ٿيڻ جا تڪريبن 20 حصا آهن.
               هالا جا هينڊي ڪرافٽ پوري سنڌ ۾ مشهور آهن. هالا جي هينڊي ڪرافٽ جي سامان جو ڪاروبار پوري سنڌ ۾ جوش و خروش سان هلي رهيو آهي. ڪراچي ۽ حيدراباد ۾ هينڊي ڪرافت جا ڪيترائي دڪان موجد آهن. جيتي مختليف قسم جا هينڊي ڪرافٽ ميلن ٿا. جنھن ۾ڪاشي سان تيار ڪيل ڪيتريون شئيون ميلن ٿيون.هالا ۾ هينڊي ڪرافٽ جا 50 کان وڌيڪ دڪان موجود آهن جيتي ڪاشي سان تيار ٿيل سامان پڻ ملي ٿو. ان کان علاوههالا ۾ ڪاشي جون مختليف صنعتون موجود آهن جيتي ڪيترائي ماڻهن ڪم ڪن ٿا، جين ۾ عورتون پڻ شامل آهن. جيڪي ڪيترين مشڪلاتون جي باوجود پنهنجي ڪم کي پورو ڪن ٿا ۽ سنڌ جي ثقافت کي اُجاگر ڪن ٿا.
              ڪاشتڪاري کي وڌائڻ لاءِ حڪومت طرفان ڪيترائي قدم کيا پيا وڃن جنهن ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف فيشن اينڊ ڊزائن جي نالي سان هڪ ڪاليج قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو چار سالن جي بيچلر جي ڊيگري تي مشتمل آهي، جنهن جي فيس به تمام گهٽ آهي. جنهن سان هن ڪم ۾ تمام ترقي ٿيندي.

Wednesday 22 March 2017

پروفائيل، استاد ميول سولنگي - ياسر سو Yasir Sodhar

Yasir    Sodhar

Roll No.93
سچائي سان ڪم ڪيو ۽ اميد جو دامن نه ڇڏيو
استاد ميول سولنگي
استاد ميول سولنگي 15 جنوري 1980ع تي ڳوٺ گل سولنگي لڳ ڪوٽڙي ڪبير تعلقو ڪنڊيارو هاڻوڪو تعلقو مهرابپور ضلعو نوشهروفيروز ۾ محبوب علي سولنگي جي گهر ۾ اک کولي، شروعاتي تعليم مسجد اسڪول گل سولنگي ان دؤر ۾ پرائمري اسڪول نه هيو ۽ درسي تعليم مدرسن ۾ پڙهائي ويندي هئي . مئٽرڪ هاءِ اسڪول ڄامشورو ڪالوني مان پاس ڪيائين. هو جڏهن پرائمري ۾ پڙهندو هو ته سندس والد سان گڏ هارپي جو ڪم پڻ ڪيو. 1989 ۾ سندن امڙ جي وفات کانپوءِ سندس والد هارپو ڇڏيو ۽ اتفاق سان استاد وزير سولنگي جي دڪان تي حجامڪي جو ڪم سکيو ۽ ان سان پنهنجي ڀائرن جو گذر سفر ڪندو رهيو. شروعاتي ڏينهن ۾ هو پنهنجي استاد جي دڪان تي ڪم ڪندو رهيو پر ڪجهه مجبورن جي ڪري ڪوٽڙي ڪبير ۾ هن هڪ الڳ دڪان کوليو. ڪجهه عرصي کان پوءِ سندس والد جي هڪ دوست وسيلي ڄامشوري پهتو جتي شروعاتي ڏينهن ۾ ڄامشوري جي هڪ هوٽل جي ديوار تي شيشو لڳائي حجامڪو ڪم شروع ڪيو.1992ع ڌاري ڄامشوري ٿرمل هائوس جي رهائش ڪالوني جي مين مارڪيٽ ۾ هڪ دوست جي معارفت تي دڪان مليو جتي هن اهو ئي ڌنڌو ڪيو جنهن جو کيس هنر هو ۽ اهو دڪان اڄ  ڏينهن تائين هلندو پيو اچي استاد جو هنر بلڪل تعريف جوڳو آهي جو آئون به ان کان وار ڪٽرائيندو آهيان پاڻ خوش اخلاق ۽ دلپسند شخصيت آهي ۽ پنهنجي ڪم سان هميشه سچو رهيو آهي. هو ننڍپڻ کان ئي ادب سان چاهه رکندو آهي۽ ادب سان لاڳاپو اڄ ڏينهن تائين جاري ۽ ساري آهي هن کي ادب جو شوق ۽ لاڳاپو سندس استاد ميان غوث بخش مهر جي رهنمائي ۾ حاصل ٿيو ۽ هن ادب جي حوالي سان سندس سينيئر رهنما احمد خان مدهوش ، ميهر فقير،راشد مولائي، ڊرٻائي مهر، افضل سولنگي،فقير ڄائي جمال سان ملاقاتون ڪيون. سندس وٽ 200 جي قريب هڪ اڻ ڇپي ڪتاب جيتري شاعري موجود آهي ان حوالي سان استاد جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته جي زندگي رهي ته آئون پنهنجو ڪتاب ڇپرائيندس.ادب جي حوالي سان ساگر علي انور ڪانڌڙ ، تاج جويو، نثير مرزا، ريڊيو پاڪستان جو پروديوسر شاهه قريشي پڻ هن جي رهنمائي ڪئي. هن پنهنجي شاعري ۾ گيت، غزل ، دهڙا ۽ چار سٽا لکيا آهن. ننڍي قد وارو بت ۾ ڀريل استاد ميول سولنگي سان منهنجو واسطو ايترو پراڻو نه آهي پر هن جي خوش اخلاقي ۽ مٺين ڳالهين سان هن جو پرستار ٿي پيو آهيان جو هر روز شام جو سندس دڪان تي ويهي چانهه جو ڪوپ مان چسڪيون هڻندي هن کان سندس شاعري پيو ٻڌنڌو آهيان ۽ سندس دڪان ۾ ٽيپ جي گهٽيا آواز ۾ مانجهي فقير جا ڪلام به هلندا آهن جن سان مونکي دلي سڪون پڻ ملندو آهي. استاد اڪثر ڪري استاد بخاري جا به شعر ٻڌائيندو آهي. استاد کي صوفيزم سان تمام گهڻو چاهه آهي. هو اڪثر صوفي درگاهن تي حاضري پڻ ڏيندو آهي . جنهن ۾ صوفي شاهه عنايت جهوڪ شريف، بري امام عبدالطيف سرڪار اسلام آباد،بيدل بيڪس روهڙي، غوث بهاوالدين ذڪريه ملتان،هندن جي پير راما پير ۽ پير گاجي شاهه اچي وڃن ٿا. هو اڪثر ڪري صوفي ڪلام ٻڌنڌو رهندو آهي.
استاد ميول سولنگي هڪ نجي لائيف انشورنس ڪمپني جو پڻ نمائندو آهي. هن بابت استاد احوال ونڊيا ته اتفاق سان لائيف انشورنس لميٽڊ جي هڪ سينيئر مئنيجر انٽرويو لاءِ گهرايو ۽مونکي ڪمپني ۾ گهرايو ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي جيڪا مون قبول ڪئي پر منهنجي تعليم مئٽرڪ هئڻ جي ڪري ڪمپني مونکي قبول نه ڪيو ، پر هڪ شرط تي ڪم ڏنو ويو ته جيڪڏهن اوهان ڪنهن ڪسٽمر کي راضي ڪندا ته 50 سيڪڙو ڪميشن اوهان جي هوندي جيڪا مون قبول ڪئي . ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪمپني جي هڪ مئنيجر اسمه قاسم ڪمپني کي لکيو ته هن ماڻهو ۾ تعليم برابر نه آهي باقي اسان جي ڪمپني لاءِ ڪم ڪرڻ جي قابليت ضرور آهي، تنهن تي ڪمپني مونکي قبول ڪيو ۽ مونکي ڪمپني جي قانون مطابق منهنجي نالي سان ڪوڊ فراهم ڪيو ويو.جتي  مون سٺي طريقي سان محنت ڪئي ۽ 2015 ۾ مونکي سرٽيفڪيٽ مليو ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي ڪمپني طرفان سوني منڍي ۽ ايوارڊ ڏنو ويو.استاد پنهنجي زندگي جا ٻه اهم واقعا ٻڌايا. جڏهن هو ننڍو هيو ۽ سياري جي موسم هئي هو پنهنجي ڳوٺ ۾ باهه تي هٿ سيڪي رهيو هو ته اچانڪ هن جي ڪپڙن تي باهه لڳي وئي. جنهن ۾ هن جوهٿ گهڻو متاثر ٿيو.
هڪ ٻيو يادگار ۽ دلچسپ واقعو ٻڌايو ته “ جڏهن آئون ننڍو هيس ته ان دؤر ۾ سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو راڄ هوندو هو ماڻهو ڌاڙِيلن جي خوف کان فصلن جا ديرا ڇڏي گهر هليا ويندا هئا. متان ڌاڙيل اچي سندن جاني نقصان ڪن. هڪ ڏينهن آئون ۽ منهنجو پاڙيسري  دوست رات جو ٻاهران  هڪ سارين جو ڪٽو چوري ڪيوسين هي زندگي جي پهرين ۽ آخري چوري هئي جڏهن اهو ان دڪاندار کي پيسن تي ڏئي گهر ۾ سمهيس ته ڪمري جي ڇت جو ورو اوچتو ٽڙڪو ڏئي ڪريو ۽ آئون بچي ويس ۽ ڀڄي وڃي جان بچائي ۽  ڏاڏي امان وٽ پهتس ان مان مون سبق حاصل ڪيو ۽ انکانپوءِ  ڪنهن جو به ڪک نه کنيو آهي.
مون کيس ڄامشوري جي باري ۾ پڇيو ته ان هڪ شعر چيو جيڪو هن ريت آهي.
مونکي مليو هڪ دلدار ڄامشوري ۾
جنهن سان ٿيو اکين سندو اظهار ڄامشوري ۾
هن کنيان نيڻ خمار مان مون ڏي
هليو هوش ويو هڪوار ڄامشوري ۾
هن ڏٺو مونکي هن ڪٺو مونکي
ڪيائين نظرن سان سنسار ڄامشوري ۾
هزارين هسن وار هيا محبوب المنظر تي
هيو پڌرو ميول جو منٺار ڄامشوري ۾

پروفائل فقيرو ميگهواڙ - آنند ڪمار Anand Kumar

پروفائل

آنند ڪمار
رول نمبر 2K15/MC/19
ڪلاس بي ايس سال ٽيون

مجسماسازي ۾ جدت آڻيندڙ فقيرو ميگهواڙ
هونئن ته دنيا ۾ فن جا گهڻائي قسم آهن پر جيڪو سڀ کان گهڻو مشهور آهي تنهن کي فائن آرٽ چئبو آهي، جنهن جا مکيا ٽي قسم ڊرائنگ، پينٽنگ ۽ مجسماسازي آهن.
فن جي انهن ٽنهي قسمن سان چاهه رکندڙ هڪ آرٽسٽ فقيرو ميگهواڙ به آهي جنهن پنهنجي تخليق سان ڊرائنگ ۽ مجسما ٺاهي ڏسندڙن کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون آهن.
فقيرو فقيرا 7 آگسٽ 1979ع تي کيمچند جي گهر ٽنڊو الهيار (تڏهوڪي حيدرآباد ضلعي) ۾ جنم ورتو، پرائمري کان وٺي هاءِ اسڪول تائين جي تعليم پاڪ سنگهار اسڪول مان حاصل ڪئي، ايس ايم ڪاليج ٽنڊوالهيار مان انٽر ڪرڻ بعد اين سي اي ڪاليج لاهور مان آرٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ جي خواهش رکندڙ فقيرو غربت سبب لاهور نه وڃي سگهيو.
والد ۽ ڏاڏو رازا هئڻ سان گڏوگڏ سيمينٽ مان مجسما پڻ ٺاهيندا هئا، جنهن سبب ننڍپڻ کان ئي مجسماسازي جي ويجهو رهڻ سبب ان ڪم ڏانهن سندس چاهه چوٽ چڙهيو، تنهنڪري يارنهن سالن جي عمر ۾ ئي والد جو هٿ ونڊائڻ ۾ لڳي ويا، مائيڪل اينجيلو ۽ برنني کي پنهنجا روحاني استاد سمجهندڙ فقيرو انهن جي ڪم مان تمام گهڻو متاثر ٿيو جيڪا شئي سندس پاران ٺاهيل مجسمن مان ظاهر ٿئي ٿي.
فقيري سان ٿيل ملاقات ۾ هن ٻڌايو ته اسان وٽ پهريان انڊيا جي طرز جو ڪم ٿيندو هو جنهن ۾ سڌا مجسما ٺاهيا ويندا هئا پر مون يورپ ۽ انڊيا جي ڪم ٻنهي کي ملائي نئين شئي تخليق ڪئي، جيڪو ڪم ماڻهن کي تمام گهڻو پسند آيو، يورپ سميت انڊيا جي ماڻهن ڪم جي ساراهه ڪندي سندن ملڪن ۾ اچي ڪم ڪرڻ جو چيو.
راما پير جي مندر لاءِ 1990ع ۾ مورتي ٺاهڻ سان شروعات ڪندڙ فقيرو ايستائين316 مجسما ٺاهي چڪو آهي، جنهن ۾ هڪ فٽ کان وٺي 20 فٽن تائين جا مجسما ٺاهيا جن ۾سيمينٽ، پلاسٽوپيرسي، فائبر گلاس، ڪاٺ ۽ پٿر جا مجسما شامل آهن.
پنهنجي حساب سان 60 سيڪڙو ڪم کي پڳو آهيان، اڃان 40 سيڪڙو ڪم رهيل آهي ۽ اهو ڪم هن ڪم جي ڀيٽ ۾ تمام ڏکيو آهي، تعليمي ادارن ۾ آرٽ تي سٺو ڪم ٿئي پيو پر اهي ٽن ڏينهن واري ڳالهه شاگردن کي ٽن مهينن ۾ سيکاريندا آهن، جنهن سان ٽائيم جو تمام گهڻو زيان ٿيندو آهي، مجسمو ٺاهڻ بعد هڪ هفتي اندر اهو ناپسنديده ٿي ويندو آهي، ڇو جو آئون سمجهان ٿو ته ماڻهو جي پنهنجي ڪم مان متاثر ٿيڻ بعد ترقي رڪجي ويندي آهي (فقيرو).
شروعات ۾ مجسما ٺاهڻ تي ٽوڪون ڪندڙ ماڻهو اڄ فقيري جون مثالون ڏيندا آهن، بنا ڪنهن يونيورسٽي ۾ پڙهڻ جي فقيري پنهنجي ڪم ۾ جدت آڻي پاڻ کي يونيورسٽين ۾ آرٽ تي ليڪچر ڏيڻ جي قابل بڻايو.
فقيري هونئن ته تمام گهڻين گئلريز ۾ پنهنجو ڪم نمائش لاءِ پيش ڪيو آهي، ڳنهن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿيون
ڪينويس گئلري ڪراچي، سنڌ ميوزيم حيدرآباد، وي ايم آرٽ گئلري ڪراچي، ڪوئيل گئلري،حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ترڪي ۽ نيپال ۾ به پنهنجي ڪم جي نمائش ڪري پاڪستان جو آرٽ سان پيار ڪرڻ وارو چهرو ماڻهن جي سامهون آندو آهي.
ڪهڙي به شعبي ۾ هجو، نتيجن کي نه ڏسو، تعليم ۽ پنهنجو ڪم جاري رکو، ڪاميابي ضرور اوهان کي ڀليڪار ڪندي.




پروفائيل ؛ ليڪچرار حفيظه مهيسر - Roomana Mahessar

Profile should be reporting based, it is how to describe a personality, Find some uniqueness
Photo of personality
Roomana Mahessar B.S Part-III                            2K15-MC-104     
ليڪچرار حفيظه مهيسر


تعليم انسان جو هڪ زيور آهي تعليم هجڻ يا نه هجڻ جو اسان جي معاشراتي زندگي تي اثر انداز ٿئي ٿو. اسان جي اڄڪلهه جي دور جي تعليم تي گهڻو زور ڏنو وڃي ٿو. اهڙي طرح هڪ ليڪچرار حفيظه به گهڻن مشڪلاتن کي منهن ڏيئي پنهنجي اعليٰ تعليم حاصل ڪئي.
        ليڪچرار حفيظه مهيسر جنهن ڳوٺ ۾ جنم ورتو اهو علائقو تعلقه ڪنڊيارو ضلعو نوشهروفيروز  جي پٺتي پيل علائقن ۾ شمار ٿئي ٿو. حفيظه مهيسر هڪ سلچڻي ۽ عزت واري گهراڻي جي ڇوڪري آهي. حفيظه مهيسر جي گهر ۾ غربت به جام هوندي هئي، حفيظه مهيسر کي پنج ڀائر ۽ ٻئي ڀينرون اٿس، حفيظه مهيسر ٻڌايو ته منهنجو پيءُ ننڍ پڻ ۾ وفات ڪري ويو هو، جڏهن مان 5 ڪلاس ۾ پڙهندي هئس.
        ليڪچرار حفيظه مهيسر جو والد محترم انتهائي سجاڳ ۽ پڙهيل لکيل ماڻهو هجڻ جي ڪري پنهنجي ڳوٺ ۾ مڊل اسڪول جو بنياد وجهرايو جٽان ليڪچرار حفيظه مهيسر ۽ آس پاس جي ڪيترين ئي نياڻين تعليم پرائي.
        اڳتي هلي حفيظه مهيسر گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڊيارو مان ميٽرڪ ۽ هائير سيڪنڊري اسڪول ڪنڊيارو مان تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان M.Sc ڪئي. ليڪچرار حفيظه مهيسر حيدرآباد جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ به پڙهايو. ان کانپوءِ ڪميشن ۾ ليڪچرار جو امتحان پاس ڪيائين، امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ ان کي نذرت ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرار لاءِ مقرر ڪيو.
جڏهن مان هن کان پڇيو ته توهان جي زندگي جي خوشيءَ جو لمحو  ڪهڙو هو،  ته هن ٻڌايو ته مونکي الله تعاليٰ عمري جي سعادت نصيب ڪئي اها به پنهنجي امڙ سان گڏ ۽ اها پهرين نظر جيڪا ڪعبت الله شريف تي پئي ته اهو لمحو هن جي زندگي جو انمول لمحو هيو، جيڪو مان ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهان ۽ ٻيو جڏهن مونکي خبر پئي ته مان ڪميشن ليڪچرشپ ۾ پاس ڪئي آهي ته اها خوشي مان پنهنجي لفظن ۾ بيان ڪري نه ٿي سگهان.